اجائي ٽئگنگ کان بيزار فيس بُڪ استعمال ڪندڙن لاءِ ڪُجهه حل

'فيس بوڪ' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2015۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    فيس بُڪ جو نالو اڄ ڪلهه ايترو عام ٿي چُڪو آهي جو ان جا استعمال نه ڪندڙ به انهيءَ کان واقف آهن. اڪثر فيس بُڪ استعمال نه ڪندڙ اهڙا ماڻهو پُڇندا آهن ته ڏِسو فلاڻي واقعي جا فوٽو يا وڊيوز فيس بُڪ تي ته ناهن آيا؟ آيا هُجن ته ڏيکاريو ڀلا . . . . اصل ۾ هي سماجي رابطن جي ويسب سائٽ ويهن سالن جي هڪ آمريڪي جوان مارڪ زڪربرگ 2004ع ۾ ٺاهي هُئي جنهن کي ان جو آئڊيا هارورڊ يونيورسٽي ۾ فيس بُڪ نالي هڪ ڊيٽا بيس مان مليو جنهن ۾ پاس آئوٽ ڪري ويندڙ شاگردن جي سڄي معلومات تصويرن سميت رکي ويندي هُئي ۽ کين چيو ويو هو ته وقتا فوقتاً ان کي اپڊيٽ به ڪري ويندا ڪن ته جيئن خبر پئي ته هارورڊ جا گريجوئيٽ ڊگري وٺڻ کان پوءِ ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن. ايئن ئي ان طرز تي پهريان ان يونيورسٽي تائين محدود ۽ پوءِ سڄي دُنيا ليول تي فيس بُڪ جي سائٽ ٺاهي آندي وئي ته جلد مقبول ٿيڻ لڳي ۽ ڏسندي ڏسندي سڄي دُنيا ۾ ڦهلجي وئي. هر شيءِ جيان ان ۾ وقت سان گڏ جدت پڻ اينديوئي. پنهنجي حال (Status) ٻُڌائڻ لاءِ ٺهيل ان سائٽ ۾ تصويرون ۽ پوءِ وڊيوز سان گڏ اهو سڀ ڪرڻ جي سهولت آئي ته فيس بُڪ جي استعمال ۾ نواڻ اچڻ لڳي. هيءَ هڪ اهڙي اوطاق بڻجي وئي جتي سوين دوست هڪ وقت پاڻ ۾ رابطي ۾ اچي ويا. جيئن اسان وٽ سوين سالن کان اوطاقن جو رواج آهي (خاص ڪري ڳوٺن ۾) جتي شام جو سڀ ساٿي گڏجي ويهي ڏينهن جا احوال توڙي دُنيا جهان جون خبرون ڪندا آهن تيئن هن ۾ وري ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي سڀني کي ميڙي گڏ ڪيو ويو.

    جيئن هُن اوطاق جون ڳالهيون ۽ مسئلا تيئن هن ۾ به ٿيڻ لڳا. مثال طور اوطاق تي ايندڙ ڪو ماڻهو اڻ وڻندو به هوندو آهي ۽ اجائي ڄاڙ هڻي سڀني کي پريشان ڪندو آهي تيئن هتي به عجيب و غريب فيڊز اچڻ عام ڳالهه ٿي پئي. اوطاق تي ان ماڻهوءَ جي اچڻ تي پابندي ۽ هتي کيس ان فرينڊ ڪرڻ جو حل پر ڪڏهن ڪڏهن اوطاق ۾ به مُروت ۾ ڪجهه نه چئي سگهڻ جي مجبوري تيئن هتي به ان فرينڊ ڪرڻ جو آپشن هوندي به ان جو استعمال نه ڪري سگهڻ جي مجبوري ٿي پوندي آهي. اهڙا ٻيا به کوڙ مسئلا آهن جيڪي فيس بُڪ تي سامهون اچن ٿا جن جا حل به آهن. مثال طور اوهان جو ڪو ڄاڻ سُڃاڻ وارو آهي جيڪو فرينڊ لسٽ ۾ به آهي پر ان کي اوهان پنهنجيون پوسٽون نه ٿا ڏيکارڻ چاهيو (ڪنهن به سبب جي ڪري) ته ان کي فرينڊ لسٽ ۾ وڃي Restricted List ۾ هڻي ڇڏيو جنهن کان پوءِ هو اوهان جون صرف اُهي پوسٽون ڏسي سگهندو جيڪي اوهان پاران سڀني کي ڏسڻ ڄوڳيون رکيل هونديون مطلب ته پبلڪ اسٽيٽس هُجي. ايئن ئي وري اجائي گيمز جي جي انويٽيشنز کي بلاڪ ڪرڻ، هر وقت چيٽنگ تي تنگ ڪندڙ فرينڊز لاءِ چيٽنگ آف رکڻ جهڙا ڪيئي مسئلا ۽ حل قابلِ ذڪر آهن.

    پر فيس بُڪ جو هڪ اهڙو مسئلو جنهن جو هن وقت تائين فيس بُڪ به حل ناهي ڏِنو ۽ لڳ ڀڳ اڌ کان مٿي فيس بُڪ استعمال ڪندڙ ان مان بيزار آهن سو آهي اجائي ٽيگنگ. جيئن ته مٿي ٻُڌايو ويو فيس بُڪ پنهنجي حال ٻُڌائڻ جو ذريعو هو. ظاهر آهي اوهان جيڪڏهن پاڻ بابت ڪُجهه فيس بُڪ تي تصوير سان گڏ ڏيڻ چاهيو پيا ته اُن ۾ ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو جنهن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ يا اوهان پاران پوسٽ ڪيل ڏسندڙن کي ان سوال جو جواب اڳواٽ ڏيڻ لاءِ ته گڏ ڪير آهي، ٽئگنگ جو آپشن ڏنو ويو. اهو آپشن جيترو آسان ۽ مُفيد هو اوترو ئي اڳتي هلي پريشان ڪندڙ ثابت ٿيو. ڇو ته سماجي رابطن جي ان دُنيا ۾ ڪافي آساني توڙي آزادي آهي. ماڻهو ڪجهه به پوسٽ ڪري ڌڙا ڌڙ دوستن کي ٽئگ ڪرڻ لڳا ته جيئن نه فقط هو ان پوسٽ کي ڏسڻ تي مجبور ٿين پر سندن ٻيا دوست به انهن جي وال تي هِنن پاران پوسٽ ڪيل فيڊز ڏسن. مطلب ته ٽئگنگ جي آپشن کي بجاءِ انهيءَ جو لاڳاپيل ماڻهو يا ٻي نسبت ظاهر ڪرڻ جي ڪري استعمال ڪجي اهو ان ڪري استعمال ٿيڻ لڳو ته وڌ کان وڌ ماڻهو اها پوسٽ ڏسڻ تي مجبور ٿين ۽ جڏهن اهو تمام گهڻو وڌي ويو ته اجائي ٽئگنگ کان گهڻا ماڻهو پريشان ۽ بيزار ٿيڻ لڳا.

    ڪُجهه ماڻهو اهو به چوندا آهن ته خير آهي ٿيندا رهن ٽئگ اسان کي ڪهڙو فرق پوي ٿو؟ پر خيالرهي ته فرق پوي ٿو. ڇو ته ڪڏهن به، ڪو به، ڪُجهه به پوسٽ ڪري اوهان کي ٽئگ ڪري ٿو جيڪو اوهان جي وال تي ظاهر ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ڪجهه اهڙو آهي جيڪو اوهان پنهنجي دوستن اڳيان ظاهر ڪرڻ نه ٿا ڪرڻ چاهيو ته به اُهو اوهان جي وال تي ظاهر ٿيندو جيڪو يقينن اوهان لاءِ سُٺو ناهي. ان کان علاوه هڪ ٻي مُصيبت به آهي جنهن ۾ ڪُجهه دوست ڦاسي پيا ۽ اڄ تائين هر ٽئگ کي ريموو ڪرڻ ضروري سمجهن ٿا. اُهو اِهو ته اوهان اوچتو ڪنهن ٻي مُلڪ ۾ وڃي يا ڪڏهن ڪڏهن بندش پيل ٻين سائٽس کي کولڻ لاءِ پراڪسي استعمال ڪندي فيس بُڪ ۾ لاگ ان ٿيڻ چاهيو ٿا اوهان جو اڪائونٽ عارضي طور بلاڪ ڪيو وڃي ٿو. پوءِ مختلف طريقن سان اوهان جي تصديق ڪئي وڃي ٿي. جنهن مان هڪ اها به آهي ته اوهان لاءِ ٽئگ ٿيل تصويرون ظاهر ڪيون وڃن ٿيون ته هي تصويرون فلاڻي وقت اوهان کي ٽئگ ڪيونويون هُيون. هاڻي ڏَسيو ته اوهان ڪنهن سان گڏ آهيو اُن تصوير ۾؟ ظاهر آهي اهو ڪو تفريحي ماڳ، ڪنهن اهڙي شيءِ جي تصوير يا ڪُجهه به هُجي ته ڪهڙي خبر ڪنهن ٽئگ ڪئي؟ ان صورت ۾ اوهان اوستائين اڪائونٽ استعمال نه ٿا ڪري سگهو جيسين ساڳي آئي پي تان واپس اچي لاگ ان ٿيو جتان اڳي ٿيندا رهيا آهيو. ان جو مطلب ته اوهان غير ضروري ٽئگنگ روڪي به نه ٿا سگهو پر ٽئگ ريموو ڪرڻ پڻ ضروري آهي.

    ٽئگ ريموو ڪرڻ ڪو ايڏو ڏُکيو به ناهي جو جيڪا تصوير ٽئگ ڪئي وڃي ٿي اُن جي هيٺ يا پاسي ۾ ٽئگ ريموو ڪرڻ جو آپشن موجود هوندو آهي پر اڄڪلهه جنهن حساب سان ٽئگ ٿي رهيا آهن ان ۾ ڪافي وقت لڳي ٿو ان ڪم ڪرڻ ۾.وقت بچائڻ لاءِ هڪ حل آهي ته اوهان پنهنجي وال تي وڃي Activity Log ۾ وڃو ۽ کاٻي پاسي موجود آپشن photos ۾ وڃي ڏسندؤ ته اوهان پاران پوسٽ ڪيل تصويرن سميت اُهي سڀ تصويرون ظاهر ٿينديون جن ۾ اوهان کي ٽئگ ڪيو ويو آهي. اوهان آرام سان چيڪ باڪس ڪلڪ ڪندا وڃو ۽ هڪ ئي ڌڪ سان ڏهه ٽئگ ٿيل تصويرن مان پنهنجا ٽئگ ريموو ڪري ڇڏيو.

    اڄ تائين جيڪي به فيس بُڪ استعمال ڪندڙ يا ڪمپيوٽر تي وڌيڪ وقت کپائيندڙ آهن تِن کان جڏهن به ٽئگنگ جو حل پُڇيو ويو آهي ته سندن چوڻ آهي ته يا اجائي ٽئگنگ ڪندڙ کي ئي ان فرينڊ ڪري ڇڏيو يا وري ٽئگ ريموو ڪندا رهو. پر مسئلو اهو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اسان فيس بُڪ تي ڪافي ڏينهن کان پوءِ به ويهون ٿا ان وچ ۾ ڪو حرفتي ڪا اهڙي پوسٽ اسان کي ٽئگ ڪري ڇڏي جيڪا اسان جي ٽائم لائن تي ظاهر ٿئي ته باعث ندامت يا پريشاني ٿي سگهي ٿي ته ان جو حل وري اهو آهي ته اوهان پرائويسي سيٽنگ ۾ وڃي اوهان کي ٽئگ ٿيندڙ تصوير کي رُڳو اوهان جي ڏسي سگهڻ تائين محدود ڪريو. ان سان اهو ٿيندو ته جيڪا به پوسٽ اوهان کي ٽئگ ڪئي ويندي اُن کي رُڳو اوهان ئي ڏسي سگهندا ۽ جيڪڏهن ڪمينٽ يا لائڪ ڪندا ته رُڳو ان صورت ۾ ئي اوهان جي ٽائم لائن تي ٻين جي اڳيان به ظاهر ٿيندي نه ته لڪل رهندي. ان جو طريقيڪار اهو آهي ته فيس بُڪ پيج جي ساڄي پاسي مٿي ڏنل هيٺين رُخ طرف تير تي ڪلڪ ڪري سيٽنگ ۾ وڃو ۽ ساڄي پاسي ايندڙ آپشن ۾ Timeline and Tagging ۾ وڃي سيٽنگ تبديل ڪجي. وڌيڪ وضاحت لاءِ ان آپشن جو اسڪرين شاٽ پڻ هتي ڏنل آهي.

    ٽئگ ڪرڻ جي شوقينن کي به صلاح ته هو سندن تصويرن يا پوسٽن ۾ رُڳو انهيءَ ڪري به ڪنهن کي ٽئگ ڪن ٿا ته ٽئگٿيندڙ ماڻهو اها پوسٽ ضرور ڏسي ۽ ان تي پنهنجي راءِ ڏي ته ان جو هڪ آسان حل آهي. پنهنجي پوسٽ موڪليو ۽ پوءِ ڪمينٽس ۾ وڃي انهن جا نالا لکڻ سان جڏهن پاڻ مُرادو ظاهر ٿين ته ايڊ ڪندا وڃو جنهن سان اڳئين ماڻهو وٽ ان پوسٽ تي ڪمينٽس ۾ کيس mention هُجڻ جو رُڳو هڪ نوٽيفڪيشن ويندو جنهن کان پوءِ هو ڪا راءِ ڏي يا نه ڏي سندس مرضي پر جيڪڏهن کيس تصوير ۾ ئي ٽئگ ڪيو ويندو نه رُڳو ان جو نوٽيفڪيشن وٽس ويندو پر ان تي ايندڙ هر ڪمينٽ توڙي لائڪجو نوٽيفڪيشن پڻ ويندس جيستائين هو ٽئگ ريموو نه ڪري يا وري نوٽيفڪيشن کي نه روڪي.

     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ڪوشش ادا لک لائق ، واقعي انهي ٽيگ مان اڌ کان وڌيڪ فيس بوڪ يوزر بيزار آهن!
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    توهان جو ليک غور سان پڙهيم.تمام بهترين سمجهاڻي.لک قرب

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب ڏيڻ جو هي انداز وڻيو ;) سدا سرها هجو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو