بدنامِ زمانه هيڪنگ فورم “ڊارڪوڊ” نيٺ بند ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي ويئي

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ايس ايم صارم طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2015۔

  1. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    دنيا جي 20 ملڪن ۾ ٿيندڙ تحقيق کان پوءِ امريڪي عملدار، سائبر ڏوهارين جي استعمال هيٺ بدنامِ زمانه هيڪنگ فورم ”ڊار ڪوڊ“ نيٺ بند ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.
    [​IMG]

    هن معاملي سان وابسطه هڪ سرڪاري وڪيل جو چوڻ آهي، ته ”اسان سائيبر ڏوهارين جو اهو گھر تباهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن متعلق هيڪرز سميت گھڻن ماڻهن جو خيال هو ته ان تائين ڪوئي به نه پهچي سگھندو.“

    ان سلسلي ۾ امريڪا سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن مان 28 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جن ۾ انگلينڊ جي علائقي ڪوونٽري سان واسطو رکندڙ هڪ 60 ساله پوڙهو به شامل آهي.

    ڊارڪوڊ جي رڪنن تي الزام آهي، ته هو اِن نيٽورڪ کي ”زيرو ڊي“ حملن کان سواءِ هيڪنگ جي ڪوڊز ۽ معلومات جي ڏي وٺ لاءِ استعمال ڪندا هئا.

    اها معلومات پاسورڊس سان محفوظ بڻائي ويندي هئي ۽ پهريان کان موجود ڪنهن رڪن جي سفارش تي ئي ڪنهن نئين ماڻهوءَ کي رڪنيت ڏني ويندي هئي.

    هن ويب سائيٽ تي نظر رکندڙ سائيبر سيڪيورٽي بلاگر ڪريبز جو چوڻ آهي، ته هن فورم تي سلسله وار سائيبر حملن ۾ استعمال ٿيڻ وارن هاءِ جيڪ ڪيل ڪمپيوٽرز يعني ”بوٽ نيٽس“ جي تشهير ڪئي ويندي هئي.
    [​IMG]

    سوني، مائڪروسافٽ ۽ ٻين ڪمپنين تي سائيبر حملو ڪرڻ وارو بدنام هيڪرز گروپ ”لزرڊ اسڪواڊ“ پڻ هن فورم مان فائدو حاصل ڪندو رهيوآهي.

    گھڻي قدر سائيبر ڪرائم ڪرڻ وارا گھڻا فورم روسي يا ٻين زبانن ۾ آهن پر هي فورم انگريزي زبان ۾ هو، جتي مختلف قوميتن جا مختلف زبانون ڳالهائيندڙ سائيبر ڏوهاري ملندا هئا.

    چيو پيو وڃي ته هن فورم جو ائڊمنسٽريٽر به لزرڊ اسڪواڊ جو ئي هڪ رڪن هو تنهن هوندي به دلچسپ ڳالهه اها آهي، ته جن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي يا جن تي هي فورم هلائڻ جو الزام آهي تن ۾ ان شخص جو نالو شامل ئي ناهي. پر پوءِ به اها ڳالهه دعوى سان ڪئي پئي وڃي ته لزرڊ اسڪواڊ ۽ هن فورم جو هڪ ٻئي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ سال کان وڌيڪ رابطو رهيو آهي.

    امريڪي تحقيقاتي اداري ايف بي آءِ جو چوڻ آهي ته تحقيق مان خبر پئي آهي، ته تقريبًا 300 ماڻهو هي فورم استعمال ڪندا هئا.

    ايف بي آءِ مطابق تحقيقات ۾ آسٽريليا، بوسنيا، برازيل، اسرائيل، ڪولمبيا ۽ نائيجيريا جي عملدارن به مدد ڏني. اهڙي طرح ان سلسلي ۾ شڪي ماڻهن جي ڳولا جون ڪوششون اڃا به جاري آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو