پَڳَههَ پاسَي گهارِ، آيَلِ ! سامُونڊِيَنِ جَي وِجِهي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اَوهَرِي سُرُ سامُونڊِي پَڳَھَ = رَسو يا نوڙِي - جنهن سان ٻَيڙي کي ڪناري تي لنگر ۾ ٻڌندا آهن. گهارِ = وڃي گذار، رهي پئہ آيَلِ = مُنڌَ، عورت- ادب وچان ماءُ کي آئي يا آيل چئبو آهي پر ڀٽائي هتي هي لفظ هروڀرو “ماءُ“ جي معني' ۾ ڪتب ناهي آندو. ادب وچان ڪنهن بہ عورت کي آئي يا آيل سڏي سگهجي ٿو. سامُونڊِيَنِ = سمنڊ ذريعي سفر ڪندڙ، وڻجارا يا ٻاهرين ملڪن ۾ ڪمائيندڙ پورهيت جِيُ = ساھم جان، جسم، دل وَڃَنِئِي = متان هليا وڃني اَوهَرِي = هاڪاري، هڪلي، کِسِڪِي، نڪري، روانا ٿين بيت جو پس منظر ~ او وڻجاري ! سامونڊين جَي لنگر ٻڌڻ جَي رسيءَ واري جاءِ ڀرسان وڃي گذار. ~ متان وڻجارا ٻيڙي هڪلي هليا وڃن ۽ تون ڏچي ۾ پئجي وڃي. سمجهاڻي پرڏيھ، ڏيساور يا ٻاهرين ملڪن ۾ واپار ۽ ڪمائڻ لاءِ ويل پورهيتن، سندن وڇڙي ويل زالن ۽ محبوبائن جَي نازڪ جذبن، احساسن کي ڀٽائيءَ سر سامونڊيءَ ۾ فوڪس ڪيو آهي. هن بيت ۾ هڪ وڻجاريءَ جو محبوب پرڏيھ کان واپس آيل ٿو ڏسجي. پر سندس نيڻن مان نِيرَ جاري آهن. هوءَ ان خوف کان پئي ڳوڙها ڳاڙي تہ منهنجي سڪ اڃان پوري ناهي ٿي. متان ڪجھ ڏينهن رهي سندس محبوب وري واپس نہ هليو وڃي. ڀٽائي کيس صلاح ٿو ڏئي تہ هتي گهر ۾ روئڻ جَي بجاءِ بندر تي وڃي لنگر جَي ڀر ۾ گذار جتي ٻيڙا ٻڌل هوندا آهن. ڇو تہ وڻجارا اوچتو ڪنهن وقت بہ ٻيڙا هڪلي هليا ويندا ۽ تنهنجو جيءُ ۽ جيئڻ جنجال بڻجي ويندو. ڀٽائي هن بيت ذريعي سمنڊ جَي پاڻيءَ تي ٿيندڙ ڏيهي ۽ پرڏيهي قبضن، ٻاهرين ملڪن سان ٿيندڙ واپار ۽ ڪمايل ناڻي تي، لڳندڙ ڌاڙن کان سنڌي قوم کي خبردار ڪندي آگاهي ٿو ڏئي تہ سنڌي سمنڊ جِي مالڪي ڪيو. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____