وَيٺِي نِتُ نِهارِيان، راڻا ! تُهِجو راهُ موٽائَي ماڳنِ تَي، آڻِيندَوءِ اللهُ سوڍا تو ڳَرِ ساهُ، ناتَ راڻا گهڻا راڄَ ۾ سُرُ مُومَلَ رَاڻَو نِتُ = هرهر، وري وري تُهِجَو = تنهنجو راهُ = دڳ، واٽون، گس، اچڻ جا رستا ماڳنِ = هنڌن، جاين آڻِيندَوءِ = آڻيندئي ڳَرِ = وَٽِ، ڳچيءَ، قبضي ۾، هٿ ۾ ناتَ = نه ته بيت جو پس منظر ~ او راڻا ! دڳن ۾ ديدون لائي تنهنجي راھ پئي تڪيان ويٺي. ~ شال مولا پاڪ وري هنن ماڳن تي موٽائي آڻيندئي. ~ سوڍا ! تو ۾ منهنجو ساھ آهي، نه ته ملڪ ۾ راڻا تہ ٻيا به گهڻا آهن. سمجهاڻي دل جو دلبر تہ هڪڙو ئي ٿيندو آهي، توڙي جو حَسِنُ ۽ دلربا ماڻهن سان هيءَ دنيا ڀري پئي آهي. پر ڇا ڪجي چري دل کي جيڪا ڪنهن هڪ لاءِ ئي ڌڙڪندي آهي. هي اکيون تہ ان ئي پرينءَ جو اوسيئڙو ۽ انتظار ڪنديون آهن. جنهن سوا پل بہ ناهي گذرندو، جيڪو سر ساهه جو وارث ۽ مالڪ هجي ٿو. راڻَي جي رُسِي وڃڻ کان پوءِ مومل پنهنجا ناسي نيڻ راڻَي جَي راهن ۾ وڇائي رات ڏينهن، هر گهڙي ۽ هر پل راڻَي جو ئي انتظار ڪندي رهي ٿي. مومل چئي ٿي : او منهنجا محبوب ! مون کي ڀروسو آهي تہ تون ضرور هڪ ڏينهن هن ويران ۽ سُنسان ڪاڪِ کي اچي آباد ڪندين. پنهنجي مومل کي هنج ۾ ۽ ڀاڪر ۾ ڪري پيار ونڊيندين. او راڻا ! منهنجو هي ساهه تنهنجي قبضي ۾ آهي ۽ مان صرف تنهنجي ئي آهيان. هن مَنَ جَي مَندرَ ۾ هڪڙي ئي مُورتَ آهي جيڪا تنهنجي ئي آهي، نت ته ملڪ ۾ راڻا ٻيا بہ ڪيترائي آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____