1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

عمر ۽ مارئي جي ٿڃ شريڪ ڀاءُ ڀيڻ هجڻ واري روايت

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏20 جولائي 2015۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,714
    ورتل پسنديدگيون:
    2,713
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    عمر ۽ مارئي جي ٿڃ شريڪ ڀاءُ ڀيڻ هجڻ واري روايت
    عمر ۽ مارئيءَ جي ٿڃ شريڪ ڀاءُ ڀيڻ هجڻ واري روايت پڻ سنڌ جي مختلف حصن ۾ رائج آهي. جيڪا پڻ هڪ مستقل روايت طور جدا رکي وي آهي. هن روايت جون نظم ۽ نثر ۾ مليل ڳالهيون هن بعد شامل ڪيون ويون آهن.
    • ڳالهه ٿا ڪن ته تعلقي ننگرپارڪر ۾ ڄام نندو نالي هڪ سمو ذات جو سردار رهندو هو، جو تمام سکيو ۽ مالدار ماڻهو هو. ڪيترن ڳوٺن ۽ پاڙن جو چڳ مڙس پڻ هو. هڪ دفعي ٿر ۾ سخت ڏڪار پوڻ سبب پنهنجو مال ڪاهي، ٻار ٻچا وٺي اچي عمرڪوٽ جي ڀر ۾ رهيو، تن ڏينهن اتي جو حاڪم ”خفيف“ سومرو هو، جنهن کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو عمر رکيائون، جو وڏو ٿي پيءُ کان پوءِ عمرڪوٽ جو مشهور حاڪم ٿيو.

    • عمر اڃا ٽن مهينن جو مس هو ته سندس ماءُ بيمار ٿي پيئي. حڪيمن مشورو ڏنو ته ڇوڪر کي انهيءَ بيمار ماءُ جو کير نه ڏجي، ان جي عيوض ڪنهن تندرست زال جو کير پيارجي. تنهن تي خفيف سومري خاص ٻانهين کي حڪم ڪيو ته آس پاس ۾ ڪا سگهڙ ۽ چڱي گهراڻي جي زال هٿ ڪريو، جنهن وٽ ٻار هجي، ته اُن جو کير ڇوڪر کي ڏجي. ٻانهين ڳولا شروع ڪئي، شهر جون سڀ عورتون ڏسڻ کان پوءِ شهر جي آس پاس ويٺل مالدار ماڻهن ۾ ڳولا ڪيائون. آخر کين ڄام نندي جي زال، جنهن جي گود ۾ ان وقت ٻن مهينن جي ڇوڪري ”مارئي“ نالي هئي، تنهن کي پسند ڪيائون، ۽ اها خبر خفيف سومري کي ٻڌايائون، جنهن ڄام نندي کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس سارو احوال ٻڌائي، کانئس سندس زال جي کير جي اجازت گهريائين. ڄام خوشيءَ سان اجازت ڏني. اهڙيءَ طرح مارئيءَ جي ماءُ عمر کي پنهنجو کير ڌارائيندي رهي. نيٺ ڄام نندو ۽ ٻيا مالدار موٽي ماڳين هليا ويا.

    • جڏهن مارئي چئن پنجن سالن جي ٿي، تڏهن ٻين ڇوڪرين سان راند ڪندي، انهن کي پنهنجن ڀائرن سان گڏ انهن کي ”ادا“ ڪري سڏ ڪندي ڏسي کيس ريس ٿيندي هئي ۽ خيال ڪندي هئي ته منهنجو به ڪو ڀاءُ هجي ها ته آءٌ به کيس ٻين وانگر پيار ڪريان ها ۽ ’ادا‘ ڪر سڏ ڪريان ها! هڪ ڏهاڙي ڪنهن هڪڙي ڇوڪري مارئيءَ کي ائين به چئي ڏنو ته: تون نڀاڳي آهين، تڏهن تنهنجو ڪوبه ڀاءُ ڪونهي. تنهنڪري تون اسان سان نه گڏ هل ۽ نه راند ڪر. اهو ٻڌي مارئي روئي ماءُ وٽ آئي ۽ اچي چيائينس ته: امان! مون کي پنهنجو ڀاءُ ڄڻي ڏي ته آءٌ به ان کي ’ادا‘ ’ادا‘ ڪري سڏيان، ۽ سهيلين ۾ ڀاڳ واري ٿيان. اهو ٻڌي ماڻس چيس ته: ”امان! تنهنجو اهڙو ڀاءُ آهي، جنهن جهڙو ڪنهن جو ورلي هوندو!“ تنهن تي مارئيءَ پڇيو ته: ”امان! اهو آهي ڪٿي؟ مون کي جلد ڏيکار!“ ان تي ماڻس چيس ته: سنڌ جي مشهور حاڪم ’خفيف‘ سومري جو پٽ عمر سومرو تنهنجو ڀاءُ آهي، جنهن توسان گڏ منهنجو کير ڌاتو آهي. هتي اهڙو ڪنهنجو به ڀاءُ ڪونه هوندو.“ ان کان پوءِ مارئيءَ کي هميشہ اها سڪ هوندي هئي ته ڪڏهن اهو پيارو ڀاءُ ڏسنديس.

