عبدالڪريم بلوچ : سنڌي ٻوليءَ ۽ ڪلچر کي دنيا آڏو متعارف ڪرائيندڙ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    عبدالڪريم بلوچ : سنڌي ٻوليءَ ۽ ڪلچر کي دنيا آڏو متعارف ڪرائيندڙ

    هاشم شورو

    عبدالڪريم بلوچ (مرحوم) کي مرحوم لکندي الائي ڇومنهنجو قلم اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي تہ عبدالڪريم بلوچ صاحب اسان کان وڇڙي ويو آهي . اسين ڪوٽڙيءَ وارا خوش قسمت آهيون جو اسان وٽ علم ادب ۽ عرفان جا خزانہ آهن جن ۾ سائين عبدالڪريم بلوچ،عبدالطيف ساقي، عبدالله ڊي بلوچ، علي بابا، هارون رند، چاچا غلام رسول بلوچ، ملڪ سڪندر، اسير ملاح، شهيد سومرو محمد بخش سومرو قادربخش مٺو ۽ ٻيا انيڪ ماڻڪ موتي لعل ڪوٽڙيءَ ۾ پئدا ٿيا ، جن پنهنجي ڪوٽڙيءَ جي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي عزت ۽ نالو ڪمايو .
    عبدالڪريم بلوچ جا وڏا بلوچستان جي علائقي ڀاڳناڙيءَ کان لڏي ڪوٽڙيءَ ۾ پنهنجو ڳوٺ يوسف بلوچ اڏي اچي آباد ٿيا.۽ عبدالڪريم بلوچ صاحب 1938 ۾ ڪراچي جي بغداديءَ ۾ پئدا ٿيو.
    عبدالڪريم بلوچ هڪ باڪردار ۽ انتهائي شريف النفس شخصيت جو مالڪ هو، پنج وقت نمازي هو ، سٺو ڊرامہ نگار ۽ ڪهاڻيڪار هو ، بلوچ صاحب سنڌي ساز چنگ ڏاڍي مهارت سان وڄائيندو هو .بلوچ صاحب جي هڪڙي ڳاله جيڪا مونکي ڏاڍي وڻندي هئي اها تہ پاڻ ڪٿي بہ هجن پر عيد ڪوٽڙيءَ ۾ ضرور ڪندا هئا، ۽ پنهنجي ننڍي هوندي جي دوستن سان عيد ملڻ پاڻ هنن جي گهر ويندا هئا، اها انهن جي وڏي خوبي هوندي هئي.
    عبدالڪريم بلوچ جو وڏو ڀاءُ عبدالطيف ساقي ، جيڪو پاڪستان جي فلم انڊسٽريءَ جو معتبر نالو هو ، هن جي ڪريڊٽ تي تمام گهڻيون پاڪستاني فلمون آهن ، هن هڪ هاليوڊ جي تنهن وقت جي مشهور فلم ڀاواني جنڪشن ۾ به ڪم ڪيو هئو. عبدالڪريم بلوچ شيردل هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ مان مئٽرڪ ڪئي۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي . 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو . جهونن کي ياد هوندو ته ريڊيوتي هڪ مشهور پروگرام هوندو هو جنهن کي پوري سنڌ وڏي شوق ۽ ذوق سان ٻڌندي هئي ۽ اهو پروگرام آهي “فتح خان جي ڪچهري” ان ۾ ريڊيو جو ليجيند فنڪار صداڪار سائين صالح محمد شاه مرحوم فتح خان جو ڪردار ادا ڪندو هو ۽ سائين عبدالڪريم بلوچ ڳنور خان جو ڪردار ڪندا هئا . ريڊيو تي ڊراما به ڪندا هئا . ٻارن جي مشهور پروگرام “ٻارن جي ٻاري ” پروگرام ۾ ما ما ملوڪ جو ڪردار ڪندا هئا . ان ۾ ٻارن کي آکاڻي ٻڌائيندا هئا ۽ جانورن جا آواز به ڪڍندا هئا.۽ پوءِ کين ريڊيو تي ئي پروڊيوسر جي نوڪري ملي ، جنهن ۾ پاڻ ڪافي نالو۽ عزت ڪمائي. 1966ع ۾ بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي پروڊيوسر اپائينٽ ٿيا. هي پي ٽي ويءَ جو اوائلي دور هو ۽ سنڌي پروگرام هفتي ۾ صرف اڌ ڪلاڪ هلندو هو ۽ غير سنڌي پروڊيوسر ۽ فنڪار هوندا هئا جيڪي اچار صحيح ڪڍي نہ سگهندا هئا ، بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي اچڻ سان پاڻ سان گڏ ريڊيو جا سنڌي فنڪار ڳولهي ڳولهي وٺي آيو ۽ انهن کان سنڌي پروگرام ڪرايائين . جيئين سليمان شاه ، علڻ فقير،نور محمد لاشاري، شفيع محمد شاه انور سولنگي، گلاب چانديو ۽ ٻيا ڪافي فنڪار متعارف ڪرايائين ، اڄ جيترا به سنڌي فنڪار توهان ڏسو ٿا سي سڀ بلوچ صاحب جا متعارف ڪرايل آهن .
    اهڙيءَ طرح بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي سنڌي ماڻهن کي تمام گهڻيون ملازمتون ڏنيون جيڪي اڄ بہ بلوچ صاحب کي دعائون ڏين ٿا . هارون رند پي ٽي ويءَتي سنڌي ڊرامي جو هڪ وڏو نالو آهي ، جيڪو سندن ڀاڻيجو هو ، جنهن علي بابا جو بين القوامي شهريت حاصل ڪندڙ ڊرامو(دنگيءَ منجه دريا) جنهن کي جرمنيءَ ۾ عالمي شهريت ملي ۽ پوري دنيا ۾ ٽيو نمبر وڏو ايوارڊ ماڻيو، ۽ هن جي ڪريڊٽ تي ڪافي بهترين ڊراما آهن پر هارون سان زندگي وفا ڪانه ڪئي . اهڙيءَ طرح ڪوٽڙيءَ جو هڪ ٻيو نالو نظير چنا کي بہ پاڻ اڳيان آندائون . سنڌي ٻوليءَ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار علي بابا کي بہ سائين بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ لاءِ لکرايو ۽ اهڙا تہ شاهڪار ڊراما لکيا آهن جو وسرن ئي نٿا . اسانجي ڪوٽڙيءَ جي سنڌي ادبي سنگت جي سابق سيڪريٽري نوجوان شاعر ڪهاڻيڪار ۽ بهترين ڊراما نگار اختر رند کي بہ پي ٽي ويءَ تي متعارف ڪرايو ۽ سندن تربيت بہ ڪئي ، جنهن جو اعتراف اختر هر ڪچهريءَ ۾ ڪندو رهندو آهي .
    هڪ دفعي بلوچ صاحب شاه لطيف لائبروريءَ ۾ آيو ( جنهن جو مان انچارج هئس) ۽ لائبروري کولڻ تي اسانجي ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ حوصلہ افزائي ڪئي . مون سائينءَ کي موقعي مان فائدو کڻندي چيو سائين مان پي ٽي ويءَ تي پروڊيوسر ٿيڻ چاهيان ٿو . پاڻ پڇائون “ڪيترو پڙهيل آهين”
    چيم “سائين ايم اي سنڌي ادب ۾ آهيان ” چيائون ،“ زبردست توهان وٽ اخبارون اينديون آهن، باقائيدگيءَ سان ڏسندا رهجو جيئين ئي اسسٽنٽ پروڊيوسر جي ايڊ اچي اپلائي ڪري مونکي اطلاع ضرور ڪجو . ۽ ٻين دوستن کي بہ ٻڌائجو جيڪي ماسٽرز آهن .” ڪجه ڏينهن بعد اخبار ۾ اسسٽنٽ پروڊيوسر جون جايون آيون مون اپلائي ڪري ڇڏيو ۽ سائينءَ بہ نياپو موڪليو تہ پي ٽي ويءَ ۾ اسسٽنٽ پروڊيوسر جون جايون آيون آهن اپلائي ڪري ڇڏيو. وري ڪجه ڏينهن ۾ رٽن ٽيسٽ لاءِ وڃڻ ٿيو . هڪ ڏينهن پهرين مان سائينءَ سان سندن آفيس ۾ مليس ڏاڍو خوش ٿيا ۽ ڪجه ٽپس ڏنائون، ٻئي ڏينهن ٽيسٽ تي پاڻ آيا ۽ مون وٽ اچي چيائين جيڪو نہ اچي مونکان پڇي وٺ ۽ ڪجه اهم شيون ٻڌائي هليا ويا. مان ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيس ، وري انٽرويو جي ڪال آئي ويس ۽ بلوچ صاحب سان مليس چيائين صحيح صحيح جواب ڏجان هيڊ ڪوارٽر مان مينيجنگ ڊائريڪٽر آيل آهي اهو انٽرويو ڪندو . انٽرويو ٿيو مان ڏاڍو پر اميد هئس ، مونکي فيل ڪري ڇڏيائون ۽ دادوءَ مان هڪ ٻيو سليڪٽ ٿي ويو ، پوءِ خبر پئي تہ تنهن وقت جي منسٽر ظفرالله جماليءَ جي سفارش تي همراه ضلع دادوءَ جي سيٽ تي کڄي ويو . خير جيڪو ٿيو سو خوب ٿيو ، ان تي مونکي ڏک ناهي ، پر مونکي ان ڳاله جي خوشي ۽ فخر آهي ته بلوچ صاحب پوري سچائيءَ سان منهنجي مدد ڪئي .
    گھڻن ماڻهن کي شايد اها خبر نه هجي ته پي ٽي ويءَ جو جڳ مشهور پروگرام جيڪو اڄ به جاري آهي “ نيلام گهر ” عبدالڪريم بلوچ جو آئڊيو هو . پاڻ هڪ دفعي ڪچهري ڪندي چيائين تہ صدر ڪراچيءَ ۾ گهمندي مونکي ماڻهن جو هڪ ميڙ نظر آيو ، ويجهو وڃي ڏٺم تہ هڪ ماڻهو ٽيپ ، واچون ، ريڊيا، ڪئميرائون ۽ ٻيون شيون نيلام ڪري رهيو هيو، منهنجي ذهن ۾ آيو تہ اسين بہ ڪو اهڙو پروگرام ڪريون جنهن ۾ ماڻهو سوالن جي جواب عيوض اهڙيون شيون گهر کڻي وڃن. مون اهو آئڊيو هيڊڪوارٽر ۾ ڊسڪس ڪيو ، هنن چيو آئڊيو تہ بهترين آهي پر شيون پي ٽي وي ڪون ڏئي سگهندي، ان جو ذمو مون کنيو ۽ ڪراچيءَ جي واپارين سان ميٽنگ ڪئي هنن کي سمجهايو تہ توهين هوئن بہ اشتهار تہ ڏيو ٿا انهن جا پئسا بہ ڏيو ٿا هي بہ هڪ اسپانسر شپ آهي توهان هن ۾ وڏو فائدو آهي توهان جي وڏي سيل ٿيندي ، واپارين کي ڳاله سمجه ۾ آئي ۽ انهن ها ڪئي . هاڻي ٻيو مرحلو هو ڪمپيئر جو جيڪو اسان انٽرويو ڪرايا ڪافي ماڻهن انهن ۾ حصو ورتو پر مان ڪنهن مان مطئمن نہ ٿيس ، تن ڏينهن طارق عزيز ڪراچي آيل هو، پي ٽي ويءَ تي آيو هو . مونسان ملاقات ٿيس تہ مون هن کي نيلام گهر جي ميزبان لاءِ چيو جنهن منهنجي آئڊيا ٻڌي ۽ تيار ٿي ويو .۽ اهڙي طرح نيلام گهر پي ٽي ويءَ کي ڪروڙن روپين جو فائدو ڏنو ۽ طارق عزيز بہ بلوچ صاحب جي دريافت آهي .
    عبدالڪريم بلوچ جي دوستيءَ جو حلقو تمام وسيع هو، جنهن ۾ گهڻو ڪري ادبي شخصيتون هونديون هيون، هنن جي بيٺڪ گهڻو ڪري ايلفي اسٽريٽ هاڻي جي (زيب النسااسٽريٽ ) تي حميد ڪاشميري جي بڪ اسٽال تي يا ايلفي هوٽل تي جن ۾ پير حسام الدين راشدي، امر جليل، قمر شهباز، شمشيرالحيدري، اقبال جتوئي، نظير چنا،سان گڏ ڪچهريون ٿينديون هئن ، ڪڏهن ڪڏهن عبيدالله عليم ۽ جون ايليا ۽ ٻيا اردوءَ جا اديب بہ ايندا هئا ۽ اتي ادبي ڪچهريءَ کان سواءِ ڊرامہ جون ڪهاڻيون ۽ انهن ڊرامن جا مشهور ڪردار بہ ايندا هئا، بلوچ صاحب غريبن ۽ اميرن جو مشترڪہ دوست هو. بلوچ صاحب جا جتي مرد حضرات دوست هوندا هئا ۽ اتي عورتون بہ دوست هونديون هيون جن ۾ سلطانہ صديقي، مهتاب اڪبر راشدي، ميڪ اپ آرٽسٽ ليليٰ رضا، حسينہ معين، منينزه بصير شامل هيون ۽ پي ٽي ويءَ مان قاسم جلالي، حيدرامام رضوي، ڪنور آفتاب، بيدل مسرور وغيره ۽ ٻيا .
    عبدالڪريم بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي1966ع ۾ پروڊيوسر ٿيو۽ ترقي ڪري 1973 ۾ پروگرام مئنيجر ٿيو۽ پوءَ جنرل مئنيجر جي عهدي تي ترقي ورتائون ۽ پوءِ اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر ۾ ترقي ڪري ڊائريڪٽر پروگرامس جهڙي وڏي عهدي تان 1999ع تي ريٽائر ڪيائون۽ 2007 ۾ تنهن وقت جي صدر جنرل پرويزمشرف بيسٽ پرفارمنس جو ايوارڊ ڏنو .هيڏن وڏن عهدن تان ريٽائر ٿيڻ کان پوءَ بہ هن وٽ ڪجه بہ نہ هو . پاڻ باڪردار انسان هئا صاف هٿن سان ويا ۽ صاف هٿن سان عزت سان ريٽائرڊ ٿيا. ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڳوٺ جي عوام جي بي حد اصرار تي يو سي نانگولائين 2 تي ناظم چونڊيا ، پر جلدي ئي هنن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي ويو ڪوئلن جي دلاليءَ ۾ هنن پنهنجا هٿ ڪارا ڪرڻ نٿي چاهيا ۽ اتان بہ استعفيٰ ڏئي ڇڏي 06 آگسٽ 2008 ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا .


    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ سندن مغفرت فرمائي
     
  3. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    نهايت ئي معلوماتي مضمون بلوچ صاحب بابت مفيد معلومات ڏيڻ لا مهرباني هاشم صاحب .وساڻ سائين قرب
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  5. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
    معلوماتي مضمون
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ خاموش خدمتگار جي وسري ويل ورسي!

    شوڪت ميمڻ

    سنڌوء جي ڪپ تي ويهي "موهن جو دڙو" جهڙو ناول لکندڙ علي بابا جي شهر ڪوٽڙي جي کاتي ۾ هونئن ته سنڌ جي تاريخ سان سلهاڙيل ڪيئي ڪهاڻيون رقم ٿيل آهن پر موهن ڪلپنا، عبدالطيف ساقي، هارون رند کان وٺي، استاد غلام حسين ۽ قادر بخش مٺوء تائين ڪيترا ئي قدآور نالا به ڪوٽڙيء جي سڃاڻپ بڻيل آهن.
    ڪوٽڙيء ۾ جنم وٺڻ کان پوء سموري سنڌ جي شناخت بڻيل اهڙن وڏن نالن ۾ مرحوم عبدالڪريم بلوچ جو نالو هن وقت قبرستان بڻيل ڪوٽڙي ۾ هڪ مزار جي اوچي مينار جيان لڳي رهيو آهي..
    عبدالڪريم بلوچ سنڌي ٻوليء ۽ آرٽ جي انهن خاموش خذمتگارن منجهان هڪ هيو جيڪي پنهنجي پورهيي جو اجورو ناهن گهرندا، نه ئي انهن کي ان ڳالھ جي ڪا تمنا هوندي آهي ته مئي پڄاڻا سندن جنازي ۾ ماڻهن جو انگ وڏو هجي.
    بلوچستان جي پهاڙن مان لڏي آيل عدالڪريم بلوچ جي وڏن ڪوٽڙيءَ ۾ به يوسف بلوچ نالي پنهنجو هڪ الڳ ڳوٺ اچي اڏيو هئو، هڪ اهڙو ڳوٺ جن جي ويڙهي پاتشاھ پاڻهي هلي ايندا آهن..
    عبدالڪريم بلوچ 1938 ۾ ڄائو ته ڪراچي جي ڪنهن ننڍڙي گهر ۾ هيو پر سندس ٻاروتڻ ڪوٽڙي جي ڳلين ۾ ورهاڱي کان اڳ واڻين جي ٻارن سان رانديون ڪندي گذريو.
    عبدالڪريم بلوچ ڪوٽڙي جي ملڪ شير دل هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوء سڌو وڃي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجا خيما کوڙيا جتي سندس پڙهائيء جو موزوع به سنڌي ادب هيو جنهن ۾ هن ماسٽرس ڪئي. آرٽ سان ازلي لڳاء سبب هو 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، اهو دور ريڊيو جو دور سڏيو ويندو هئو، ان دور ۾ ريڊيو تي صداڪارن جون صدائون ٻڌڻ وارا جهر جهنگ ۾ موجود هوندا هئا.
    ريڊيي جي ان عروج واري زماني ۾ مشهور پروگرام “فتح خان جي ڪچهري” ۾ سيد صالح محمد شاه مرحوم فتح خان جو مشهور ۽ معروف ڪردار ادا ڪندو هو جيڪو سڄي سنڌ جي ماڻهن ۾ ڏاڍو مشهور هئو، عوامي انداز سان اوطاقن تي ويٺل ڪچهرين جي ڪوڏين مڙسن جون ڪچهريون ٻڌڻ لاء هر روز ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجا ڪم ڪاريون لاهي اچي ريڊيي جو پاسو وٺندا هئا. فتح خان جي وات مان نڪرندڙ هر گفتو سموري سنڌ جي ٻهراڙيء جي ماڻهن جي دل مان نڪتل ڄڻ ته سندن ئي پنهنجو آواز هوندو هو. ان ئي پروگرام ۾ عبدالڪريم بلوچ ڳنور خان جو ڪردار ادا ڪندو هئو ۽ فتح خان جي ڪچهريء ۾ ٻين کي وارو وٺائيندو هئو. اڳتي هلي "اوطاق" نالي پي ٽي وي تي پڻ سيد صالح محمد شاھ جي ميزباني ۾ ساڳيو پروگرام نشر ٿيڻ لڳو جنهن ۾ صالح محمد شاه جي غير حاضري ۾ ڪڏهن ڪڏهن اوطاق جي ميزباني به عبدالڪريم بلوچ ڪري وٺندو هيو. پر ريڊيي تي هلندڙ فتح خان جي ڪچهري واري دور ۾ عبدالڪريم بلوچ ريڊيو تي ئي هلندڙ ٻارن جي هڪ ٻئي مشهور پروگرام "ٻارن جي ٻاري" ۾ ماما ملوڪ جو ڪردار به ادا ڪندو هو، جنهن ۾ هو ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائڻ سان گڏ جانورن جا آواز به ڪڍندو هو. جانورن جا آواز ڪڍڻ وارو اهو سلسلو اڳتي هلي ڪوٽڙي جي هڪ ٻئي فنڪار قادر بخش مٺو تائين پهتو جنهن کي وڻ ڪريم بلوچ پهريون ڀيرو ڪراچي ڏيکاري هئي. پوءِ کيس ريڊيو تي پروڊيوسر طور نوڪري ملي جنهن دوران عبدالڪريم بلوچ نالي سان گڏ ڪافي شهرت پڻ ڪمائي. 1966ع ۾ ڪريم بلوچ پي ٽي ويءَ کي پروڊيوسر طور جوائن ڪيو. اهو دور ٽي وي تي سنڌي پروگرامن ۽ فنڪارن لاء ڏکيو دور هيو ڇاڪاڻ ته پي ٽي وي پاران سموري وقت مان ان وقت فقط 25 منٽ سنڌي ٻوليء کي ملي سگهندا هئا پر پوء به بلوچ صاحب ايندي ئي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان خاص طور تي ريڊيو تي ڪم ڪندڙ فنڪارن کي ڳولي ڳولي پي ٽي وي تي کڻي آيو.
    ڪريم بلوچ جي متعارف ڪرايل سوين فنڪارن ۽ اداڪارن ۾ سيد سليمان شاه، علڻ فقير، نور محمد لاشاري، شفيع محمد شاه، انور سولنگي، گلاب چانديو ۽ ٻيا ڪيترائي اڻ ڳڻيا فنڪار شامل آهن جن ڪريم بلوچ جي آڱر پڪڙي پي ٽي تي پير رکيا ۽ ڏسند يئي ڏسندي شهرت جي بلندين تي وڃي پڳا.
    اڳتي هلي بلوچ صاحب جي ڀاڻيجي مشهور پروڊيوسر ۽ هدايتڪار هارون رند پڻ پي ٽي ويءَ کي تاريخي سنڌي ڊراما ڏنا جيڪو پڻ نه فقط سندس ئي متعارف ڪرايل هيو پر هارون رند جي دل ۾ ڪوٽڙي ۽ سنڌ سان محبت جي جيڪا جوت جلي رهي هئي ان جو ڪارڻ پڻ بلوچ صاحب پاران ڪيل سندس تربيت ئي هئي. مرحوم ساقي جهڙو اداڪار پڻ بلوچ صاحب جو ڀاء هئو جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته آرٽ يوسف ڳوٺ جي مڙني ماڻهن جي سرير ۾ ستيء وانگر پيل هئي.
    اهو ئي نه پر عالمي مڃتا ماڻيندڙ ڊرامي "دنگيءَ منجھ درياھ" جي خالق علي بابا کي پڻ بلوچ صاحب پي ٽي وي تي لکڻ لاء آماده ڪيو جنهن اڳتي هلي پي ٽي وي کي شاهڪار ڊراما ڏنا.
    علي بابا به بلوچ صاحب جي وڃڻ کان پوء پي ٽي وي تي وري نظر نه آيو.
    عبدالڪريم بلوچ پي ٽي وي تي ترقي ڪري 1973 ۾ پروگرام مئنيجر ٿيو ۽ بعد ۾ پي ٽي وي ڪراچي جو جنرل مئنيجر ٿيڻ کان پوء 1999 ۾ پي ٽي وي اسلام آباد ۾ ڊائريڪٽر پروگرامس جي عهدي تان ريٽائر ٿيو، ڪريم بلوچ جي رٽائر ٿيڻ سان پي ٽي وي جي درن کي پڻ سنڌي اداڪارن ۽ فنڪارن لاء ڄڻ ته تالا لڳي ويا. ڪريم بلوچ نه فقط سنڌي اداڪارن ۽ فنڪارن کي ٽي وي تي ذوريء ڳولهي ڳولهي اچي متعارف ڪرايو پر هن پنهنجي آفيسريء واري دور ۾ ڪوٽڙي توڙي سڄي سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن کي نوڪريون پڻ ڏنيون. ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڪراچيء ۾ گهر گهاٽ هوندي به کيس ڪوٽڙيء کان ٻاهر مزو نٿي آيو ان ڪري هن وري اچي يوسف ڳوٺ جا ويڙها وسايا.
    ٻهراڙيء جي سادن ماڻهن جي منٿن تي هو 2001 جي بلدياتي اليڪشن ۾ يو سي جو ناظم پڻ چونڊجي ويو. کيس ناظمي تڪ جي زري گهٽ سڀني ماڻهن اکيون پوري ووٽ ڏنا ڇو ته پي ٽي وي تي وڏو آفيسر هوندي به هن ڪڏهن به ڳوٺ جي ماڻهن کان منهن نه موڙيو ۽ سندن هر ڏک سک ۾ گڏ رهيو هئو.
    چوندا آهن ته "ڏنو ڪڏهن به ڪنو ناهي ٿيندو" ان ڪري هن پاران ماڻهن جي مدد ڪرڻ واري طبيعت سبب ماڻهن به بدلي ۾ کيس محبتن جا جهول ڀري ڏنا.
    پر هن شريف انسان پنهنجي هٿان ماڻهن جا مسئلا حل نه ٿيڻ واري بيوسي ڏسي فقط ڪجھ مهينن اندر ئي استعيفي ڏئي ڇڏي، ساڻس گڏ نائب ناظم ٿيل رفيق جوڻيجي مون کي ٻڌايو ته هن ناظميء واري هڪ به پگهار نه کنئي ۽ جڏهن هن استعيفا ڏني ته يونين ڪائونسل جي ملازمن مٺايون ورهايو هيون، ان ڪري ته بلوچ صاحب جي هوندي هنن لاء هڪ رپيو کائڻ به ممڪن نه هئو.
    عبدالڪريم بلوچ انهن يگانن انسانن منجهان هڪ هئو جيڪي دولت بدران دوستيون ڪمائيندا آهن.
    ڪوٽڙيء جي قبرستان ۾ دفن ٿيل عبدالڪريم بلوچ 2008 ۾ اڄوڪي ڏينهن تي هن دنيا کي هميشه لاء الوداع ڪري وڃڻ کان پوء به ڪنهن به اهل دل ماڻهوء کان وسري ناهي سگهيو.
    "بلوچ صاحب کي مرحوم نہ چئو، هو تہ زنده رهندو، مرحوم تہ اسين آهيون جيڪي جيئرا هوندي بہ ڪنهن کي ياد ناهيون.. "
    سندس وفات تي ڪوٽڙيء جي مرحوم شاعر هاشم شوري جا چيل اهي اکر ياد اچي رهيا آهن جيڪي هن بلوچ صاحب جي وڇوڙي تي سندس تڏي تي مون کي چيا هئا..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو