راڳي استاد مٺو ڪڇي: بقلم: امر انصاري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ذوالفقارشام طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2015۔

  1. ذوالفقارشام

    ذوالفقارشام
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2012
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    آئي ٽي انچارج
    ماڳ:
    بدين شهر
    موسيقي جي تاريخ به ايتري پراڻي آهي، جيتري انسان جي تخليق
    جڏهن الله تعاليٰ روح کي حڪم ڪيو ته ڏاڍي آدم جي جسم ۾ گهڙ تڏهن ملائڪن راڳ پوُرب ڇيڙيو هو، جنهن تي مست ٿي روح جسم ۾ ويو هو..... رب العاالمين هن سڄي ڪائنات کي نهايت خوبصورت، حسين ۽ جميل بنايو آهي، قدرت جي عجب اسرارن کي سمجهڻ لاءِ رڌم جي ڄاڻ ضروري آهي، رڌم بنان ڪائنات جي اسرار رموز کي ۽ ڪائنات ۾ موجود موسيقيت کي سمجهڻ لاءِ تمام مشڪل آهي، موسيقي (موسيقيت) انساني وجود جو حصو آهي، اڃا به جيڪڏهن هيئن کڻي چئجي ته ڪائنات جو ٻيلو نالو موسيقيت آهي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. ڪائنات ۾ هلچل ۽ چرپر نغمئه نور آهي، ڪائنات نغمئه نور تي ٻڌل آهي ۽ جڏهن محشر جي ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو ته اُهو ڪائنات جو آخري نغمو هوندو.....
    موسيقي بي انت بحر آهي! وڏا وڏا گوريا ۽ خانصاب پنهنجو وارو وڄائي ويا ۽پويان پنهنجا انيڪ شاگرد ڇڏي جن جي طقيل سندن نالو دنيا ۾ ڳائجي پيو. اهڙن مهان ۽ سدا حيات استاد ڪلاڪارن مان استاد مٺو ڪڇي به هڪ هو، سندس زندگي جو خاڪو هيٺ ڏجي ٿو.
    نالو: محمد اسحاق عرف مٺو ڪڇي ولد محمد بچل ڪڇي تعليم پوري پُني جنم 1909-1910ع
    جنم جو هنڌ: ڳوٺ مُوندانن، ٽعلقه لياپور (لکپت) ضلعي ڪڇ ڀڄ صوبو گجرات ڀارت، ڀائر پنج محمد عثمان ڪڇي، محمد هاشم ڪڇي، محمد ڪڇي (رازو) محمد اسحاق عرف مٺو ڪڇي. (ڀيڻون 2)
    پرورش: استاد مٺو ڪڇي جي پالنا/ پرورش ڀارت/ڪڇ ڀُڄ ۾ ٿي، اُتي سندس وڏا ڀائر استاد محمد عثمان ڪڇي، استاد هاشم ڪڇي ۽ سندن والد محمد بچل ڪڇي راڳداري جو ڪم ڪندا هئا، استاد بچل ڪڇي به سٺو رڳاي هو، کين ڀار/ ڪڇ ڀڄ ۾ موسيقي جي سکيا، استاد ناٿي ڪڇي ڏني.
    جيئن ته 1910-1912ع ڌاري هند سنڌ جي رياست هڪ هئي تنهنڪري ڪنن جي اچڻ وڃڻ/ گهمڻ ڦرڻ يا روزگار ڪمائڻ تي ڪابه پابندي/ جهل پل نه هئي. استاد مٺو ڪڇيءَ جي گهراڻي کي راڳداري ورثي ۾ مليل هئي، تنهنڪري هي گهراڻو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري گذر سفر پيو ڪندو هو. استاد عثمان ڪڇي ۽ استاد محمد هاشم ۽ سندس والد محمد بچل ڪڇي جو پنهنجو ڇوڙ هو، ان کانسواءِ هنن ڪڇي ڀائرن موسيقي جي سکيا ڪڇ ڀُڄ ۾ پنهنجي والد محمد بچل ڪڇي کان ورتي هئي ۽ اُتي جي مشهور راڳي استاد ناٿي ڪڇي به کين موسيقي بابت گهڻي ڄاڻ ڌني، استاد ناٿو ڪڇي پنهنجي دور جو سٺو لئه ڪار، ڄاڻڪار ۽ راڳي هو، هن کين راڳداري جي بهتر سکيا ڏني، اهڙي ريت استاد مٺو ڪڇي جو راڳي گهراڻو هند، سنڌ ۽ سنڌ کان هن پيو سفر ڪري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو هو، پر پوءِ 1921-22ع ڌاري هي راڳي گهراڻو ڪڇ ڀڃ کي خير آباد چئي مستقل طور تي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو. ۽ سنڌ جائي ٿي رهجي ويا، هن راڳي گهراڻِ هند سنڌ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهايو ۽ مڃايو ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته ڪڇي خاندان جي هن راڳي ڀائرن هند، سنڌ ۾ ڪلاسيڪل ۽نيم ڪلاسيڪل موسيقي/ راڳداري متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻنهي علائقن ۾ موسيقي جي حوالي سان هڪ اڻ ٽٽ سٻنڌ جوڙايو.
    سنڌ ۾ اچڻ دوران هن راڳي گهراڻي ڪيترائي پڊ وسايا، جن ۾ ڳوٺ قابل جوکيو، ڳوٺ محمد سومار ابڙو، ڊڀرو، ڪُنري، ٻُسٽان، راڄ ملڪ جاتي، پير جو ڪوٽ، ٽنڊو محمد خان ۽ آخر ۾ بدين جو شهر اچي وسايو، ٻهراڙي ۾ مختلف ڳوٺن ۾ رهڻ دوران استاد مٺو ڪڇي جو خاندان راڳداري سان گڏوگڏ ٻني ٻارو ۽ کيتي ٻاڙي به ڪندو رهندو هو. جيئن ته استاد مٺو محمد اسحاق سڀني ڀائرن کان ننڍوهوندوهو، تنهنڪري کين سندن مينهون چارڻ جو ڪم سونپيو ويو هو، پر اسحاق مٺو اهو چئي مينهن چارڻ کان انڪار ڪيو ته مون کي جيسيئن هارمونيم نه وٺي ڏيندا، تيستائين مينهون نه چاريندس، نيٺ سندس مطالبو پورو ٿيو، ان کانپوءِ ننڍڙو مٺو عرف اسحاق مينهن ۾ ويو، محمد اسحاق مٺو جو آواز ننڍي لاڪون ڏاڍو سوز ڀريو ۽ مٺو هوندو هو، ان ڪري به ماڻهو سندس آواز جي ننڍپڻ ۾ به واکاڻ ڪندا هئا، پاڻ ڪيترو وقت پنهنجو مال چاريندو رهيو ۽ ڌنارن کي هارمونيم تي هو جمالو وغيره ڏاڍي سر ۽ سوز سان ٻڌائيندو رهيو، استاد مٺو جو اندر جو راڳي ته ڪڏهن کان بيدار هو ڪڏهن پنهنجي راڳي ڀائرن (استاد عثمان ۽ استاد هاشم ) سان گڏجي شادين تي ويندو هو، پر کيس ڳائڻ جو ڪڏهن به موقعو نه مليو، کيس ڳائڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو، پر ننڍي عمر سبب هو وڏن جي اڳيان ڪڏهن به اهڙو اظهار نه ڪري سگهيو، اهڙي صورتحال ۾ سندس فنڪار ٿيڻ جا چانسز (موقعا) تمام گهٽ هئا، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سندس فنڪار ٿيڻ وارو جنون به وڌندو ويو، سندس من جي راڳي کيس ڳائڻ تي پل پل اُڪسايو پي، کيس فنڪار ٿيڻ/ ڳائڻ جو شوق جنون جي حد تائين هوندو هو. انهي جنون نيٺ کيس هڪ ڏينهن گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪري وڌو، هڪ ڏينهن هو جيئن ئي گهران مينهون چارڻ لاءِ هارمونيم کڻي نڪتو ته شام جو گهرنه موٽيو ۽ سڌو بٺوري ۾ سريلي فنڪار قاسم شاهه بٺورائي وٽ وڃي نڪتو، اها سندس فنڪار ٿيڻ جي پهرين ڪوشش هئي.
    قاسم علي شاهه بٺورائي پنهنجي وقت جو سٺو فنڪار هو، هُن کيس راڳ جي سٺي تربيت ڏني، کيس ڪلام ڪافي ڳائڻ جهڙو فنڪار بنايو ۽ ڪجهه سال استاد مٺو ڪڇي قاسم علي شاهه جي سکيا هيٺ رهيو پوءِ اُتان مال جي واپارين سان پيري پنڌ روانو ٿيو ۽ وڃي ڪراچي کان نڪتو، جتي کيس ڪنهن سُٺي استاد جي تلاش هئي، (هتي هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻي آهي استاد مٺو محمد اسحاق، استاد مٺو تمام گهڻن ڪشالن ڪڍڻ کانپوءِ ٿيو، کيس راڳداري ۽ استادي وٺڻ لاءِ تمام گهڻيون تڪليفون ڏسڻيون پيون، هُن پنهنجي زندگي جو جواني ديواني وارو حصو فن جي سکيا جي نظر ڪيو ۽ پنهنجو سڀڪجهه موسيقي کي ارپي ڇڏيو).
    استاد مٺو ڪڇي جڏهن پيرين پنڌ ڪراچي پهتو ته ان جي عمر لڳ ڀڳ 13-14 سال هئي، سندس ڀاڳ ڀلو هو، جو کيس ڪراچي ۾ هڪ ننڍڙي فنڪار گگڙو ٻڙو مليو، جنهن سان هن پنهنجي شوق جو اظهار ڪيو ۽ سٺي وارتا به ٻڌايائينس....!!
    ان کيس چيو ته آئون توکي ڪراچي اهڙي مهان ڪلاڪر، لئه ڪار ۽خانصاحب وٽ وٺي ٿو هلان، جتان توکي گهڻو ڪجهه ملي سگهي ٿو..... ايئن هو کيس استاد قدرت الله خان وٽ وٺي ويو ۽ کيس عرض ڪيائين ته استاد هي ڇوڪرو پري کان دربدر ٿي ڪشالا ڪڍي اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو آهي، کيس ڳائڻ جو شوق آهي اوهان کيس پنهنجي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏيو.....!!!
    استاد خانصاحب قدرت الله کيس چيو ته بابا ڇڏي وڃينس جي منجهس هوندا ڪجهه ڪڻان ته گهڻو ڪجهه سکي ويندو.....!!!
    استاد قدرت الله خان گواليار گهراڻي جو مهان ڪلاڪار/ رڳي هو وٽس سُر ۽ گُر ٻئي قيد هئا، سندس والد مبارڪ علي خان به پنهنجي وقت جو / دور جو وڌو ڄاڻڪار، لئه ڪار ۽ گويو هو ۽ سندس ڏاڏو استاد خانصاحب گامڻ خان ته پنهنجو مٽ پاڻ هو.....!!!
    استاد قدرت الله خان وٽ محمد اسحاق عرف مٺو ٻه ٽي سال لڳاتار رهي سندس خدمت چاڪري ڪندو رهيو، پوءِ استاد قدرت الله کي پڪ ٿي ته هن ڇوڪري کي راڳ سکڻ جو شوق آهي ۽ ڪجهه ذوق به پوءِ کيس استاد ٻچن وانگر سنڀاليو ۽ ڪجهه عرضي ۾ ئي کيس گُر سُر ، اتار چڙهاءُ، لئه، ڄاڻ ۽ گائيڪي جي سمورن قاعدن جي مڪمل سکيا ڏنائين، استاد مٺو ڪڇي ٻارنهن سال استاد وٽ حاضري ۾ گذاريا، ڄاڻايل عرصي ۾ استاد مٺو ڪڇي مڪمل راڳي ٿي پچي راس ٿيو، موسيقي/ راڳداري سکڻ لاءِ انسان کي ٽي جنم گهُربل هوندا آهن، هڪ ٻڌڻ لاءِ، ٻيو جنم سکڻ لاءِ ۽ ٽيون جنم ڳائڻ لاءِ ايئن ڪري/ ٿيڻ ۾ 15 سال لڳي ويا.
    15 سالن جو عرصو هن هڪ فرمانبردار شاگرد جي حيثيت ۾ پنهنجي استاد وٽ گذاريا ۽ موسيقي جا سمورا امتحان پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، هڪ ڀيري هن پنهنجي استاد قدرت الله خان کي چيو ته مون کي خانصاحب بڙي غلام علي خان جو گلو تمام گهڻو وڻندو آهي، سندس گلي ڏاڍو سوز گداز آهي، ان تي کيس استاد چيو ته نادان، تنهنجي گل ۾ استاد بڙي غلام علي کان به وڌيڪ سوز ۽ گداز آهي، تو کي ان جي ڄاڻ ناهي....!!
    پوءِ استاد کيس خوشي سان موڪل ڏني ته بابا هاڻ ڀلي وڃي ڳاءِ، انشاالله تون ڪٿي به مار نه کائيندين ۽ نه ئي هار کائيندين ۽ ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندين، موڪل ملڻ بعد استاد مٺو ڪڇي موٽي پنهنجي ماڳ آيو ۽ پنهنجي استاد ڀائرن سان گڏجي ڳائڻ لڳو. جيتوڻيڪ استادمٺو ڪڇي هاڻي مڪمل راڳي هو، پر پنهنجي استاد ڀائرن سان هميشه پيڇو ڳائيندو هو ۽ ڪڏهن به پاڻ کي وڏو راڳي سمجهي اڳواڻي نه ڪيائين، هو پنهنجي ڀائرن جو وڏو احترام ڪندو هو، پر هڪ ڀيري اهڙو عجيب اتفاق ٿيو جو استاد حاجي عثمان ڪڇي کي ڪراچي ۾ هڪ وڏي ڪاڄ/ شادي جي دعوت ملي جنهن ۾ کيس فنڪار محمد اسحاق ڪاري سان چڪري / مقابلو ڪرڻو ه ۽ راڳ جي ڄاڻو ڪاڄيتن کان داد حاصل ڪرڻو هو، پر شادي واري عين ڏينهن تي استاد عثمان ڪڇي جي طبيعت اهڙي ناساز ٿي پئي جو وڃڻ جهڙو نه رهيو، تنهنڪري هن استاد محمد هاشم ڪڇي ۽ استاد مٺو ڪڇي کي موڪليو.
    جنهن مهل محفل شروع ٿي ته ڪاڄيتن استاد مٺو کي چيو ته ”بابا حاجي عثمان ڪڇي ته آيو ڪونهي باقي تون اسحاق ڪاري سان ڪهڙي چڪري ڏيندي.....!!!!
    پر هاڻ آيا آهيو ته ڀلي پنهنجو وارو وڄائجو/ ڳائجو.
    استاد ڪاري اسحاق کي پهرين وارو مليو، هن پنهنجو وارو وڄايو ۽ خوب انعام ۽ داد وصول ڪيو پوءِ استاد مٺو ڪڇي کي وارو مليو، استاد مٺو جو فنڪار جي حيثيت سان هي پهريون اسٽيج پروگرام هو/ فن جو مظاهرو هو، ڪاڄيتن کي يقين ئي ڪونه هو ته هي ايترو سٺو ڳائيندو پر استاد ايترو ته بهتر انداز ۽ لئه سُر ۾ ڳايو جو سڄي محفل مٿان ڇانئجي ويو، راڳجي قدر دانن ۽ ڄاڻو ماڻهن استاد کي خوب داد ڏنو ۽ تمام گهڻو انعام به ..... پوءِ سڄي رات استاد اسحاق ڪاري سان ڳائڻ جو مقابلو جاري رهيو، کيس انهي ڪاڄ ۾ وڏي سرسي ملي ۽ استاد مٺو سامعين/ ڪاڄ وارن جون دليون کٽي ورتيون.
    ان ڪاڄ کان پوءِ استاد مٺو ڪڇي سڄي سنڌ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو ۽ ڏسندي ڏسندي سڄٺي سنڌ ۾ هو سدا رنگي راڳ جو داستان گو راڳي ٿي اڀريو. استاد مٺو ڪڇي جي ڳائڻ جو انداز بيان بلڪل الڳ ٿلڳ هو، پاڻ ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ اڪثر پاڻ ئي ڌنون ڪمپوز ڪندو رهندو هو، کيس سنڌ جي مشهور داستانن عمر مارئي، سسئي پنهون، ليلان چنيسر، نوري ڄام تماچي، سهڻي مهيار، ڳائڻ ۽ پيش ڪرڻ جو تمام بهترين ڏانءُ هو، هنن راڳي ڀائرن کي سڄي سنڌ ۾ وڏي چاهه سان ٻڌو ويندو هو ۽ اڄ به استادن جون ڪيسٽون شائقين چاهه سان ٻڌن ٿا ۽ استاد جي پونئيرن / شاگردن ماسٽر ڪريم ڪڇي، انور ڪڇي، خدابخش ڪڇي کي پنهنجين محفل ۽ ڪاڄن ۾ گهرائي وڏا اڪرام ڏين ٿا.
    ان دور ۾ سنڌ جي مخصوص علائقن/ شهرن ۾ مثلن ساڪرو، شاهبندر، ڪيٽي بندر ۾ نه شاديجو رواج نرالو آهي ۽ هو انهن علائقن ۾ ويهه ويهه ۽ ٽيهه ٽيهه گهوٽن جون گڏ شاديون ٿينديون هيون ۽ اڃا به ٿين ٿيون. اهي شاديون ڪنهن ميلي جي سماع کان گهٽ نه هونديون هيون، 10۽ 15 ايڪڙن ۾ رڳو ڇنو لڳايو ويندو هو. جنهن ۾ ٽي چار هزار ماڻهن جي شرڪت يقيني هوندي هئي.
    استاد مٺو ڪڇي جي جوڙ ۾ حاجي عثمان ڪڇي، استاد محمد هاشم ڪڇي، عبدالرحمان ابو ويڙهيچو، ڍولڪ تي استاد عبدالله شيخ، فقير محمد فقيرو، استادامير بخش ۽ ابراهيم شيخ شامل هوندا هئا، استاد مٺو ڪڇي ۽ سندس ڀائرن جو ذڪر راڳ جي قدر دان ۽ ڄاڻو نامياري هستي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ذاتي محفلن، ڪچهرين ۽ شادين ۾ به ڪندو رهندو هو ۽ ادبي ۽ فني زندگي تي لکيل ڪتاب ڪيئي ڪتاب ۾ ڪيو اٿس، پاڻ لکي ٿو ته استاد مٺو ڪڇي، استاد عثمان ڪڇي ۽ استاد هاشم ڪڇي منهنجي محفل جا چمڪندڙ ستارا هئا، سنڌ کان سواءِ هنن راڳي ڀائرن جون مان مرتبو ۽ قدر هند (ڀارت) ۾ ڪيو ويندو هو ۽ کين وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، هڪ ڀيري جڏهن هي راڳي ڀائر هندستان جي دوري دوران فن جو مظاهرو ڪرڻ ويا ته وقت جي وزيراعظم محترمه اندرا گاندي کين گهرائي سندن محفل ٻڌي ۽ کين آڇ ڪئي ته جيڪڏهن اوهان هتي رهو ته اوهان اوهان کي سڀ مراعتون/ سهولتون ڏنيون وينديون، ڀارت جي حڪومت اوهان جي پر گهور لهندي، پر استاد ڀائرن چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته استاد توڙي جو هندستان ڄاوا آهيون، پر سنڌ سان جو دلي اُنس آهي، ان ڪري هتي مستقل طور تي رهي نٿا سگهون.
    استاد هاشم ڪڇي جو شمار سنڌ جي بهترين ڍولڪ نواز استادن ۾ ٿئي ٿو. هندستان ۾ به استاد محمد هاشم ڪڇي جو ڍولڪ نواز استادن جي حوالي سان نالو ڳڻيو وڃي ٿو، هن راڳي گهراڻي جون فن موسيقي جي حوالي سان بيشمار خدمتون آهن، سنڌ جي امير گهراڻن جي راڳ جا ماهر قدردانن ۽ ڄاڻو استادن کي گهرائي محفلون مچائيندا آهن، جن ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، انور علي خان نظاماڻي ٽنڊو سومرو، ( جنهن 55 محفلون ڪرايون، جيڪو وڏو ريڪارڊ آهي) مير غلام حسين، مير همت علي، لطيف آباد، ريئس محمد لائق جلباڻي، ماڙي غلام قادر ملاح سڪرنڊ، حاجي رسول بخش ملڪاڻي، رئيس محمد علي ملڪاڻي، (راڄ ملڪاڻي) ڇانگو خان مُرگو بلوچ، عثمان ننو، شامل آهن، ان کان علاوه ميرمنور علي خان جا وڏا ۽ پاڻ استادن جي وڏي قدرداني ڪندا هئا ۽ ڪن به ٿا.
    استاد مٺو ڪڇي پنهنجي همعصر راڳين ابراهيم راهمون ۽ عمر لغاري، ننگر جلباڻي، قاسم علي شاهه، اسحاق ڪارو، حيدر کوسو ۽ الهبخش شيخ سان مختلف محفلن ۽ شادين ۾ ڪيتريون ئي ڳائڻ جون چڪريون (مقابلا) استاد مٺو ڪڇي جي راڳداري، گائيڪي ۽داستانن جا محور هيٺيان شاعررهيا جن جي شاعري ڳائي هن وڏيمشهر ۽ مان مرتبو ماڻيو جن ۾ حاجي شاهه، محسن شاهه، غوث محمد شاهه، سچل سائين، بُلي شاهه، بابا غلام فريد، احسن الهاشمي، بچل واڍو، يعقوب سولنگي، يوسف سولنگي ۽ٻيا شامل آهن.
    انهن شاعرن کانسواءِ مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري کي استاد تمام گهڻو ڳايو، رڳو ايترو نه پرمولوي صاحب جي شاعري ۾ عربي، فارسي ٻولي جي اکرن، محاورن ۽ تشبيهن جي تشريح ڪري عام ماڻهن کي سندس شاعري جو مقصد به ٻڌايو ته استاد مٺو ڪڇي کي مولوي جي شاعري کي مشهور ۽ مولوي کي وري استاد مٺو کي پذيرائي ڏياري مطلب ته هي ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم هئا.
    استاد مٺو ڪڇي، لطيف سائين جي شاعري کي هر ڪلام توڙي ڪافي ۾ سونهن ۽ مدد گار طور ڪتب آندو آهي، هر داستادن جا بيت، ڏوهيڙا، شاهه جي شاعري مان کنيا اٿس، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته شاهه جي شاعري/ بيتن کان سواءِ استاد مٺو جو هر داستان اڌورو هجي ها...
    استاد مٺو ڪڇي مختلف ٻولين ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جن ۾ سنڌي، سرائڪي، مارواڙي، گجراتي ۽ اردو شامل آهن، استاد مٺو ڪڇي جي ٻن پٽن مان ڪوبه فن موسيقي سکي ۽ ڳائي نه سگهيو، البت سندس خاندان مان حاجي دينو ڪڇي، خدابخش ڪڇي، ماسٽر ڪريم ڪڇي ۽ انور ڪڇي اڄ به استاد مٺو جي آواز ۽ نداز جي پرڪندا پيا اچن، اکين سنڌ واسي ڏاڍي چاهه سان ٻڌن ٿا.
    ان کانسواءِ استاد جي خاندان مان استاد غلام قادر ڪڇي گواليار گهراڻي جي خانصاحب استاد ظفر علي خان کان تربيت وٺي رهيو آهي ۽ تمام بهتر ڳائي رهيو آهي، هن ٻالڪ فنڪار مان اها قوي اميد ڪري سگهجي ٿي ته هي استاد مٺو ڪڇي جو نالو زنده رکڻ ۾ ڪامياب ويندو. ۽ سدا رنگي راڳ کي نيئن سر جياري مڃتا ماڻيندو.
    استاد مٺو ڪڇي اٽڪل 80 ورهين جي ڄمار ۾ 1995-5-14 تي اسان کان جسماني طور تي وڇڙي وڃي پنهنجي مالڪ حقيقي سان مليو، پر سڄي سنڌ ۾ سندس امر آواز اڃا تائين گونجي رهيو آهي. سندس آخري آرامگاهه مها ولي جي قديمي قبرستان ۾ آهي، سندس قبر جي ڪُتبي تي حاجي شاهه جون هي سٽون لکيل آهن ته مرد تنهنجي ڪا وڃي باقي دنيا ۾ ڳالهه رهندي.
    http://www.onlinesindh.com/amaransarimithokachi.php
    تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌ جي سُريلي راڳي استاد مٺو ڪڇي بابت سهڻو ليک
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو