م ن محزون : ادب جي دنيا جو املهه ستارو
آزاد انور ڪانڌڙو
هو سنڌي ٻوليءَ جو اهو واحد مترجم ۽ سنڌ ۾ پهريون شخص هو، جنهن خليل جبران کي سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرايو. هن ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب ۽ اديبن جا مختلف موضوعن تي ڪتاب، ناول، ڪهاڻيون ۽ مضمون ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو. سندس ترجمو ڪيل تحريرن جو اهو وڏو ڪمال آهي، جو پڙهڻ وقت محسوس ٿيندو ته پڙهندڙ ليکڪ جي اصل تحرير پڙهي رهيو آهي.
م- ن محزون صاحب ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. عالم به هو ته دانشور به، شاعر به هو ته ڪهاڻيڪار به، مترجم به هو ته محقق به، مصور به هو ته مفڪر به، سچل جي ڪلام جو پارکو به هو ته تصوف جو ڄاڻو به، مغربي ۽ مشرقي فڪر ۽ فلسفي جو اڀياس ڪندڙ به هو ته قديم علمن ۽ فنن سان لڳاءُ رکندڙ به، ته نون لاڙن ۽ قدرن جو کُليءَ دل سان آڌرڀاءُ ڪندڙ به هو. هن وٽ کُليل دل هئي، سڪ، ساڃاهه، ويچار هو ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن ۽ اديبن جي لکڻين کي دل سان پڙهندو ۽ پرکيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هن مان سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ايندي هئي.
محزون صاحب جو جنم ۱۰- جولاءِ ۱۹۳۳ع تي ميهڙ ۾ رئيس شفيع محمد ڀٽيءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو محمد نواز هو. پاڻ آخر تائين اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو.
محزون صاحب کي لکڻ جو شوق ننڍي هوندي کان هو. هن لکڻ جي شروعات مئٽرڪ دؤران ”نورجهان“ عنوان سان هڪ انگريزي نظم کي سنڌي ويس ڍڪائڻ سان ڪئي.
پاڻ ورهاڱي کان اڳ واري دور ۾ پهريون درجو انگريزي پڙهڻ وقت ميهڙ جي هڪ سنڌي سِک ڊيلاسنگ جي لائبريريءَ جو هڪ رپيو ڏئي ميمبر ٿيو ۽ هر روز هڪ جاسوسي ناول پڙهي، ٻئي ڏينهن ٻيو ڪتاب کڻندو هو. هن سنڌي ادب ۾ پراڻي پيڙهيءَ سان وابسته هوندي به ترقي پسند نظرين ۽ خيالن کي اپنايو. سندس لکڻين مختلف دورن ۾ بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائي تحرڪ پيدا ڪيو. کيس سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌ جي ثقافت، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ جي مٽيءَ سان عشق هو. پاڻ سڄي عمر ادب جي آڙ ۾ ڪنهن به فائدي وٺڻ جي ڪوشش نه ڪيائين.
محزون صاحب هڪ سٺو ڪهاڻيڪار به هو. سندس ۶۰ کان مٿي ڪهاڻيون ڇپيل آهن. سندس ڪهاڻين جي هڪ وڏي خوبي دلڪش ٻولي آهي. انهن ڪهاڻين ۾ هن جا ڪردار نه فقط پنهنجي جذبن ۽ حالتن پٽاندر ڳالهائين ٿا، پر سندس بيانيه انداز به خوبصورت آهي. سندس ڪهاڻين جا موضوع، ڪردار ۽ ٻولي نج سنڌي آهي. پنهنجين ڪهاڻين ۾ هو معاشري کي نوان رخ ڏيڻ ۽ اصلاح ڪرڻ جو به ڏس ڏيندي نظر اچي ٿو.
مصور هئڻ جي ناتي، سندس مشاهدو عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ گهرو هو.
سنڌي ٻوليءَ جو هي مشهور اديب، دانشور، مصور، مترجم، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ تعليمي ماهر سائين م ن محزون (محمد نواز ”محزون“ ڀٽي) ۹ نومبر ۱۹۹۵ع تي اسان سڀني سنڌ واسين کي سوڳوار ڪري ويو.