لَوڌِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻَي جَي ناهِ ڪو هِڪُ اَکِيُون، ٻِئا اَنڱِڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ سَي ڪِنءَ مَيڌِرا مَچَنِ؟ جَي تو سُورِيَ چاڙهِيُون سُرُ مُومَلَ رَاڻَو لَوڌِي = شڪاري، تڙجي نڪتل، لڊاڻي وارا، سڌڙيا رُوءِ = صورت، شڪل، رونق اَنڱِڙا = عضوا، انگَ پَرِ ۾ = ڳجھ ۾، لڪ ڇپ ۾ پَچَنِ = جلن، سڙن، سيخ ڪباب ٿين ڪِنءَ = ڪيئن مَيڌِرا = مينڌرا، راڻا مَچَن = خوش گذارن سُورِيَ = ڦاسيءَ بيت جو پس منظر ~ ڪاڪ تي لکين سڌڙيا ٿا اچن، پر انهن سڀني ۾ راڻي جهڙو ڪوئي ناهي. ~ هنن ٻنهي اکين سوڌو سڄي بدن ۾ آڳ لڳل آهي. ~ او راڻا ! اُهي ڪيئن خوش گذارينديون جن کي جيئري ئي تو ڦاهيءَ ڏئي ڇڏي آهي. سمجهاڻي مومل جيڪو ڪاڪ نديءَ جي ڪپ تي ڪاڪ محل جوڙايو هو ان جَي گلن جِي سرهاڻ ۽ مومل جي حُسنَ جي هاڪ پري پري تائين پکڙجي وئي آهي. هتي نہ رڳو ڏيهي پر پرڏيهي ملڪن جا واپاري، سياح ۽ شهزادا مومل جَي الماسي اکڙين ۽ حُسنَ جو واس وٺڻ لاءِ، ڀونئر جيان لڊاڻي تي لامارا ڏيندا هئا ۽ پوءِ ڪيئي گهوٽ گهائجي ويندا هئا. انهن لکين عاشقن مان مومل راڻَي جي ڪلهن تي پوندڙ ڪارن زلفن، نشيلن نيڻن، چنڊ جهڙي چهري ۽ ڏاهپ جِي اسير بڻي هئي. هاڻي جڏهن راڻو رُسي ويو آهي تڏهن مومل پنهنجي انبوري اکڙين مان وڏڦڙو مينهن وسائيندي چئي ٿي : او راڻا ! هي ناسي نيڻ ۽ بخملي بدن تنهنجي وڇوڙي ۾ سيخ ڪباب جيان جلي ۽ سڙي رهيا آهن. هي تنهنجي حسن جون هيراڪ عاشقياڻيون تو سوا ڀلا ڪيئن خوش گذارينديون، جن کي جيئري تو ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____