ڪوشش ڪريو تہ ڪو پڙھيل لکيل سنڌي قومپرست اڳواڻ اڳتي اچي جيڪو ڀتاخوريء قبضہ مافيہ جي سرپرستي نہ ڪري

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    هڪ دوست Qamar Rustamani (محمد خان سيال) جي پوسٽ Gen Musharraf Observed Racial Discrimination Against Sindhis سندھیوں کے خلاف نسلی امتیار رکھنے والا جنرل (ر) پرویز مشرف (محمد خان سیال / 28 جون 2015) تي کي ٿو ته:
    [​IMG]
    Qamar Rustamani
    ڪوشش ڪريو تہ ڪو پڙھيل لکيل سنڌي قومپرست اڳواڻ اڳتي اچي جيڪو ڀتاخوري ء قبضہ مافيہ جي سرپرستي نہ ڪري جيۂن قادر مگسي ء ٻيا سنڌي نام نھاد اڳواڻ ڪري رھيا آھن.ڇا توھان جي ذھن م آھي ڪو اھڙو اڳواڻ. نالو کڻو.

    سنڌي ميڊيا (ساليووڊ) جو جواب
    دوست اڳواڻ نالي کڻڻ سان نه ٺهندا آهن ۽ ٺهڻ ۾ مرحلا ۽ ڏهاڪا لڳندا آهن. جي نالو کڻجي به ته توهانجي ۽ مُنهنجي هڪ ووٽ سان ڇا فرق پوندو. اڳواڻ ته اُهو جيڪو ٻين صوبن ۾ ۽ انٽرنيشنلي به مقبول ٿئي.
    ٻي ڳالهه ته اهڙا مقبول ۽ انٽرنيشنل اڳواڻ پوءِ به اسٽيبلشمينٽ جيئرا ڪيئن ڇڏيندي ۽ خاص طور سنڌ جي ڪنهن اڳواڻ کي جيڪي انٽرنيشنلي مقبول ٿين ٿا ته جيئرو ڪيئن رهڻ ڏيندي، کين يا سلو پوئيزن ڏئي ماري گهر ڀيڙو ڪندي (قائد اعظم) يا ڦاهي چاڙهيندي (ذوالفقار علي ڀُٽو) يا راولپنڊيءَ ۾ ليرگن هڻي مارائي ڇڏيندي (شهيد بينظير ڀُٽو) . ڀلا جي قوم پرست اڳواڻ ڪنهن جديد فيڪٽريءَ مان ٺهندا به ته هڪ ڪاز ۽ مقصد هوندي به پاڻ ورهائجي ويندا ۽ وڻ وڻ ٿي ويندا يا ذاتيات تي اڳتي هلندا ۽ پوءِ هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن کان پنهنجو حصو وٺي (بظاهر يا خفيه) اندران ئي سنڌ جو سودو ڪري ويهندو ته خبر ئي ڪان پوندي.
    ته فلحال اڄ جي سنڌ جي انهن زبون حال فيڪٽرين مان اڳواڻ تيارٿڻ ممڪن ئي ناهي جيسين ڪه سنڌي ماڻهن جي برين واش ڪري ذهنيت نٿي بدلائي وڃي. ۽ ادا برين واش به تڏنهن ڪم ڪندي جڏنهن سنڌي ماڻهن کي نشن کان پري ڪبو ۽ نشي واپرائڻ کان حقارت ڪرائبي ۽ ڇو جو ممڪن ئي ناهي ته نشائي سنڌي ڪڏنهن به سنڌ جو سچو اڳواڻ بڻجي سگهي، هو ته نشي جي علت پوري ڪرڻ لاءِ ، آسانيءِ سان سنڌين کي ٽوڙي ۽ جوڙي گروپ بنديون ڪندو ۽ مشن تڪميل تي آقائن کان مفت نشو وٺي علت پوري ڪندو.
    جي ڪُجه ڪرڻو آهي ته پهرئين جتي به آهيو، ڪوشش ڪريو ته ڪو دوست، يار، مٽ مائٽ، ڪو هٿ جڙيو ليڊر نشائي نه هُجي. ڀلا ا توهان ڪنهن نشائيءَ کي پنهنجو ليڊر تسليم ڪري سگهندئو ، جيڪو پوءِ نشي جي علت پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ جو سودو ڪري ويهي ۽ سهولت ۾ قبضا مافيه، يا ڀتا خور ۽ رشوتي يا سنڌ جا راز وڪڻڻ وارو بڻيو رهي ۽ مٿس ڪو قانون لاڳو نه ٿئي؟
    جي باشعور سنڌي تيار ڪرڻو آهي ته پهرئين انهن کي (نادر شاه جي ٿوپيل) پيري مُريديءَ جي چڪر مان ٻاهر آڻيو، پوءِ (عباسين جي چوٿين خليفي معتصم با الله ۽ اهو مشن وڌائيندڙ ميرن) جي نشائي عادت مان جان ڇڏايو، جنهن سان هو آسانيءَ سان غلام بڻجي بُرائيءَ ۾ سهولتڪار بڻجي ٿو، ۽ پوءِ آخر ۾ براين وارن ڪردارن جي پروموشن ڪندڙ انهن جي(درباري ليکڪن، شاعرن، گلوڪار) جو احتصاب ڪريو جيڪي توهانجي ذهن ۾ فحاشت، فحاشي عشقيت، ٺرڪ ،ڌاڙييتل، ڀوتاريت ۽ موالي ڪلچر وجهي ، ڪمزوز ذهن ۽ مجرم ٿيڻ تي مجبور ڪن ٿا، پوءِ اهڙن ڊرامن جو سيڊيون ۽ ڊيويڊيون ساڙيو سنڌ ۾ انقلاب آنيو جنهن ۾ اهو زهر وجهي توهانکي هوٽلن ، اوتارن ۾، نيڪوڪارن، بُزرگن، ولين، دروين، صوفين جي مزارن جي گرڊ قائم (اوتارا يونيوسٽيون ٺاهي پياريو وڃي ٿو ۽ آڄ جي ميڊيا دئور ۾ ته اهو زهر سڌو سئون توهان جي ذهن ۾ انجيڪٽ ڪري ۾ هڪدم ڪم ڪرڻ لاءِ گهڻي ڀاکي اهڙن سنڌي ڊرامن ۽ خبرن يا فحش گانن ۽ ماڊلنگ وسيلي تمام آسانيءَ سان (فحاشيت، جهالت، ڌاڙيلگيري، موالي ڪلچر، ڀوتار ڪلچر، ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر) جي واکاڻ ڪري ڀريو وڃي ٿو ته جيئن توهان سنڌ جو ٽيلنٽ ۽ علم جو طالب ، صحيح معلم بڻجڻ بجاِ، (لوفر پائي، ٺرڪ باز، موالي) رهو ۽ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رهو، پوءِ توهانجي رهنمائي ۽ مدد ڪري توهانکي علائقي جي اهڙن پيرن، ميرن، ساهن، ڀوترن، جاگيردارن، رئيسن، ڪانڀو خانن) جي سهڪار سان گوسڙو ۽ گهوسڙو اُستاد، ڊاڪٽر يا راشي ڪامورو ٺاهيو وڃي ٿو ۽ آخر ۾ توهان کي خوش ڪري غلام بڻائي رکڻ لاِ ڪوڙيون يا ڪاپي ڪلچر تحت ڊگريون ڏئي پڙهيل لکي جاهل بڻايو وڃي ٿو ۽ ميرٽ جي کُلي لتاڙ ڪري، ڪمپيٽ ڪري اچڻ بجاءِ سفارشي ڪلچر جي وسيلي ادارن ۾ سڻڀيون نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون. ته ڇا توهان کان اهي مفت جون سهولتون ڇڏبيون؟
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اي سنڌ قوم ! آخر توهان ڪڏنهن بالغ ۽ عقل وارا ٿيندئو! ڪاش ڪو واڻيون يا ميمڻ توهانجو اُستاد هُجي ها.
    خدارا هوش ۾ اچو، فلحال پاڻ ۾ ذاتي پسند ناپسند ڪري ڏند چڪ ڏئي سنڌ دشمنن قوتن جا بي دعوتي پارٽنر نه بڻجو ۽ سوچو سمجهو ، جي عقل ذرو به بچيل آهي ۽ پيرن ميرن، شاهن جي پياريل نشن دماغ خشڪ نه ڪري ڇڏيو آهي، ته اڄ سنڌ جو وُجود خطري ۾ آهي، ايترو جيترو اڳ ڪڏنهن به نه هو. توهانجي حرڪتن ۽ پاڻ ۾ جهيڙن جي ڪري سنڌ (پنجابي ڪالوني) بڻجي ويندو، ڇو جو سنڌ معدنيات، گئس، پيٽرول ، سون سان مالا مال ۽ سمنڊ وارو علائقو آهي. دشمن قوتون توهان جي پاڻ ۾ وڙهڻ جو فائدو وٺي توهان کي استعمال ڪنديون ۽ ڪوڙي اهميت به ڏينديو جنهن تي توهان جا ڏند به ٽڙندا ۽ توهان فاتح نه پر مفتوح بڻبئو.۽ هو قوتون توهان کي وڻ وڻ ڪري توهان کي پاڻ ۾ وڙهائي ، سنڌ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿيون. فلحال سنڌ جي سوچو ته بهتر ٿيندو، متان پوءِ پڇتايو (جب چڙيا چُگ جائيگي کيت) ۽ توهان وٽ وڙهڻ لاِ ڪُجه به نه بچندو، گهٽ ۾ گهٽ اهو محاورو ته ياد رکو آهي (پنهنجي وڍئي جو نه ڪو حبيب نه ڪو طبيب). الله توهانکي شال ڪو عقل ۽ فهم ڏي. اي پيرن، شاهن، ميرن، جاگيردارن، رئيسن، ڪانڀوخانن، ڪامورن ۽ ڀوتارن جي غلام قوم. اڄ پنهنجي وُجود جي بقاءَ لاِءِ سُجاڳ ٿيو ۽ سوچيو. ٻيو نه ته بنگالين سان 1971 جو حشر ڏسي سکو . جن جو ميڊيا ٽرائيل ڪري ، کائن نفرت ڪري، کين باغي بڻايو ويو ۽ هاڻ توهان ۾ گهسڻ لاءِ ميڊيا ٽرائل ۽ توهانکي لالچون ڏينديون، لانچ ٿيندڙ پنهنجي سياسي پارٽيءَ جي ڪلچر ونگ جو صدر يا چيرمين ٺاهينديون ،جو هو سنڌ دشمن قوتون سمجهن ٿيون ته اسان ڪم چور، گهٽ محنت ڪش سنڌي ، لالچي قوم ۽ مُفت ته لامارا هڻڻ واري قوم آهيون. ايستائين جو هيروئن، ڀنگ، ٺرو ۽ چرس جهڙا جهڙا زهر مُفت ۾ ملن ته به پيو، سڄو ڏينهن سُمهين رهندا آهيون ۽ پنهنجو هر سال ملائجندڙ سنڌي ڪلچر364 ڏينهن وساري پوءِ ڀنگين جو ڊريس ڪوڊ، (ڪاراين ۾ رنگين داڳا، پيرن ۾ چوڙا، ڪنن ۾ واليون، ٽي شرٽ ۽ ڦاٽل جين ۽ پيرن ۾ چپل ۽ پوءِ مُٺ ۾ ڀريل سگريٽ جا سوٽا ڀري) هوٽلن تي ويهي ڦٽاڪا هڻندا آهيون. توهانکي جي خبر نه ُجي ته پنهنجي وڏن پوڙهن بُزرگن کان پُڇو ته اهو ڊريس ڪوڊ ڀنگين جو هو يا سنڌين جو؟ ،پوءِ ڇا جو اسڪول، ڇاجي نوڪري، ڄاڻي واڻي توهانکي گهوسڙو ۽ گوسڙو جي عادت وجھي گهري ننڊ ۾ سُمهاري ڇڏيندا ۽ پوءِ ٻنهين هٿن سان سنڌ جا سڀئي معدني ريسورسز ، زمينون بغير ڪنهنجي ڊپ ڊاءَ جي لٽي، برٽش رولرز وانگر کڻي هليا ويندا ۽ پويان پيا مٿو ۽ پٽڪو ڪجو. دشمنن جي چالن ۾ ۽ ميڊيا ٽرائلس جي جادوءَ کان بچو جو سوال آهي سنڌ جو. نه تُنهنجو، نه مُنهنجو. خدارا سنڌ کي بنگال ٿيڻ نه ڏجو.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو