1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

سخيءَ کان شوم ڀَلو

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سخيءَ کان شوم ڀَلو

    الطاف شيخ

    ڪو زمانو هو جو ورلي ڪو ٻاهر ويندو هو پر اڄ ڪلهه شهرن جا ته ڇا پر ڳوٺن جا ماڻهو به ولايت ويندي نظر اچن ٿا.... مرد عورتون، ڇوڪرا ڇوڪريون.... پوءِ ڪي نوڪرين لاءِ ته ڪي تعليم لاءِ، ڪي ڪانفرنسون ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ته ڪي بزنيس ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ.
    گذريل دفعي ڳوٺ هڪ مائٽ جي گهر وڃڻ ٿيو. هن جو ڇوڪرو آفيس طرفان ٽن ڏينهن جي سيمينار لاءِ سنگاپور وڃي رهيو هو. هو بيحد خوش هو. ظاهر آهي ولايت وڃڻ اسان لاءِ سماجي شان (Status symbol) بنجي ويو آهي. ٻاهر جي نوڪري ملڻ يا تعليم لاءِ يا اسڪالرشپ يا مٿئين همراهه وانگر ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪانفرنس يا سيمينار اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو ملڻ کي به هر ڪو خوش نصيبي ٿو سمجھي. مونکي حيرت ٿي ته هو مونکان هڪ ئي ساهه ۾ پڇندو ويو ته انڪل ڪنهن سڃاڻو جو ته ٻڌائيندا جيئن آئون هن سان ملي سگهان.... ڀلا سنگاپور ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون جايون گهمڻ جهڙيون آهن.... وغيره وغيره.... ان ئي قسم جا سوال ملائيشيا يا جپان ويندڙ مونکان ڪندا آهن. ۽ جيڪي ٻن ٽن ڏينهن يا هفتي ڏيڍ جي سيمينار يا ڪنهن ڪورس کي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ويندا آهن ته انهن کي آئون اهو ئي چوندو آهيان ته ”بابا توهان ٻئي جو ڪو واقفڪار معلوم ڪرڻ ته ڇڏيو پر توهانجو ڪو پنهنجو سڃاڻو يا مائٽ مٽ آهي ته ان کي به وساري ڇڏيو جو توهان کي ڪو اتي آزاد نه ڇڏيندا ته پيا گهمو ڦرو. وقت تي نيرن ڪرائي 9 بجي کان ڪلاس يا تقريرن جو سلسلو شروع ٿيندو ته شامَ جا پنج وڃي ٿيندا ۽ توهان کي لڳاتار ويهي ٻڌڻو آهي ۽ اهم نقطا درج ڪرڻا آهن ــ وچ ۾ فقط منجهند جي ماني ۽ چانهه جو وقفو ملي ٿو ۽ آخري ڏينهن تائين اهو سلسلو هلي ٿو. سو سيمينار يا ڪانفرنس دوران توهان جو ڪنهن مائِٽ يا دوست سان ملڻ کي بيحد خراب سمجھيو وڃي ٿو. ۽ جي ڪو هلي ملي اتي توهان وٽ اچي ٿو ته ان کي به خراب سمجھيو وڃي ٿو. شامَ جي وقت توهان مان اها اميد رکي وڃي ٿي ته هوٽل جي ڪمري ۾ ويهي سڄي ڏينهن جي ڪارگذاري جو احوال لکو، مليل هوم ورڪ ڪريو ۽ رلڻ پنڻ بدران جلدي سمهي رهو جيئن ٻئي ڏينهن اٻاسيون ڏيڻ بدران غور سان سيمينار اٽينڊ ڪري سگهو.“
    هر اهڙي ڪانفرنس يا سيمينار ۾، ان جي انتظاميه، حصو وٺندڙ participants کي آخري ڏينهن تي يا اهو هفتي کان مٿي آهي ته ڇنڇر ۽ آچر واري ڏينهن تي، ٽوئرسٽ بس ۾ وهاري شهر جو سير ڪرائي ٿي ... سو توهان کي ان جو فڪر نه هجڻ کپي ته ان شهر ۾ ڇا ڇا گهمجي. هونءَ به توهان ڀلي کڻي پنهنجي ٽئڪسي ڪريو ته به ايترو گهڻو ۽ سٺي طرح ڏسي نه سگهندائو جيترو توهان کي انتظاميه طرفان مقرر ڪيل گائيڊ گهمائي سگهندو. ٻي ڳالهه ته اسانجي ملڪ جهڙو حال جِتي ڪٿي ناهي جو توهان آزاد گهمندا ڦرندا وتو. ڌارين ملڪن ۾ اهڙن سيمينارن ۾ هڪ هڪ منٽ جو حِساب ڪِتاب رکيو وڃي ٿو ۽ ڪو به اٽينڊ ڪرڻ وارو سُستيءَ جو اظهار ڪري ٿو يا ڪلاڪ ٻه به غير حاضر رهي ٿو ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي بدنامي ڪري ٿو. سو ڪجهه ڏينهن لاءِ ان مقصد سان وڃڻ واري کي فقط ۽ فقط ان ڪورس يا سبجيڪٽ جو سوچڻ کپي جنهن جي معلومات ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي مقصد سان هو پنهنجي يا سرڪار جي خرچ تي اوڏانهن وڃي رهيو آهي.
    بهرحال ان ڏينهن سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ويندڙ منهنجي مائٽ جي پٽ جڏهن سنگاپور ۾ گهمڻ ڦرڻ جون جايون پڇيون ته مونکي ان تي ايڏي حيرت نه ٿي.... ها البت ان وقت ضرور ٿي جڏهن ان دوران سندس ڪو دوست اچي نڪتو جنهن جو ڪو مائٽ سنگاپور ۾ رهيل آهي ۽ هن پنهنجي مائٽ لاءِ هن هٿان ڪجهه مٺائي ۽ ٻيو سامان موڪلڻ ٿي چاهيو. مون ڏٺو ته اسانجو مائٽ ۽ ان جو پٽ، ٻئي ڄڻا انڪار يا ٽال مٽول ڪرڻ بدران جواب ۾ يڪدم ”سائين بلڪل، ڇو نه کڻي وينداسين. اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه ....“ چوندا رهيا. اهو به اسانجي ملڪ جي ماڻهن جو هڪ خاص اسٽائيل آهي! خاص ڪري مون پنهنجي سنڌين ۾، خاص ڪري مسلمان سنڌين ۾ ڏاڍو ڏٺو آهي ته ڪنهن به ڪم لاءِ کڻي چئه ته بنا سوچي سمجھي ته آيا اهو ڪم ٿي به سگهندو يا نه ... ڪرڻ جهڙو آهي يا نه .... بنا غور ڪرڻ جي، اسين يڪدم وڏي ڊاڙ ڦٽاڪ اهڙي هڻنداسين ڄڻ ملڪ جا والي مرشد هجون. وري جي کڻي مجبوري ڏيکاربي ته اڳلو ڏک پيو ڪندو ته دوست ٿي ڪري هي معمولي ڪم به نٿو ڪرين .... ٻه ٽي ڪلو سامان جا کڻي وڃڻ سان ڇا لهي پوندين ... وغيره. بهرحال اسان واري مائٽ ۽ هن جي پٽ توڙي هن وٽ آيل دوست جي مٿين گفتگو مان مون يڪدم اندازو لڳايو ته ٻئي ڌريون بيوقوف ۽ ساديون آهن ۽ ان قسم جي سادگين ئي اسان جي ماڻهن کي ماريو آهي. مون هنن کي ڪجهه نه چيو .... اڃان به مونکان صلاح وٺن ها ته کين کڻي حالتن مطابق حقيقتون ٻڌايان ها پر اڄ اها ڳالهه ياد ڪري پنهنجي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکي رهيو آهيان ته ان جاءِ تي اسان سنڌين بدران ملئي، جپاني يا ويندي سنڌي هندو هجي ها (جو مشاهدو اهو ٿو ٻڌائي ته هو اسان مسلمانن کان وڌيڪَ ڄاڻَ رکندڙ ۽ سنجيده طبيعت جا آهن) ته هو نه ٻئي کي پنهنجو سامان کڻي وڃڻ لاءِ چوي ها نه ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي پاڻ کڻي وڃڻ لاءِ هائوڪار ڪري ها. ڇو جو ايئرپورٽن تي غير قانوني شيون کڻي سفر ڪرڻ ۾ ايترا ته ڏوهه ٿين ٿا ۽ انهن جون سزائون ايڏيون ته سخت آهن جو ڪير به ٻئي جي سامان کڻڻ جو ته رسڪ نٿو کڻي پر پنهنجو سامان به پاڻ وٽ سوگهو رکي وهي ٿو ته متان بي خيالي ۾ ڪو سندس سامان ۾ ڪا غلط شيءِ وجھي ڇڏي ۽ هن لاءِ مصيبت پيدا ٿي پوي.
