نَنگَرَئُون نَيڻَين، مَنُ اولِيَ نَہ اوهِري سَٻاجَهين سَيڻَين، پائَي ڳُڻَ ڳِهِيو هِيُون سُرُ سامُونڊِي نَنگَرَئُون = ننگر کان، ٻيڙي کان، لنگر کان نَيڻَين = اورتي، لڳ، ويجهڙو، اورڀرو مَنُ = دل، ساھ اولِيَ = وَنجُھ، ٻيڙي هلائڻ جو ڳَنُ اولِيَ نہ اوهِري = ونجھ سان اڳتي نٿو ڌِڪِجَي، پري نٿو ٿئي سَٻاجَهين = مِهِرَ ڀريا، پاٻوهيا، مهربان، نرم شفيق دل سَيڻَين = دوستن، محبوبن پائَي ڳُڻَ = خصلتون، وڙ، ورتاءَ، مهربانيون، ٿورا - ڏوري، رَسِي، نوڙِي ڳِهِيو = سوگهو ڪيو، قابو ڪيو، موهي وڌو هِيُون = هنئون، مَنُ، دل بيت جو پس منظر ~ منهنجي دل لنگر کان اورتي ونجھ سان بہ ڌڪجي پري نٿي ٿئي. ~ مهر ڀريي محبوب پنهنجي پاٻوھ سان منهنجو من قابو ڪيو آهي. سمجهاڻي هن بيت پڙهڻ کان پوءِ ڀٽائيءَ جَي انتهائي ڪمال جَي مشاهدي کي داد ڏيڻو پئي ٿو، ڇو تہ هي بيت گهر ۾ ويهي لکي نٿو سگهجي. لڳي ٿو ڀٽائيءَ نہ رڳو بندر تي ڦيرا ڏنا هن پر ڪي راتيون ۽ ڏينهن رهي مشاهدو ڪري، سڄي وايو منڊل جِي عڪسبندي ڪري سر سامونڊيءَ ۾ ڪنهن فلم جيان پيش ڪيو آهي. هڪ وڻجارَي جَي زال يا محبوبا ساڻس گڏ ٻيڙيءَ تي سوار آهي. هوءَ ان خوف کان لهي نٿي، متان هو ٻيڙي هڪلي هتان هليو نہ وڃي. تنهنڪري رات ڏينهن ساڻس ٻيڙيءَ تي ئي گڏ رهي پيئي آهي. سمنڊ ۾ ٻيڙي هڪلڻ وقت ونجھ سان پاڻيءَ کي ڌڪي پوئتي ڪبو آهي تہ ٻيڙي اڳتي وڌندي رهندي آهي. وڻِجارِي چئي ٿي : منهنجي دل ان پاڻيءَ جيان آهي جنهن کي ڪيترو بہ ڌڪيو تہ وري گهمي ڦري ساڳي جاءِ تي گڏ ٿيو وڃي. مان پنهنجي پرينءَ کان پري رهي نٿي سگهان. محبوب مون کي ٻيڙي ٻڌڻ واري رَسَي جيان پنهنجي پيار ۾ ٻڌي سوگهو ڪيو آهي، قابو ڪري ڇڏيو آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____