لاهِيان جَي نہ چِتان، اَلا ! اُنِ مَ وِسِران مَڙهِئو مَنجَهاران، جِيءُ مُنهِنجو جَنِ سِين سُرُ سامُونڊِي لاهِيان = وساريان، ڀلجي وڃان چِتان = دل تان، مَنَ تان اَلا ! = آھَ ۽ دانهَن جو قِسِمُ - جيڪا اندر مان، دل مان پيڙا جي اظهار طور نڪري ٿي اُنِ = انهن کان، هنن کان ( پرين کان ) مَ = نہ وِسِران = وسري وڃان، دل تان لهي وڃان مَڙهِئو = ڳنڍيو، جڙيو، هٿيڪو، ڦاٿل، سلهاڙيو مَنجَهاران = اندران ئي اندران، لڪل، ڳجھ ڳوھ ۾ جِيءُ = روح، ساھ، مَنُ، دل بيت جو پس منظر ~ جيڪي منهنجي دل تان نٿا لهن، شال انهن کان ڪڏهن نہ وسري وڃان. ~ منهنجو مَنُ اندران ئي اندران انهن سان ڳنڍيل آهي. سمجهاڻي ڪي ماڻهون ڪڏهن ڀلجي بہ ياد ناهن ايندا ۽ ڪي وري وسرندا ئي ناهن، دل تان لهندا ئي ناهن. هونئن ياد تہ انهن کي ڪبو آهي جيڪي وسري ويندا آهن پر جيڪي هر گهڙي، هر پل ۽ ساھ ساھ ۾ سمايل هجن سي ڀلا دل تان ڪيئن لهندا ؟ هن وڻجاريءَ جي دل مان هڪ آھَ نڪري ٿي جنهن جو آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. پر هوءَ چئي ٿي: جيڪي پرين منهنجي دل تان ڪڏهن لٿا ئي ناهن. جن کي پل پل ۾ ۽ ساھ ساھ ۾ ساريندي رهان ٿي. شال اُهي بہ مون کي ايئين ئي ياد ڪندا هجن. جن سان منهنجي دل جا، ساھ جا ۽ روح جا رشتا اندران اُڻيل، واڳيل، واڻيل، ڳنڍيل، سبيل ۽ سلهاڙيل آهن. سي محبت جا نفيس، نازڪ ۽ ڪومل جذبا ۽ رشتا پرينءَ سان سدائين جڙيل رهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____