    • ٻاراتڻ جو زمانو گذريو، جواني آئي. عمر به جوان ٿيو ته مارئي به وڏي ٿي. عمر وڏو ٿي عمرڪوٽ جو بادشاهه ٿيو ۽ عدالت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.

    • ڄام نندي کي هڪ يتيم ڇوڪرو ڦوڳيو عرف ڦوڳ نالي هٿ چڙهيوهو، جو سندس مال پيو چاريندو هو. جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن کيس خيال ٿيو ته ڇو نه ڄام نندي کان مارئيءَ جو سڱ گهران؛ پر وري ڊپ ٿيس ته متان اهو ذڪر ڪرڻ سان ڄام کيس لوڌي ڪڍي نه ڇڏي سو ڳجهيءَ طرح مارئيءَ تي عاشق ٿي، خاموشيءَ سان پيو پنهنجا ڏينهن پورا ڪندو هو. هڪ ڏينهن دل جهلي، هن مارئيءَ سان پنهنجي محبت جو ذڪر ڪيو. جنهن تي مرڳو اهڙيون سِڌيون سڻايس جو ويچارو ماڳهين چپ ڪري ويهي رهيو. پر دل ۾ خار ضرور ٿيس.

    • انهيءَ وچ ۾ مارئيءَ جو مڱڻو سندس سوٽ ’کيت‘ سان ٿي ويو. تنهن تي هيڪاري ڦوڳ کي گهڻو ساڙ ٿيو، سو ڄام نندي جو مال ڇڏي، منهن ڪري وٺي ڀڳو ۽ آخر عمرڪوٽ اچي پهتو. اتي خيال ٿيس ته ڇو نه عمر کي مارئيءَ جي سونهن بابت ٻڌائي، کيس هرکائي، مارئيءَ جي ٻانهن کڻائي، مارئي ۽ کيت کان بدلو وٺان. اها ڳالهه ڳڻي عمر جي دربار ۾ آيو پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي خبر چار ٻڌائيندي، اتي جي ماڻهن جو ذڪر ڪندي، مارئيءَ جو ذڪر شروع ڪيائين. مارئيءَ جي سونهن جو بيان اهڙي ته ڍنگ سان ڪيائين جو ٻڌڻ سان ئي عمر سومرو پرپٺ ان تي عاشق ٿي پيو، ۽ ان جي هٿ ڪرڻ جا گهاٽ گهڙڻ لڳو.

    • عمر بادشاهه ڦوڳ کان صلاح ورتي: ته مارئيءَ کي ڪيئن هٿ ڪجي؟ تنهن تي ڦوڳ صلاح ڏنيس ته؛ اوهان هڪ ڀلي اٺ تي چڙهي، ويس بدلائي مون سان گڏ هلو ته آءٌ توهان کي مارئي هلي ڏيکاريان. ڦوڳ جي چوڻ تي عمر سومرو، ويس بدلائي، اٺ تي چڙهي، ڦوڳ کي ساڻ کڻي، ٿر روانو ٿيو. جڏهن ڀالوا جي تڙ جي ويجهو آيا، تڏهن اتي ترسي پيا. جڏهن مال پيارڻ جو وقت ٿيو ۽ مارئي تڙ تي آئي، تڏهن ڦوڳ، مارئي ڏانهن اشارو ڪري عمر کي ٻڌايو ۽ پاڻ اتي لڪي بيهي رهيو. پوءِ عمر اٺ هڪلي تڙ تي آيو. نولو ماڻهو ڏسي، تڙ تي بيٺل ڇوڪريون وٺي ڀڳيون، جڏهن ٿورو اڳڀرو وييون، تڏهن مارئيءَ سهيلين کي چيو ته: ادي! ويچارو متان اڃايل هجي؛ تنهنڪري هلو ته هلي پاڻي پياريونس. ائين ڪري سڀ تڙ تي آيون ته عمر به پاڻي گهريو مارئي چڙهي واري پاڻي ڪڍيو. پوءِ عمر کي چيائين ته: ادا، مسافر! اچي پاڻي پيءُ. عمر اٺ تان لهي هيٺ آيو. مارئيءَ چيس ته: ٻڪ جهل ته پاڻي پياريانءِ. عمر چيو ته؛ آءٌ ٻڪ جهلي پاڻي پي ڪونه ڄاڻان. اهو ٻڌي مارئي جي سهيلين مان ڪنهن مارئي کي چيو ته: ادي مارئي! ڇڏ مُئي کي، هن کي پاڻي ڪونه ٿو وڻي؛ ۽ هو اٿي هلڻ لڳيون. عمر کي ته گهربو ئي ايترو هو، تنهن نڪا ڪئي هم نڪا تم؛ کڻنديئي مارئي کي کڻي اٺ تي چاڙهيائين؛ انهيءَ واقعي تي هيءَ بيت مشهور آهي:

    کڙي هئي کوهه تي، عمر ڏٺائين،
    ويس ورت هٿن مان، رتو رنائين،
    چڙهندي چيائين ته، ڇنو سڱ سرتئين.

    عمر اٺ کي هڪلي اچي عمر ڪوٽ پهتو. ڦوڳ پنهنجي منهن روانو ٿي ويو. اهڙيءَ طرح مارئي عمر ڪوٽ ۾ پهتي.​

    عمر، مارئيءَ کي زر، زيور، محل محلاتون وغيره آڇي، شادي لاءِ چيو؛ پر مارئيءَ کيس جواب ڏنو پوءِ جڏهن اها خبر پيس ته کڻي اچڻ وارو ۽ شاديءَ لاءِ چوڻ وارو عمر سومرو آهي، تڏهن ڊوڙي ”ادا، ادا“ ڪري وڃي گڏيس. اها حالت ڏسي عمر وائڙو ٿي ويو ۽ مارئيءَ کان پڇيائين ته ڇا آهه؟ مارئي سموري ڳالهه بيان ڪري ٻڌايس، جا ٻڌي عمر نهايت شرمسار ٿيو ۽ وڌيڪ خاطريءَ لاءِ جهونيون دايون گهرائي پڪ ڪيائين. انهن مان هڪ ٻڍڙيءَ پنهنجي وسريل ڳالهه ياد ڪري، جواب ڏنو ته: ائين برابر ٿيو هو ته تو ڄام نندي جي زال جو کير ڌاتو هو ۽ مارئي ان وقت ڄام نندي جي زال کي ٿڃ تي هئي. بلاشڪ تنهنجي ڀيڻ آهي. ان واقعي جي تصديق ’هوتوءَ‘ نالي واڻئي هڪ شاعر هن طرح ڪئي آهي:

    ٽيهين رات ٽري، دائي عمر وٽ آئي،
    ان اچي عمر ڄام کي، هيءَ حقيقت سڻائي،
    ڌاتئي ٿڃ ’مارئي ماءُ‘ جي، هيءَ ڀيڻ، تون ڀائي،
    سرت رک، ساڃهه ڌار، ڪر نه اجائي،
    ڪا ڀيڻ ڪنهن ڀاءُ کي، آهي رهائي،
    جيڪا ڄام نندي ڄائي، سا سام پرتئي سومرا!

    پڪ ٿيڻ بعد عمر مارئيءَ کي پنهنجي ڀيڻ سڏي، پاڻ وٽ رهايو ۽ ماڻهو موڪلي، ڄام نندو ۽ کيت گهرائي، انهن کي سڄي حقيقت ٻڌائي، کانئن معافي وٺي، مارئي انهن سان گڏي کين پنهنجي ملڪ وڃڻ جي موڪل ڏنائين. اهڙيءَ طرح مارئيءَ جي ڀاءُ کي ڏسڻ واري مراد پوري ٿي.


    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
    جي ڪتاب عمر - مارئي تا ورتل
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,194
    ورتل پسنديدگيون:
    5,196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ورايت ونڊڻ لاءِ لک قرب ، اڳ صرف بزرگن کان زباني قصن ۾ مختصر ٻُڌي هئي ، هاڻي تفصيل پڙهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. چنچل راج

    چنچل راج
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    موبائل اپليڪيشن ڊولپر
    ماڳ:
    لاهور، پاڪستان
    بهترين ونڊ پيارا، مهربانيون.
     
  4. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    165
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
  5. مبارڪ علي پنهوار

    مبارڪ علي پنهوار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 مارچ 2016
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مان وارا سائين مارئي ذات جي سمون نه پر پنهوار هئي. وڌيڪ اوهين تحقيق شاه سائين جي رسالي مان ڪيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو