راڻَي رِڻُ ڪِئو، جَيڏِيُون ! مُهِجَي جِيَ سِين مَنُ مَيڌِرَي وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو ٻُجَهان ٻَهَرِ وِئو، هِيُون هَنڌِ نه هَيڪَڙَي سُرُ مُومَلَ رَاڻَو رِڻُ ڪِئو = برباد ڪيو، ظلم، قهر، ڪِيسُ ، بغداد ڪيو، تباهه ڪيو مُهِجَي = منهنجي جِيَ سِين = ساھ سان، روح، بدن، دل ۽ مَنَ سان وَڍِئو = ڪپيو، ٽڪرٽڪر ڪيو، ڳڀاڳڀا ۽ ذراذرا ڪيو ڌُٻِي = ڌُڏِي، لرزي ڌَڙُ = جسم، بدن، جانِ پِئو = پيو ٻُجَهان = سمجهان ٿي، ڀانيان ٿي ٻَهَرِ = ٻاهر هِيُون = هنيانءُ، مَنُ، دل، ساهه بيت جو پس منظر ~ او سرتيون ! راڻَي منهنجي جانِ سان وڏو ظلم ڪيو آهي. ~ راڻَي منهنجي دل کي ڪپي ڳڀاڳڀا ڪري وڌوآهي، ۽ بدن لرزجي پيو آهي. ~ سمجهان ٿي مَنُ هڪ جاءِ تي ناهي، شايد راڻَي جَي ڳولا ۾ آهي. سمجهاڻي راڻَي جَي رُسِي وڃڻ کان پوءِ مومل کي سرتيون سمجهائڻ ۽ آٿت ڏيڻ لا۽ گڏ ٿيون آهن. مومل جَي الماسي اکڙين مان لڙڪن لارون بس ئي نٿيون ڪن. سهيلين جَي سمجهائڻ تي مومل سڏڪا ڀريندي چئي ٿي : او سرتيون ! راڻَي مون سان قهر ڪيو آ، ڪِيسُ ڪيو آ ۽ ظلم ڪيو آ. هاڻي اڪيلي سر هيءَ زندگي ڪيئن گذارينديس. منهنجي محبوب مينڌري دل کي وڍي ٽڪرٽڪر ۽ ذراذرا ڪري ڇڏيو آهي. جيئن زلزلي ۾ شيون لڏنديون لمنديون آهن ايئين دل سيني ۾ ڦٿڪي ٿي پئي. ڀانيان ٿي دل سيني مان نڪري راڻَي کي ريجهائڻ ۽ پرچائي وٺي اچڻ لاءِ سندس پويان ويل آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____