    ياد رهي ته سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ته چرس، آفيم، گانجو يا ان قسم جي نشي جي شيءِ جو فقط اڌ تولو (يا شايد ان کان به گهٽ) رکڻ جي به سزا ڦاهي آهي. اهو قانون انهن ملڪن ۾ 1986ع کان لاڳو ڪيو ويو ۽ مونکي ياد آهي ته ان قانون پاس ٿيڻ بعد ان جا پهريان victims هڪ نيوزيلينڊ جو ۽ هڪ آسٽريليا جو ٽوئرسٽ ٿيو هو. انهن ٻنهي ملڪن جا وزير اعظم ملائيشيا ۾ وزيراعظم مهاتير وٽ اچي ويهي رهيا ته به هنن جي ڳالهه نه مڃي وئي ۽ قانون کي قائم ۽ سڀني لاءِ هڪ جهڙو رکڻ لاءِ ٻنهي کي ڦاهي ڏني وئي. ملائيشيا ۾ اها سزا نه فقط ان قسم جو نشو واپرائڻ واري لاءِ آهي پر وڪڻڻ واري، پوکڻ واري، پاڻ وٽ رکڻ واري ۽ ٻئي کي ڏيڻ واري لاءِ پڻ آهي. ان ڪري انهن ملڪن جي هوائي اڏن تي توهان باٿ روم ۾ وڃڻ وقت ڪنهن کي پنهنجي بئگ يا ٿيلهو جھلڻ لاءِ ڏيندئو ته ان لاءِ به هو يڪدم انڪار ڪندو ۽ چوندو ته پاڻ سان ٽئاليٽ ۾ کڻي وڃ. ڇو جو هر ڪو سمجھي ٿو ته ان ۾ جي ڪنهن شيءِ جي موجودگي جي خبر پئجي وڃي ته سامان رکڻ وارو ڦاسندو، ڀلي کڻي هو قَسم کڻي ثابت ڪري ته ٻئي جو سامان آهي.
    ڪراچي جا سٺ سال جا پوڙها زال مڙس عمري تي وڃڻ دوران جدي ۾ جھلجي پيا ڇو جو هنن وٽ جيڪي ٻه اسپنج جا چمپل هئا جيڪي کين ٽڪيٽون وڪڻندڙ ايجنٽ پنهنجي ڪنهن مائٽ کي مڪي ۾ ڏيڻ لاءِ ڏنا هئا، انهن ۾ هيروئن پيل هئي. هنن جي هڪ به نه ٻڌي وئي ته اهي چمپل ڪنهن ٻي همراهه پنهنجي مائٽ لاءِ ڏنا آهن. مڃان ٿو ته منهنجي مائٽ جي پٽ کي سنگاپور کڻي وڃڻ لاءِ جيڪا مٺائي ڏئي رهيو هو ان ۾ ڪا خرابي نه هوندي ته به اهڙين شين خاص ڪري کاڌي پيتي جي شين کي ٻي ملڪ ۾ کڻي وڃڻ کان گريز ڪجي. ڇو جو ڪيترن ميون ۽ رڌل شين کي ڪيترن ملڪن ۾ آڻڻ جي اجازت ناهي. اسان جي ملڪ ۾ هر ڪا شيءِ هلي ٿي ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ٻين ملڪن ۾ به قاعدو قانون ڍرڙو آهي. يورپ ۽ آمريڪا پاسي جا ملڪ ته بيحد خبردار رهن ٿا ۽ نِمڪو جهڙي شيءِ جي به اجازت نٿا ڏين جو هنن کي ڊپ آهي ته متان انهن ۾ جراثيم هجن ۽ سندن ملڪ جي ماڻهن کي بيمار ڪن .... خاص ڪري اسان پاڪستانين کان ته ايشيا جي ملڪن جا ماڻهو به گهٻرائين ٿا جو اسان وٽ اڃان تائين نه پوليو تي ڪنٽرول ٿي سگهيو آهي نه مليريا ۽ ٽائفائيڊ تي. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا سڄو جنگل آهي، مڇرن سان ڀريو پيو آهي، پر مجال آهي جو ڪنهن کي مليريا ٿئي!
    ڪيترائي اسان جا ٽوئرسٽ يا خاص ڪري اُهي جن کي ٻاهر نوڪريون ملن ٿيون، انهن کي ڏسندو آهيان ته هنن لاءِ ٻاهر روانو ٿيڻ ائين هوندو آهي جيئن اڄ کان 60 سال اڳ اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو حج تي ويندا هئا. هو پاڻ سان اٽا، چانور، مرچ مصالحا ويندي سُڪا گوشت ۽ مڇيون کڻي ويندا هئا جو هڪ ته انهن ڏينهن ۾ حج لاءِ ٽي مهينا وڃڻو پوندو هو ۽ ٻيو ته سعودي عرب ۾ غربت هئي.... کاڌي پيتي جي شين جي قلت هئي. پر حيرت ٿيندي آهي جڏهن اڄ جو مسافر پاڻ سان اوٽ پٽانگ شيون کڻي نڪرندو آهي. ڀائي! اڄ ڪلهه سڄي دنيا هڪ ٿي وئي آهي جِتي ڪٿي نان، ڊبل روٽي، مرچ مصالحا ملن پيا. ڪراچيءَ مان ڇو ٿا هڙون ٻڌي نڪرو؟ ڀلا جي ڪنهن ملڪ ۾ ڪا هڪ اڌ شيءِ نٿي ملي ته به مڙيئي خير آهي. توهان جي ٻوڙ ۾ هئڊ، اڇو جيرو، جئڦل يا جاوتري نه پئي ته ڪا اهڙي وڏي ڳالهه ناهي ... ۽ اسان پاڪستانين کي ته اڃان به انهن ڳالهين ۾ احتياط ڪرڻ کپي جڏهن ته اسان اهڙا بدنام ٿي چڪا آهيون جو اسان لاءِ چيو وڃي ٿو ته حج ۽ عمري لاءِ ويندڙ پاڪستاني مرد ته ڇا پر عورتون پنهنجن خاص عضون ۾ چرس/هيروئن جهڙيون نشيدار شيون لڪائي سمگلنگ ٿيون ڪن! ويجھڙائيءَ ۾ هڪ اسانجو هم وطني ٽوڪيو ايئرپورٽ تي ان ڪري خواهه مخواهه جھلجي پيو جو هن جي مصالحن جي لفافي ۾ خَس خ!س هئي. خس خس جيتوڻيڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا مون ڏٺو آهي ته جرمني ۽ پولنڊ جهڙن ملڪن ۾ به ڪيڪ پيسٽرين مٿان تِرن جي ٻج وانگر ڇٽي وڃي ٿي ۽ عام کاڌن ۾ به استعمال ٿئي ٿي پر هو ڇا چوندا آهن ته غريب جو ٻار ڪتا پاليندو ته چوندا ڪارو منهن ٿيو اٿس. امير جو ٻار پاليندو ته چوندا شوق ڪيو اٿس. سو اهائي شيءِ ڪنهن گوري جي بئگ مان نڪري ها ته ڪسٽم آفيسر ڌيان به نه ڏئي ها پر اسان دنيا ۾ ايڏو ته بدنام ٿي ويا آهيون جو ڏني نه ورتي اسان تي شڪ ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري ته آئون چوان ٿو ته ڌارين ملڪن ڏي جي سفر ضروري آهي ته خبرداري سان هلو. اهڙي تهڙي ڪا شيءِ يا ڪو اهڙو ڪم نه ڪريو جيڪو توهان جي سفر کي unpleasant بڻائي. خس خس جيڪا توهان لاءِ مصالحي جو قسم آهي پر سونگهڻ وارا ڪتا ته يڪدم اچي توهان جي بئگ وٽ بيهندا جو خس خس ڏوڏي (poppy) جو ٻج آهي ۽ پاپي مان ئي ته آفيم ٺاهيو وڃي ٿو.
    ڪنهن مونکان پڇيو ته ڪو دوست ولايت کڻي وڃڻ لاءِ سامان ڏئي ته ڪيتري حد تائين خبردار رهجي. مون وراڻيومانس ته پهرين ته دوست کي اهڙي ڪم لاءِ هرگز نه چوڻ کپي. ڪنهن مائٽ مٽ لاءِ هن کي سامان موڪلڻو آهي ته Post ذريعي ئي موڪلي. 4 ڪلو سامان جا ٻه هزار رپيا پوسٽ خرچ ٿئي ٿو. دوست کي پريشان ڇو ڪجي. جيسين خبرداري جو سوال آهي ته کاڌي پيتي جون شيون ته نه کڻجن پر خشڪ شيون به نه کڻجن.
    ”ڀلا ڪپڙا گنديون؟“ هن پڇيو.
    ”انهن کي به avoid ڪجي ته بهتر.“ مون چيو ۽ کيس ٻڌايم ته لنڊن هيٿرو ايئرپورٽ تي ڪيئن هڪ پاڪستاني کي سزا اچي وئي جيڪو ڪنهن جو باٿ ٽاول کڻي پهتو هو. چرس سونگهڻ وارا ڪتا ۽ مشينون هن جي بئگ کي چھٽي ويا. خبر پئي ته ان ٽوال ۾ چرس آهي جنهن کي پاڻي ۾ ٻوڙي نپوڙيو ويو ته چرس جي سالوشن نڪتي. اهڙا انيڪ مثال آهن جن ۾ نوي سيڪڙو کان مٿي غريب ۽ سادا ماڻهو ڦاسن ٿا جن کي ٻين طرفان جڏهن سامان چهٽايو وڃي ٿو ته حضور شرمي ۾ هو انڪار به نٿا ڪن. بهتر اهو آهي ته سفر جي معاملي ۾ ”سَخيءَ کان شوم ڀلو جو ترت ڏئي جواب“ تي عمل ڪجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,753
    ورتل پسنديدگيون:
    2,729
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    وا ه لاجواب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو