کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾، راڻَا وَيههُ رَهِي ماڙهُو جَي مَحَلاتِ جا، سوڍَا ڪَرِ سَهِي وَيندَئِي ڳالهِه وَهِي، وِڪَرِ پَوَندَين وَلَها سُرُ مُومَلَ رَاڻَو کوڙِ = کوڙي، هڻي، لڳائي قَناتُون = خيما، تنبو، شاميانا ماڙهُو = ماڻهون ڪَجِ سَهِي = جاچ ڪر، پڇاڳاڇا ڪر، ڳولا ڪر وَهِي = هٿن مان هلي، نڪري وِڪَرِ = فڪر، ڳڻتيون، پڇتاءُ، پشيماني وَلَها = منهنجا گهوٽ، مڙس، ڀُتار، ڪانڌ بيت جو پس منظر ~ او راڻا ! ڪاڪِ ۾ تنبو هڻي اچي رھ. ~ او سوڍا محلات ۾ جيڪي ماڻهون رهن ٿا، انهن کان جاچ ڪر. ~ او منهنجا وَرَ ! جڏهن ڳالھ هٿن مان نڪري ويندئي، ڏاڍو پريشان ٿيندين. سمجهاڻي راڻَي جڏهن مومل کي ڪنهن غير مرد سان ڀاڪر پائي ستل ڏٺو هو تہ سندس غيرت جوش ۾ آئي هئي ۽ ڪجهه ڪرڻ کان اڳ، مومل جي پاسي ۾ لڪڻ رکي واپس ڍٽ هليو ويو هو. مومل راڻَي ڏانهن نياپو ڪندي چئي ٿي : او راڻا ! توکي جنهن ڳالھ جو شڪ آهي تَنهِن جَي پَڪَ ڪرڻ لاءِ ڪاڪِ ۾ الڳ شاميانو هڻي اچي رهي پئو. توکي قسم آهي منهنجي پيار جو جنهن سبب ڪاوڙجي ڇڏي هليو ويو آهين. ان جي تحقيق ڪر، جاچ لهه انهن ماڻهن کان جيڪي ان ويل محلات ۾ موجود هئا تہ مان ڪنهن سان ستل هُيَسِ. او منهنجا گهوٽ ! جَي تو ايئين نہ ڪيو تہ ڳالهه هٿن مان نڪري ويندي ۽ سڄي زندگي مون کي بي ڏوھ سزا ڏيڻ جَي ڪري پڇتائيندو رهندين. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____