پَسُ توشَڪُون تَڪِيا، سَي ئِي وِهاڻَا پَسِئو هَنڌَ پَچَي هِيِون، جَي حَبِيبَنِ هاڻَا هِڪُ ڏُنگا ڏاڏاڻَا، ٻِئو موٽِيو تان نَہ مَينڌِرَو سُرُ مُومَلَ رَاڻَو پَسُ = ڏِسُ، اچي ڏس توشَڪُون = گاديلا، پٿرڻيون تَڪِيا = طول وهاڻا پَسِئو = ڏسئو هَنڌَ = بسترا، چادرون، ڪمبل پَچِي = جَلِي، سَڙِي هِيِون = دل، مَنُ حَبِيبَنِ هاڻَا = جن تي محبوب سُتا آهن ڏُنگا = داٻا، دڙڪا، ڌمڪيون، دهمان ڏاڏاڻَا = ڏاڏاڻن کان بيت جو پس منظر مومل چئي ٿي : ~ او راڻا ! هي خالي گاديلا، پٿرڻيون، پلنگ ۽ وهاڻا تہ اچي ڏسي وڃ. ~ اُهي بسترا جن تي مومل راڻَي سان رهاڻيون ڪندي هئي ڏسيو من کي باھ لڳي ٿي وڃيسِ. ~ هڪ پاسي ڏاڏاڻن جا دڙڪا تہ ٻئي پاسي راڻو بہ نہ آيو. سمجهاڻي جڏهن محبوب ڪاوڙجي هليا ويندا آهن تہ سندس استمعال ڪيل شيون جيڪي محبوب جون نشانيون بہ هونديون آهن. چمي ڪڏهن اکين سان لائبيون آهن تہ ڪڏهن ڇاتيءَ سان. اهي محبوب جون ڇڏيل نشانيون ڏسي ڪڏهن تہ خوشي ۽ سرهائي محسوس ٿيندي آهي تہ وري ڪڏهن اکين جا بند ڀڄي پوندا آهن. اڄ ڪاڪِ تي سانت ڇانيل آهي ويراني ۽ اُداسي آهي چوطرف، مومل جو سڀ ڪجھ لٽجي ويو آهي، راڻو جو رُسِي ويو آهي. ڪاڪِ جو اُهو بيڊ روم جيڪو صرف مومل ۽ راڻَي جي رهاڻين لاءِ مخصوص هو. ان جا خالي پلنگ ڏسي مومل کي راڻو ڏاڍو ياد پيو اچي. مومل جڏهن ريشمي ۽ بخملي شاهاڻا هنڌ بسترا ٿي ڏسي، جن تي راڻي جي وڪوڙيل ٻانهن تي ننڊ تي ڪندي هئي. راڻَي جي هنج ۽ ڀاڪر ۾ سمهندي هئي تہ سندس ڳچ ڳري ٿا پون، جيءُ جُهري ۽ جان جلي وڃي ٿي. مومل اڄ ٻٽي ويل ۾ آهي، هڪ پاسي مائٽن جا دڙڪا تہ وري ٻئي پاسي راڻَي بہ اچڻ جِي نہ ڪئي. اڄ مومل کي ڪو آٿت ڏيڻ ۽ ڳلن تان ڳوڙهن اگهڻ وارو ڪير بہ نہ ناهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____