رنگن جو رانديگر : سعيد منگي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    مصور سعيد منگي : رنگن جو رانديگر

    لکندڙ : حاڪم چانڊيو


    دنيا جون ٻه ٻوليون اهڙيون آهن جن کي خطن، مذهبن يا قومن ۾ ورهائي نه ٿو سگهجي انهن ۾ هڪ آهي اشارن جي ٻولي ۽ ٻي آهي رنگن جي ٻولي، رنگن جي ٻولي اشارن جي نصب وڌيڪ آسان ۽ جلد سمجهڻ ۽ سمجائڻ واري ٻولي آهي، هونئن به پنهنجا الڳ الڳ ڪري رنگ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿا، پر جڏهن جو رنگن جو ماهر يعني آرٽسٽ رنگن کي پنهنجي برش سان ڪا تخليق ڪري ٿو ته ان جي پنهنجي هڪ الڳ ٿلڳ سڃاڻپ ٿي وڃي ۽ پوءِاها تخليق شاهڪار بڻجي وڃي ٿي، پر اهو ضرور آهي ته تخليقار جيڪو به ڪجهه تخليق ڪري ٿو اهو ان ۾ ان جي آسپاس جي ماحول جو وڏو اثرهوندو آهي ۽ ماحول تخليقار تي اثر انداز ٿئي ٿو. جنهن جو مثال سنڌ جي ان نوجوان آرٽيسٽ جو آهي جيڪو دراز جي مٽي جو ماڻهو آهي پاڻ درازا جو هجڻ ڪري هن تي پهريون تخليقي اثر درازا جي شخصيت حضرت سچل سرمت جو آهي، جنهن ٻاروتڻ ۾ تخليق ڪيل پنهنجي پهرئين تخليق به سچل جي مقبري، حضرت سچل سرمت ۽ ان جي تصوف بابت تصوير ٺاهڻ سان ڪئي ۽ ان جو عنوان هو ”جنهن دل پيدا عشق دا جام“ ۽ اها تصوير اتفاق سان ايتري ته مشهور ٿي جو هن آرٽيسٽ کي ڏيهان ڏيهه مشهور ڪري ڇڏيو ۽ اهو مشهور ٿيل ان وقت جو ٻار اڄ جو وڏو ناليوارو آرٽيسٽ سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪميونيڪيشن شعبي جي سربراهه طور ذميواريون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ اهو آهي محترم سعيد احمد منگي.

    4 جولاءِ تي 1969ع ۾ خيرپور شهر ۾ تعليمي گهراڻي جي شخص محترم عنايت علي منگي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سعيد احمد منگي کي آرٽيسٽ هجڻ جو فن ورثي ۾ مليو، پاڻ ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي طرفان خانداني آرٽيسٽ ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو ناليوارا آرٽيسٽ قيوم منگي ۽ قربان منگي سندس چاچا ۽ نثار منگي مامو ۽ فتاح منگي سندس سئوٽ ۽ بهترين دوست آهي. سعيد احمد منگي جي پهريون ڀيرو 30 تصويرن جي نمائش 1982ع ۾ خيرپور شهر ۾ ڪل سنڌ ٻالڪ ميلي ۾ ڪرائي وئي، جڏهن پاڻ اٺين ڪلاس جو شاگرد ۽ 13 سالن جي عمر جو معصوم هو، هن جي ٻي نمائش 1984ع ۾ لڳائي وئي جنهن ۾ هن بهترين آرٽيسٽ جو انعام به حاصل ڪيو. 1990ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس خيرپور طرفان لڳايل نمائش ۾ پڻ سندس تصويرن جي نمائش پڻ لڳائي وئي هئي.

    پنهنجي رڳن ۾ آرٽيسٽ جو رت سمائي هلندڙ صوفي منش سعيد منگي سونهن سان گڏ صوفي ازم جي سرواڻ سچل سرمت، شاهه لطيف، شاهه عنايت، بيدل، بيڪس جي ڪئليگرافي سان گڏ سچل جي تصويرن ۽ سنڌ راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي تصويرن کي ٺاهڻ ۾ پاڻ کي فخر محسوس ڪندو آهي، اهوئي سبب آهي جو هن جي اڪثر پينٽنگس ۾ سچل ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي تصويرن جي آهي. جيڪي پنهنجي وقت جون شاهڪار بڻيل آهن، سندس دل ۾ هڪ خواهش هئي جيڪا اڻ پوري رهجي وئي ته هن سنڌ راڻي بينظيرڀٽو کي سندس ٺاهيل تصوير پيش ڪري نه سگهيو.

    محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي حڪومت طرفان 1990ع ۾ ملڪ جي نوجوان آرٽيسٽن جي همٿ افزائي لاءِ انهن جي تصويرن جي نمائش اسلام آباد ۾ لڳائ وئي هئي جنهن ۾ سعيد احمد منگي موجب سندس دوست سيد عابد علي شاهه هڪ تصوير جيڪا ڪنهن اخبار ۾ شايع ٿي هئي اها ڪٽنگ ڪري ان نمائش جي منتظيمن ڏانهن ڏياري موڪلي هئي، جنهن کي به نمائش لڳائيندڙن نمائش ۾ رکيو ۽ ان تصوير کي پوزيشن ملي. ۽ اها تصوير هئي حضر سچل سرمت جي صوفيت بابت. ان کان علاوه ملڪ جي مڃيل ادارن طرفان هن وقت تائين سعيد احمد منگي جي ٺاهيل تصويرن جون عالمي سطح جون نمائشون اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، خيرپور، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، سکر، ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن ۾ لڳي چڪيون آهن، جنهن ۾ کيس مڃتا طور سگا ايوارڊ، صوفي ايوارڊ ۽ٻيا انيڪ ايوارڊ ۽ روڪ رقمون ملي چڪيون آهن.

    گذريل 20 سالن کان حضرت سچل سرمت سان دلي لڳاءُ سبب ان جي هر عرس جي موقعي تي شايع ٿيندڙ ڪتابن، رسالن، دعوتنامه جا ٽائيل تيار ڪندڙ سعيد احمد منگي سنڌ يونيورسٽي جي فائين آرٽس شعبي ۾ ان وقت داخلا ورتي هئي جڏهن ملڪ جو ناليوارو آرٽيسٽ اي آر ناگوري شعبي جو سربراهه هو، تڏهن سعيد منگي اي آر ناگوري، انجم جاويد پيرزاده، ميڊم نصرت مرزا ۽ ٻين آرٽيسٽن جي رهنمائي ۾ آرٽ جا وڌيڪ گُر سکيا. جتان هن 1990ع ۾ بيچلر، 93 _ 1994ع دوران ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن کان پوءِ سنڌ جي مشهور اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ آرٽيسٽ طور پنهنجي نوڪري جي شروعات ڪئي پر تڪڙو ئي لاهور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويا جتان هن ملٽي ميڊيا آرٽس ۾ ماسٽرس جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ حاصل ڪئي، جتي هن جي ٿيسز جو موضوع ”ڪارو ڪاري“ هو ۽ هن اتي پهريون ڀيرو ڪارو ڪاري تي اردو زبان ۾ ڪارٽون فلم ٺاهي، جنهن دنيا ۾ سٺو نالو ڪمايو، سعيد احمد منگي ٻيهر سنڌالاجي ۾ ايگزيبيوشن آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون جتان ترقي حاصل ڪري ميوزم جو انچارج مقرر ٿيو، ان دوران هو سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين ۾ آرٽيسٽ طور به ڪندو رهيو ۽ هن وقت سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين ۾ سينيئر استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

    سنڌ جي لوڪ ڪردار، ڪهاڻين ۽ لوڪ ورثي کي آرٽ ذريعي ٻارڙن لاءِ ڪارٽون تيار ڪرڻ جي خواهش رکندڙ سعيد احمد منگي ملٽي ميڊيا جي ڪمپيوٽر گرافڪس، اينيميشن سوفٽويئر، ايڊوپٽ فوٽوشاپ، مائيڪرو ميڊيا فليش، مائڪرو ميڊيا ڊريميئر، فري هينڊ ڪورل ڊرا، ايڊوپٽ پريميئر، ڊجيٽل پرنٽنگ ۽ ٻين شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جي مهارت رکي ٿو. پاڻ هن وقت تائين 500 کان وڌيڪ مشهور ڪتابن جا ٽائيٽل، سنڌ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشنن، ڪيٽلاگ، بروشرز، سنڌالاجي مان شايع ٿيندڙ ڪتابن جي سرورقن سميت ڪيترن کي پروگرامن جا ڪارڊ ۽ ٽائيٽل ڊزائين ڪري چڪو آهي. آرٽ جي تحقيقي ڪم ۾ خيرپور ۾ ميرن جي رياست جي يادگار ۽ تاريخي فيض محل سميت سنڌ جي تاريخي ماڳن فوٽو گرافي ۽ان جي تحقيقي مقالا لکي انهن جي تحفظ لاءِ تجويزون پيش ڪري چڪو آهي جڏهن ته اُچ شريف ۾ حضرت موسيٰ پاڪ تي انٽريڪٽو سي ڊي تيار ڪئي آهي، ٿري ڊي اينيميشن ۾ سيو دي ارٿ ڪارٽون فلم ٺاهي، ان کان علاوه بيشمار اينيميٽڊ ۽ گرافڪ ڊزائينن ۾ ڪم ڪيو آهي. سعيد احمد منگي هن وقت پنهنجي تحقيقي ڪم کي اڳتي وڌائيندي سنڌ جي ماضي ۾ آرٽ ۽ چٽسالي متعلق ڪم ڪري رهيو آهي.

    سنڌ جي ناليوارن آرٽسٽ جو گهڻو حلقو دوست رکندڙ سعيد احمد منگي جا هن وقت تائين سوين نوجوان شاگردن جي دائري ۾ موجود آهن جيڪي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. سعيد احمد منگي جو چوڻ آهي ته سنڌ سڄي سونهن آهي ۽ ان سونهن تي جيترو به ڪم ڪجي اهو تمام گهٽ آهي جنهن لاءِ حڪومت کي اڳتي اچي سنڌ جي ثقافت ۽ تخليقي ذهنن کي بچائڻ لاءِ هر ضلعي ۾ اهڙا ثقافتي ۽ تخليقي مرڪز قائم ڪرڻ گهرجن، ان کان علاوه سنڌ جي ڪاليجن ۾ پنجاب جيان فائين آرٽس جو مضمون شامل ڪيو وڃي. جنهن سان نه رڳو اسان جي ثقافت بابت نوجوانن کي خبر پوندي پر فائين آرٽس مان پڙهي نڪرندڙ نوجوان کي روزگار جا موقعا پڻ فراهم ٿيندا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    4 جولاءِ 1969ع ۾ خيرپور ميرس ۾ جنم وٺندڙ سعيد منگي سان منهنجو پراڻو ناتو آهي. 1989ع ۾ جڏهن فيض هاء اسڪول ڪوٽڏجي ۾ ميٽڙڪ ۾ پڙهندا هئاسين ته سعيد صاحب اتي ڊرائنگ ٽيچر طور ڀرتي ٿي آيو ۽ اسان ڊرائنگ جا ڪلاس نه هوندي به سعيد صاحب کي فارغ پيرڊ ۾ وٺي ڪجهه نه ڪجهه سکندا هئاسين. سعيد منگي اتان ترقي ڪندي اڄ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر بڻيو آهي. سندس مصوري ۽ خطاطي ۾ وڏو نالو آهي پر 25 سالن کانپوء جڏهن آرٽس ڪائونسل ۾ملاقات ٿي ته ڀاڪر ۾ ڀري نالو کڻي مليا. سعيد جتي وڏو مصور آهي ته دل جو سخي ۽ وڏو انسان پڻ آهي.

    سعيد منگيء جي سچل سرمست تي ڪيل خوبصورت ڪيلگرافي جو البم

    [​IMG]

    سعيد منگي ۽ سليمان وساڻ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو