بَروَو سنڌي اَچِين جَي هَيڪارَ، مُون سارَيندَي سُپِرِين

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اَچِين جَي هَيڪارَ، مُون سارَيندَي سُپِرِين
    پَيرَين ڌَرِيان پِنبِڻيُون، هَنڌَ وِڇايان وارَ
    ساڄَنَ ! سَڀَ ڄَمارَ، هُندَ گولِي ٿِي گذارِيان


    سُرُ بَرِوو سنڌي

    هَيڪارَ = هڪڙو دفعو
    سارَيندِي = ياد ڪندي
    پَيرَين = پيرن هيٺان، جنهن رستي تي تون قدم رکين
    ڌَرِيان = رکان، وڇائي ڇڏيان
    پِنبِڻيُون = اکين جا ڇپر، ڪناريون يا اکيون
    ساڄَنَ = سڄڻَ، محبوبَ، پِرين
    هَنڌَ = هوند, جيڪر
    گولِي = ٻانهي

    بيت جو پس منظر

    ~ او محبوب ! منهنجا سڏ ٻڌي جي هڪ دفعو منهنجي اڱڻ اچين.
    ~ تہ اکيون دڳن ۾ ۽ وارَ هنڌ ڪري وڇايان.
    ~ او پرين ! سڄي حياتي تنهنجي ٻانهي ٿي گذاريان.

    سمجهاڻي

    محبوب جي جدائي بہ نهايت اذيتناڪ ۽ ڪربناڪ هوندي آهي. هڪ هڪ پل صدين جيان روئندي، تڙپندي ۽ محبوب کي ساريندي گذرندو آهي. توڙي جو روزاني ڪيترن ماڻهن سان ملاقاتيون ٿينديون رهنديون آهن، پر جيڪو سڪون ۽ سرور محبوب سان ملڻ ۾ آهي سو مزو ٻين سان ملڻ ۾ ڪٿي آهي.
    او محبوب مان توکي پل بہ ناهي وساريو، هر وقت اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ توکي ياد ڪندي ٿو گذري. تون جَي هڪ دفعو منهنجي اڱڻ اچين تہ پنهنجيون اکيون تنهنجي راهن ۾ وڇائي ڇڏيان. وک وک ۽ قدم قدم تي تون پنهنجا پير منهنجي اکين مٿان ڏئي اچجان.
    هي ريشمي, ڊگها ۽ ڪارا وار جن کي سنواريندي زلف سڏيندو هئين سي تولاءِ هنڌ ڪري وڇائينديس. سڄي زندگي توکي پنهنجي هنج ۽ ڀاڪر کان پري نہ ڪيان ۽ زندگيءَ جا باقي بچيل ڏينهن تنهنجي ٻانهي ٿي رهان.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____


    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ماشاءٌ الله ، شاھ سائين رحمت الله عليه جو هڪ سهڻو ۽ مشهور بيت سهڻي ڊيزائين سان ، سهڻي چونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو