تِهَڙو ڪِنجَهرَ ۾ ڪِينَ ٻِئو، جِهَڙِي سُنهَه سَندِياسِ مَڏَ، مِياڻِيُون، مَڪُڙا، مِڙئِي مَعافُ ٿِئاسِ مُورِڇَلَ مَٿاسِ، اُڀو تماچِي تَي هَڻَي سُرُ ڪاموڏ ڪِنجَهرُ = ڪينجهر ڍنڍ - هي ڍنڍ ٺٽي ۽ جهرڪن جَي وچ ۾ هيلايا ٽڪريءَ جَي هيٺان آهي، چؤطرف گهٽا ٻيلا اٿس. چون ٿا تہ ڄام تماچيءَ هيلايا ٽڪريءَ تي هڪ عاليشان ماڙي اڏائي هئي، جتي شڪار ڪري وڃي آرام ڪندو هئو. ڪڏهن ڪڏهن نوريءَ کي وٺي وڃي رهاڻيون رچائيندو هو. ماڙي هاڻي ڦِٽِي وئي آهي پر نشان اڃان موجود آهن. سُنھَ = سونهن، حُسنُ، جمالُ سَندِياسِ = سندس ( نوريءَ جَي ) مَڏَ = مڇيءَ جا ڍير، ننڍڙي ٻيڙي مِياڻِيُون = واحد مياڻي - اُها جاءِ جتي مهاڻا مڇيون ماري ڍير اچي ڍير ڪندا آهن. مَڪُڙا = واحد مڪڙي، ننڍڙيون ٻيڙيون ٿِئاسِ = ٿيس مُورِڇَلَ = مور جي کنڀن مان ٺهيل پکو، وِڃڻو مَٿاسِ = مٿانئس، کيس، نوريءَ جي مٿان اُڀو = بيٺو تَي = تنهنڪري بيت جو پس منظر ~ جهڙو جمال نوريءَ کي هئو, اهڙي ڪينجهر ۾ ٻي ڪا مهاڻي نہ هئي. ~ نوري مڇي مارڻ جَي سڀني ڪمن کان آجي ٿي وئي. ~ تڏهن ئي تہ تماچي کيس مور جَي کنڀن مان جڙيل پکو بيٺو ٿو هڻي. سمجهاڻي ڪينجهر تي هر وقت ماڻهن جو ميلو متل ٿو رهي. هتي نہ رڳو مڇي پر بِيهَه، پٻڻ، پاٻوڙا ۽ پکين جو شڪار ڪيو وڃي ٿو. مهاڻن جا مٽيءَ جا ٺهيل ڪچا گهر، لانڍيون، مَنَهِيُون ۽ ڪکاوان گهر اڏيل آهن. هنن هزارين مهاڻين ۾ نوري تارن ۾ چنڊ جيان آهي. جهڙو حُسنُ، جمالُ، نازانداز، دلبريون، دلڪشيون، حسناڪيون ۽ گُهورَ سان گهائڻ جون ادائون نوريءَ ۾ هيون، اهڙي ڪا ڪينجهر ۾ ٻي مهاڻي نہ ھئي. سُٽَ مان رَڇَ ٺاهڻ، ٻيڙي هلائڻ، مڇي مارڻ، کارين ۾ کڻي واٽن تي ويهي وڪڻڻ ۽ ٻيا پورهيا هاڻي نوري ڪونہ ڪندي. ڇو تہ هوءَ هاڻي ڄام تماچيءَ جَي سمين ۽ سومرين راڻين ۾ پَٽَ راڻي جو ٿي وئي آهي. هي عشق جِي انتها ۽ معراج آهي جو وقت جو راجا، حاڪم ۽ بادشاھ ڄام تماچي، نوريءَ جَي مٿان مور جَي کنڀن مان ٺهيل پکي جِي ڇانوَ ڪري بيٺو آهي. جڏهن اُسَ تکي ۽ تيز ٿئي ٿي تہ ڄام تماچي پکو هڻي سندس پگهر ٿو سُڪائي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____