سُهڻا توکي ڪيهو هاڻِي هاڻِي، ڏواراپو ڏيان، ڀلو مَن موهَڻا؟

'سچل سارو سچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سُهڻا توکي ڪيهو هاڻِي هاڻِي،
    ڏواراپو ڏيان، ڀلو مَن موهَڻا؟

    وس ويچاريءَ جو ناه اَصل کَون،
    تون پرين پاڻهين ڄاڻِي.

    اَندر منهنجي وو آهي اوهان جِي،
    ڏاڍي سا سِڪ ساماڻِي.

    اَوهان ٻاجھون ويٺي اوتيان،
    پنبڻين مان پاڻِي.

    سچو اَوهان جو آهي اَصل کَؤن،
    پنهنجو سو سڱ سُڃاڻِي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو