ڪاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِئا، ٻَرِئَا مَحلَ ماڳَ سَوڍَي جَي سَرَتِيُون!، وِڌيَسِ وَهِ وَيراڳَ سُورَنِ لَايا سانگَ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين سُرُ مُومَلَ رَاڻَو ڪاڪِ = راجستان جي نديءَ جو نالو - جنهن تي مومل ڪاڪ محل جوڙايو هو. ڪَڙهِي = رِجِي، پَچِي، سَڙِي، جَلِي، ٻَرِي مَحلَ = محلاتون، بنگلا ماڳَ = هَنڌَ وَهِ = عشق، عشق جي جنبش، جوش وَيراڳَ = وڇوڙي، فراق، جدائي سانگَ = روپ، حيلا، حرفتون، مختلف صورتون سُپِرِين= پرين، محبوب بيت جو پس منظر مومل چئي ٿي: ~ ڪاڪ جا محل، ماڙيون ۽ وڻ ٽڻ بہ سڙي ويا آهن. ~ او سرتيون ! سوڍي جَي وڇوڙي تہ عشق جا آڙاھ ٻاري ڇڏيا آهن. ~ او راڻا ! تنهنجي نت نَوَنِ سُورنِ تہ ڦٽي وڌو آهي، هاڻي جلد پهچ. سمجهاڻي عشق اندر ۾ باھ لڳائيندو آهي ۽ اُها باھ پاڻيءَ سان ناهي وسامندي. رات توڙي ڏينهن ماڻهو پاڻ کي ڪنهن کُورَي اندر سڙندو ۽ پچندو محسوس ڪندو آهي. هي عشق جي آڳ ۽ ٻرندڙ لاوا محبوب جَي ملڻ سان ئي ماٺا ٿيندا آهن. راڻو ڪنهن ڳالھ تي ڪاوڙجي ڪاڪ کان ڪنارو ڪري، مومل کي جيئري ئي ماري هليو ويو آهي. ڪاڪِ جيڪا پنهنجي سُونهَن سُندرتا، حُسنَ ۽ محبوب جَي ادائن جَي ڪري مشهور هئي ۽ جتي پيار پلبا هئا. جتي حسينائون پنهنجي طلسمي گُهورُنِ سان گهوٽ گهائينديون هيون، اڄ ويران ۽ سنسان آهي. ڪاڪِ جي خوشبودار وڻن، گلاب، رابيل ۽ چنبيليءَ جَي مهڪندڙ ٻوٽن، حسين نظارن ۽ محلاتن کي ڄڻ ڪنهن باھ ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو آهي. هن باھ کان ڀلا مومل ڪيئن ٿي بچي سگهي. راڻَي جَي رُسڻ ۽ وڇوڙي کان پوءِ هن عشق جَي آڳ مومل کي بہ پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. مومل پنهنجي محبوب راڻَي کي وينتي ڪندي چئي ٿي: او راڻا ! هي اوجاڳا، عذاب ۽ اذيتون مون کي ماري وجهندا هاڻي جلدي اچ. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____