• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انتظار جون گهڙيون ختم،ونڊوز 10 لانچ ٿي وئي

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
مائڪروسافٽ پاران ونڊوز جو نئون ۽ آخري ورزن ونڊوز 10 190ملڪن ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو.

xcMDkzw.jpg

ڪمپني موجب هي ونڊوز ٻين ونڊوز کان بهترين ثابت ٿيندي.
هن ونڊوز جي خاص ڳالھ اها آهي ته هي هڪ سال مفت ۾ هلندي.
هن ونڊوز ۾ نيون شيون متعارف ڪرايون ويون آهن جيڪي هي آهن.


1. ونڊوز 10 ساڳي وقت ڊيسڪ ٽاپ ، ليپ ٽاپ تي هلي سگهندي.ونڊوز 10 ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هن ويب سائيٽ جو ڦيرو ڀريو.
2. ونڊوز 10 ۾ ٽچ اسڪرين فيچر وڌيڪ هوندا
3. نئون انٽرنيٽ برائوزر ايج شامل آهي،هي برائوزر ڪروم،موزيلا کان وڌيڪ تيز آهي.
4. سمارٽ ايپڪليڪيشن شامل آهن
5. سوشل ميڊيا جا فيچر پڻ ان سان ڳنڍيل آهن
6. اسڪائيپ سڌيءَ ريت ان ۾ شامل آهي
7. هونو لينس جي ايپليڪيشن جنهن سان ڀرپاسي جي ڊجيٽل دنيا ڏسي سگهبي
8: مائيڪرو سافت آفيس2016 ان ۾ شامل آهي.
9. ايڪس باڪس جون گيمز پڻ مفت ۾ کيڏي سگهبيون.

10.ڪلينڊر،ڪورٽنا،وائيس اسسٽنٽ،ڪورٽانا ۽نئين فوٽو اپليڪيشن شامل آهي.
 
ونڊوز 10 کي ڪيئن انسٽال ڪجي.؟؟

ان لاءِ توهان جي پي سي ۾ونڊوز 8 يا7 هجي ۽ هيٺيون شيون هجن تڏهن.ئي توهان ونڊوز 10 کي انسٽال ڪري سگهو ٿا.
  • RAM: 1GB for 32-bit / 2GB for 64-bit
  • Storage: 16GB for 32-bit / 20GB for 64-bit
  • CPU: 1GHz or faster
Graphics: DirectX 9 capable video car

ٽاسڪ بار ۾َونڊوز 10 جو آئڪن.هوندو اتي Reserve your free upgrade کي ڪلڪ ڪري اتي اي ميل لکو .پوءِ ونڊوز 10 توهان وٽ انسٽال ٿي ويندي.
AGetStartedApp_Image_391x227.png
نوٽ:ونڊوز 10 6 جي بي جي آهي.​
 
هن ونڊوز جي خاص ڳالھ اها آهي ته هي هڪ سال مفت ۾ هلندي.
جي اڄ مان ونڊوز سيون کي اپڊيٽ ڪيان ته ڇا هڪ سال کان پوءِ مون کي ونڊوز 10 جو لائسنس خريد ڪرڻو پوندو؟ يا لائف ٽائيم فِري؟ مهرباني ڪري اِهو سمجهائجو...
 
پُراڻن ونڊوز جو ڇا ٿيندو ؟؟؟
پراڻي ونڊوز ۾ دوستن جو ايڏو ڪم ٿيل آهي جنهن کي نئين ونڊوز ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ به ايڏي محنت جي ضرورت پوي ٿي جيئن نئين سر کان ڪم شروع ڪرڻو هجي !!!
 
پُراڻن ونڊوز جو ڇا ٿيندو ؟؟؟
پراڻي ونڊوز ۾ دوستن جو ايڏو ڪم ٿيل آهي جنهن کي نئين ونڊوز ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ به ايڏي محنت جي ضرورت پوي ٿي جيئن نئين سر کان ڪم شروع ڪرڻو هجي !!!

ڪجهه ڏينهن صبر ڪريو.. اها ونڊوز ڊي.وي.ڊي جي صورت ۾ پڻ اچي ويندي.. :) :)
 
جي اڄ مان ونڊوز سيون کي اپڊيٽ ڪيان ته ڇا هڪ سال کان پوءِ مون کي ونڊوز 10 جو لائسنس خريد ڪرڻو پوندو؟ يا لائف ٽائيم فِري؟ مهرباني ڪري اِهو سمجهائجو...
سال کان پوءِ لائسنس وٺڻو پوندو.
پر پاڪستان ۾ جهڳار ٿي ويندو.ونڊوز 10 مفت هلندي لائيف ٽائيم
 
خوشخبري...! :) ونڊوز 10 آئي.ايس.او فائل ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انسٽال ڪريو :)
ونڊوز 10 ڊائريڪٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو .. :)
انسٽال ڪرڻ لا توهان آئي.ايس.او فائل کي يو.ايس.بي يا ڊي.وي.ڊي ۾ بوٽيبل ڪريو ۽ انسٽال ڪريو.

فاروق سومرو رضوان علي جمالي محمد نويد جمالي

ٻڌايل لنڪ کي اينٽي وائرس بلاڪ پيوڪري...
 
Back
Top