ڪَتِينِ ڪَرَ مَوڙِيا، ٽَيڙُو اُڀا ٽَيئِي رَاڻَو راتِ نہ آئِيو، وَيلَ ٽَرِي وَيئِي کُوءِ سا کاڻِي راتَڙِي، جا پِرِيُنِ رِيَ پَيئِي مُون کَي ڏَنءُ ڏَيئِي، وَڃِي ڍَولِيو ڍَٽِ قَرارِيو سُرُ مُومَلَ رَاڻَو ڪَتِنِ = ڪَتِيُون - ڇهن تارن جو جهڳٽو، جنهن کي پارسيءَ ۾ پروين، عربيءَ ۾ ثريا چئبو آهي. ڪتيون وِڇُونءَ جي لهڻ کان پوءِ اڀرن ٿيون ڪَرَ مَوڙِيا = وچ آسمان کان لهي هيٺ اولهندي پاسي لڙي ويون ٽَيڙُو = سڌي ليڪ ۾ ٽي روشن تارا، جيڪي ڪتين کان پَهرُ کن پوءِ اڀرندا آهن. اُڀا = بيٺا آهن، موجود آهن وَيلَ = مهلَ، وقت، گهڙي ٽَرِي = گذري، لنگهي کُوءِ = ٻَنِ پئي، جيڪر کڏ ۾ اڇليان کاڻِي = سڙيل، باھ لڳل ڏَنءُ = صدمو، ڏک، ڏنڀُ، عذاب ڍَولِيو = پرين، محبوب قَرارِيو = آرامي ٿيو بيت جو پس منظر ~ هينئر تہ ڪتيون بہ لڙي ويون آهن. ~ راڻَي جَي اڄ رات اچڻ جِي مهل ٽري وئي آهي. ~ هي رات جيڪا راڻي بنا گذري سا کڏ ۾ اڇليان، باھ ڏيانس. ~ مون کي تڪليف ۾ وجهي راڻو پاڻ ڍٽَ ۾ آرامي آهي. سمجهاڻي شايد محبوب کان سواءِ ڪائنات ۾ ٻي ڪا اهڙي شئي ناهي، جنهن جي نہ هجڻ سان زندگيءَ جو ڪارو وهنوار متاثر ٿيندو هجي. محبوب جي ڇِڪَ ۽ سڪَ ماڻهونءَ کي ماري وجهي ٿي، هي سِڪَ ڏاڍي اذيت ناڪ ۽ ڪربناڪ هجي ٿي. ڪاڪ محل جِي وينگس مومل سان راڻو رُسِي ويو آهي. کيس پرچائڻ لاءِ مومل سڀ حيلا وسيلا، ميڙ منٿون، ايلاز ۽ ڳچيَ ڳارا ڪيا پر راڻو رٺل ئي رهيو. مومل راڻَي جي انتظار ۾ روئندي رات گذاري ڇڏي آهي. هينئر ڪَتِيُون بہ ٿڪجي پنهنجي اڳئينءَ منزل ڏانهن لڙي ويون آهن ۽ انهن جِي جاءِ اچي ٽيڙن والاري آهي. راڻَي جَي اچڻ جو امڪان ختم ٿيندو پيو وڃي. راڻو اڄ بہ نہ آيو، سندس اچڻ جي مهل ٽري جو وئي آهي. مومل گذريل رات تي ڪاوڙ ڪندي چئي ٿي تہ : هر اُها رات جيڪا منهنجي محبوب کان سوءِ گذري ٿي، تنهن کي کڏ ۾ اڇليان، باھ ڏئي ساڙيانسِ. مومل راڻَي کي پرپٺ ميارون ڏيندي چئي ٿي : او راڻا !! مون کي اوجاڳا، اوسيئڙا، عذاب ۽ اذيتون ڏيئي پاڻ ڍٽَ ۾ عيش آرام پيو ڪرين. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____