مومل راڻو لُڊَوڻِئا لَطِيفُ چَي، کَٽُون کَنيائُون

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    لُڊَوڻِئا لَطِيفُ چَي، کَٽُون کَنيائُون
    ڇَڏَي حِيلَا هَلِئا، مُومَلَ مارِيائُون
    ڀَيرَو ڀَڳائُون، آسَڻَ آرامِي ٿِئا


    سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

    لُڊَوڻِئا = لڊاڻي مان
    چَي = چئي
    کَٽُون کَنيائُون = تعلق ختم ڪيائون، ڇِنِي ڇڏيائون
    حِيلَا = آهون، دانهون، ايلاز، منٿون
    ڀَيرو ڀَڳائُون = اچڻ ڇڏي ڏنائون
    آسَڻَ = جڳهون، گهر

    بيت جو پس منظر

    ~ لُڊَاڻَي سان سڀ رشتا ناتا ڇني ڇڏيائون.
    ~ آهُنِ ۽ دانهُنِ کي نظر انداز ڪري، مومل کي ماري هليا ويا.
    ~ ڪاڪ اچڻ ڇڏي ڏنائون، پنهنجي گهر آرامي ٿيا.

    سمجهاڻي

    محبوب، جيڪي سر ساھ جا مالڪ ٿين ٿا، جن جي ڏٺي ڏينهن ٿئي ٿو ۽ رس رهاڻيون ڪندي راتيون گذرن ٿيون. جيڪي ساڻ آهن تہ ڄڻ ڪائنات مُٺِ ۾ بند آهي، جڏهن جدا ٿين ٿا تہ اکيون ۽ دل رت جا ڳوڙها ڳاڙن ٿيون.
    هاڻي لُڊاڻَي سان، ڪاڪِ ۽ مومل سان سڀ سنڱ ڇني، راڻو ڪاڪِ مان رُسِي هليو ويو آهي. راڻَي موملَ جي آزين، ايلازن، منٿن ۽ ٻانهُنِ ٻڌڻ کي ڪوبہ مانُ ۽ مڃتا ناهي ڏني. هميشهه لاءِ وڇوڙي جو داغ ڏئي راڻَو موملَ کي ماري ويو آهي.
    سڀ سُٻَنڌَ تہ راڻَي اڳ ئي ختم ڪيا ها، هاڻي ڪاڪِ اچڻ بہ ڇڏي ڏنائين. مومل کي اڪيلو ڪري راڻَو پاڻَ ڍَٽ جي محلاتن ۾ آرامي آهي.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    ڀيرون ڀڳائون آسڻ آرايم ٿيا.... جيڏو بهترين شاهه جو بيت اوڏي ئي بهترين ڊزائين سائين سليمان وساڻ صاحب جي... ڀلا اهو ٻڌايو اها ڊزائين ڪهڙي سافٽ ويئر ۾ ڪندا آهيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو