سوڍا ! صَبرُ تُهِجَو، مَرَڪُ لَڄايُنِ چُپِ سِين جَي چَوَنِ، اَدَبُ ڪِجَي اُنِ جو سُرُ مُوملَ رَاڻَو تُهِجَو = تنهنجو مَرَڪُ = فخر لَڄايُنِ = لڄي ٿيندڙ، شرمسار ٿيندڙ، حياءَ ۾ ٻڏل چُپِ = خاموشي، ماٺ، صبر اَدَبُ = لحاظ، خيال رکڻ، اهميت ڏيڻ اُنِ جو= انهن جو بيت جو پس منظر ~ سوڍا ! تنهنجو صبر حياءَ ۾ ٻُڏِلِيُنِ لاءِ فخر جو باعث آهي. ~ جن جِي ماٺ ئي ڪلام ۽ نصيحت برابر آهي، تن جو لحاظ ڪرڻ گهرجي. سمجهاڻي راڻَي جڏهن مومل کي غير مرد سان ستل ڏٺو هو تہ خيال آيس ٻنهي کي ڪهاڙي هڻي ڳڀاڳڀا ڪيان، پر ايئين نہ ڪيائين. راڻي زهر جو ڍڪ پي، مومل جَي پاسي ۾ لڪڻ رکي، خاموشيءَ سان ڪاڪ محل مان نڪري ڍٽ هليو آيو. مومل چئي ٿي : او سوڍا ! تو جيڪي پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ان تي خاموشي اختيار ڪئي. تنهنجو اهو عمل پنهنجي لڄ ۾ ٻڏي وَيَلِنِ لاءِ فخر جو باعث آهي. تنهنجو مسلسل ماٺ رهڻ، ڪنهن سان ڳالھ نہ ڪرڻ ويتر منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ لکين عزتون ۽ احترام پيدا ٿيا آهن. ڪارو ڪاريءَ جي هي ڪُڌِي رسم سنڌ ۾ واپار جِي شڪل اختيار ڪندي پئي وڃي. اڳي اوطاقون جتي تفريح ۽ مهمان نوازيءَ جي علامت هيون اُتي هاڻي ظالم پير، وحشي وڏيرا ۽ جرڳائي جاگيردار نياڻين جي قسمتن جا فيصلا ڪن ٿا. ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو تہ قيمتي انساني جانيون ضايع ڪرڻ کان اڳ، اهڙن معاملن ۾ سوچ ويچار، غورفڪر، سنجيدگي، اورچائي ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____