تَنِ باغِئُون بَسِ، جَي ڪَنڌِيَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا سوڍَي رِيَ سَرَتِيُون !، ڪاڪِ نَہ اَچَي ڪَسِ رَاڻَي پائَي رَسِ، تَنُ ٻَيڙِيَ جِنءَ تاڻِيو سُرُ مُومَلَ رَاڻَو باغِئُون = باغن کان ڪَنڌِيَ = ڪپ تي، ڪناري تي ڪَڪورِيا = ڦولاريا، بهاريا، گلن سان ٽڙي پيا رِيَ = ريءَ، کان سواءِ ڪَسِ = پسند، وڻي، راسِ اچي رَسِ = رَسَو، رَسِي، نوڙُ - جنهن سان ٻيڙي ٻڌبي آهي. تَنُ = جسم، بدن، بُت جِنءَ = جيئن تاڻِيو = ٻَڌَو، ٻَڌِي ڇڏيو، سَٽَ ڏئي ڇڪي ٻڌي ڇڏيو بيت جو پس منظر ~ جَي ڪاڪِ ڪنڌيءَ ڦولاريا آهن، مون تن باغن کان ئي بس ڪئي. ~ او سرتيون ! سوڍي کان سواءِ ڪاڪ مون کي بنهه نٿي وڻي. ~ راڻو مون کي ٻيڙيءَ جَي رَسَي جيان پاڻ سان ٻڌي هليو ويو آهي. سمجهاڻي جڏهن ڪاڪ محل جوڙايو ٿي ويو تڏهن مومل پنهنجي سياڻي ڀيڻ سومل جَي صلاح سان، محل جَي چوڌاري عمده ۽ خوشنما باغ به رکرايا هئا. جنهن ۾ مختلف قسم جا ميوي دار ۽ خوبصورت وڻ، گلاب، رابيل، چنبيلي، رات جِي راڻِي ۽ قسمين قسمين رنگن ۽ خوشبووئن وارا گل ٻوٽا ڪنارين ۾ پوکايا هئا. مومل چئي ٿي : روزاني صبح ۽ شام راڻَي جي هٿ ۾ هٿ ڏئي اسين باغن جو سير ڪرڻ ويندا هئاسين. وڻن ۽ حسين گلن ٻوٽن جِي مهڪ سان سڄو وايو منڊل واسجي خوشبو خوشبو ٿي پوندو هئو. راڻو جڏهن ڪو خوبصورت گل پٽي منهنجي ريشمي زلفن ۾ لڳائيندو هو تہ مان گلن جيان ٽڙي پوندي هيسِ. او سرتيون ! هاڻي اهي باغ، گل ٻوٽا، هٻڪارون ۽ ڪاڪِ بنهه نٿي وڻي، ڇو تہ راڻو جو مون کان رُسِي ويو آهي. راڻو منهنجي سِرَ، ساهه ۽ سرير کي پنهنجي پيار جي زنجير سان ويڙهي، وڪوڙي، قابو ڪري ٻَيڙِيءَ جيان ٻَڌِي هليو ويو آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____