حالُ قُربانُ، مالُ قُربانُ، گهورِيان لُڊاڻَو فِدا ٿِيَ فَقِيرِ جو، شَلَ رُسَي مَ رَاڻَو مُيِنِ سِين ماڻَو، مُناسِبُ نَہ مَيڌِرا سُرُ مُومَلَ رَاڻَو قُربانُ = صدقو ڪيان، فدا ڪيان، گهوريان لُڊَاڻَو = پراڻو نالو لودورو- جيسلمير ڀرسان جبل ٽڪريءَ تي اڏيل شهر جو نالو، لڊاڻو ڏهين کان ٻارهين صدي عيسويءَ تائين راجپوتن جَي گاديءَ جو هنڌ هو. شهر کي ٻارهن دروازا ۽ ٻہ وڏا مندر هئا هڪ ماتا جو مندر ۽ ٻيو پارشو ناٿ جو مندر. فَقِيرِ = فقيرياڻي، جوڳياڻي مَ = نہ مُيِنِ = مئلن سان، قرب جي ڪٺلن سان ماڻَو = رُسامو، ليکو، ڪاوڙ، ڏمر بيت جو پس منظر مومل چئي ٿي: ~ راڻَي تان تنُ، منُ، ڌنُ ۽ لُڊاڻَو بہ گهوري ڇڏيان. ~ شال راڻو هن فقيرياڻيءَ سان نہ رُسَي. ~ او راڻا ! جيڪي تنهنجي قرب ڪُٺِيُون آهن تن سان ليکا نہ ڪر. سمجهاڻي محبوب اهڙي ملڪيت، املھ ماڻڪ ۽ انمول هيرو آهي, جنهن تان سڀ ڪجھ صدقو ڪرڻ لاءِ دل چوندي آهي. تڏهن ئي تہ مومل پنهنجو سر ساھ، سُونهَن سُندرتا، مال دولت، ڪاڪ محل ۽ لُڊاڻَو بہ گهورڻ لاءِ آتي آهي. جڏهن راڻو رُسِي ڍٽِ هليو ۽ موٽڻ جِي نہ ڪيائين تڏهن مومل ڪارو ويس ڍڪي فقيرياڻي ۽ جوڳياڻي بڻجي راڻَي کي پرچائڻ لاءِ سندس ڍٽ واري محلات جَي سامهون، هڪ عاليشان ماڙي جوڙائي رهڻ لڳي هئي. جنهن جا ڦٽل نشان اڄ تائين امر ڪوٽ کان سڏ پنڌ تي موجود آهن. راڻَي سان چوپَڙِ راند ڪندي نقاب پهريل مومل جي ٻانهَن تان ڪپڙو لهي ويو. راڻَي ٻانهَن جو تِرُ ڏسي سڃاڻي ورتو تہ هيءَ مومل آهي. راڻَي مُنهُن ڦيريو تہ مومل سندس پيرن تي ڪري پئي، ٻانهون ٻڌي ايلاز منٿون ڪندي چيائينسِ : ڏس راڻا ! تنهنجي عشق ۾ جيڪي قتل ٿيل آهن تن سان هي رنجشون ۽ رُوساما نہ ڪر، مون کي معافي ڏي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____