نُورِيَ جَي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجَهلُ هوءِ سَمُون سِرُ سَڀَنِ ۾، مِي مُورَڇِئو سوءِ اَچِئو اُڀِيُنِ پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيَين سُرُ ڪاموڏ نُورِي = ڄام تماچيءَ جي محبوبا - نوري هونئن تہ مهاڻي هئي پر سونهن سندرتا ۾ ڪا اُپسرا ۽ ڪوھ ڪاف جي پري لڳندي هئي. نِيازُ = نوڙت، عاجزي، انڪساري اَجَهلُ = ڳاڻيٽي کان ٻاهر، وڌيڪ، سرس، نهايت هوءِ = هئي, لڳندي هئي سَمُون = هڪ ذات, سمون ڄام مِي = مهاڻي ( نوري ) - مي مهاڻن جي هڪ ذات آهي مُورَڇِئو = موهيو، مست ڪيو، سحر طاري ڪيو سوءِ = سو اُڀِيَنِ = بيهن، پٺيان، مرتبي ۾ هيٺ حُجَتَ = ڌاڪو، لَئَي، مرتبو، دعوي' ڀَڳِي = ختم ڪئي، ڀوراڀورا ٿي وئي راڻِيَين = راڻين جي، بادشاھزادين جي بيت جو پس منظر ~ نوريءَ جي نوڙت انتها درجي جِي عجيب ۽ حيران ڪندڙ هئي. ~ سمون جيڪو سڀني راڻين جو سردار هيو، تنهن کي مهاڻيءَ موهي وڌو. ~ سڀ راڻيون نوريءَ جي پٺيان ٿيون بيهن، سندن دعوائون ڀڄي ڀورا ٿي ويون. سمجهاڻي نوري هونئن تہ مهاڻي هئي پر سندس نوڙت، عاجزي ۽ انڪساري ڪمال جي هئي. نوريءَ جي نماڻائي ۽ هيٺاهين سڀني راڻين کان مختلف، منفرد ۽ حيران ڪندڙ هئي. نوريَ جيتوڻيڪ بخملي ويس وڳن، پٽ ۽ ريشم جي پوشاڪن، تيل ڦليل ۽ هارسينگار جي هيراڪ ڪونہ هئي، پر ڄام تماچي جيڪو سڀني راڻين جو سردار هيو ان کي نوريءَ جي نوڙت، عاجزي ۽ انڪساريءَ موهي وڌو هو. ڄام تماچي جڏهن محلات اندر ايندو هيو تہ سڀ راڻيون هٿ ادب جا ٻڌي نوريءَ جي پٺيان ڪنڌ هيٺ ڪري بيهنديون هيون. نوري نہ رڳو پنهنجي سونهن سوڀيا پر پيار، پنهنجائپ، پاٻوھ ۽ عاجزيءَ ذريعي سڀني راڻين جون دعوائون ڌوڙ ڪري ڇڏيون هيون. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____