سامونڊي سَيئِي جوڀَنَ ڏِينهَن، جَڏَهِن سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِئا

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سَيئِي جوڀَنَ ڏِينهَن، جَڏَهِن سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِئا
    رُئان رَهنِ نہ سُپِرِين، آيَلِ ! ڪَرِيان ڪِيئن
    مُون کي چاڙَهي چِيئن، وِئو وَڻِجارو اوهِري


    سُرُ سامُونڊِي

    جوڀَنَ = جواني، حُسن، ڦوھ جواني
    آيَلِ = جيجل ماءُ، امان، امڙ
    چِيئَن = چِکِيا، باھ جو مچ - آڳاٽي دور ۾ ٻہ ڪاٺيون کوڙي انهن تي ماڻهونءَ کي ٽنگي، هيٺان هلڪي باھ ٻاري تَئُہ ڏيئي سزا ڏيڻ جو هڪ قسم.
    وِئو = هو هليو ويو
    وَڻِجارو = سامُونڊي واپاري
    اوهِري = هڪلي، ڇوڙي، ڪاهي

    بيت جو پس منظر

    ~ جڏهن محبوب سفر تي روانا ٿيا، تڏهن منهنجي ڦوھ جواني هئي.
    ~ او جيجل ! ڇا ڪيان، هن کي وهندڙ ڳوڙهن تي بہ ڪهل نٿي اچي.
    ~ مون کي چکيا تي چاڙهي پاڻ هليو ويو.

    سمجهاڻي

    هر عورت شاديءَ کان اڳ پنهنجي من جي مندر ۾ هڪ تصوراتي محل جوڙيندي آهي، جنهن ۾ هوءَ مومل ۽ سندس گهوٽ راڻو هوندو آهي. جيڪو ان محل ۽ سندس دل تي حڪومت ڪندو آهي. شاديءَ جي ڪجھ عرصي بعد هي تصوراتي ڪاڪ محل لڏندي تڏهن محسوس ٿيندو آهي، جڏهن راڻو ڪمائڻ لاءِ مومل کي ڇڏي هليو ويندو آهي.
    هڪ نوجوان خوبصورت وڻجاري، جنهن کي اڃان شادي ڪئي ٿورو عرصو ئي مس گذريو آهي. سندس مڙس ڪمائڻ لاءِ نار جي ملڪن ڏانهن وڃڻ جي تيارين ۾ آهي. وڻجاري روئندي، ايلاز منٿون ڪندي، ٻانهون ٻڌندي پنهنجا واسطا ۽ قسم ڏئي ٿي پر هو نٿو مڙي.
    وڻجاري دانهن ڏيندي چئي ٿي :
    جيجل ! مون تہ وَسَ ڪيا آهن پر هو مڃي ئي نٿو. تون سمجهائينس تہ مون کي هيئن چکيا تي چاڙهي، باھ ۾ ساڙي پرديس نہ وڃي.
    وقت جا ظالم، غدار ۽ ڪرپٽ حڪمران جيڪڏهن غريب ماڻهن کي روزگار هتي پنهنجي ئي ملڪ ۾ فراهم ڪن تہ جيڪر، ٻاهرين ملڪن ۾ ڌڪا ۽ ٿاٻا کائڻ لاءِ پورهيت ماڻهون وڃڻ جو خيال ئي لاهي ڇڏين.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو