منهنجي ڪوششن سان گوگل وارن نيٺ ائنڊروئيد ون سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو http://googleasiapacific.blogspot.c...Comment=1436204245877&m=1#c466118408341171778 ڪيو موبائيل A1 نالي سمارٽ فون ۾ نئون ائنڊروئيد ورزن لولي پاپ،ڪواڊ ڪور پروسيسر4.5 انچ اسڪرين ،1 جي بي ريم ۽ 8 جي بي روم.5ايم پي پويون واري ڪئميرا ۽ 2 ايم پي سامهون واري ڪئميرا ،3جي،1700 ايم اي ايڇ بئٽري شامل آهن. هن فون ۾ اها خاص خوبي آهي ته هي فون نئين ائنڊروئيد ورزن ايم جي لانچ ٿيڻ کان پوءِ پاڻمرادو اپڊيٽ ٿيندو. هن جي قيمت 11500 آهي. هي فون تمام جلد ئي مارڪيٽ ۾ دستياب هوندو
اڙي واھ ڇوڪرا واھ.. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”وٽي تي نالو اٿئي ؟“ بابل هاڻ اها چوڻي پُراڻي ٿي وئي.. هاڻ چئبو ته ”انٽرنيٽ تي نالو اٿئي ؟“ سو تنهنجو ته آهي.. آباد هُجين.
متان نه مڃي مان گوگلن وارن کي الائي دفعا چيو هو ته ائنڊروئيد ون لانچ ڪريو.نيٺ منهنجي ڪوشش ڪامياب وئي. هاڻي اهيو فون ڪنهن به حالت ۾ وٺندس
ڳالهيون سڀ ڀليون جي رڳو بئٽري ڪجه بهتر هجي ها ته ڀلو. ائنڊرائڊ بئٽري جو موت آهي. گهٽ ۾ گهٽ 2600 هجي نه ته ٻي صورت ۾ چارجر هر وقت گڏ هجي.