تَنَ جَنِين جِي تانگَ، سَي سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِئا لَئِجُ لاتِ لَطِيفُ چَي، ڪَڏِهِن اِيندَمِ؟ ڪانگَ ڪِنهِن سِٽاڻَي سانگَ، پِرِين پَرِڏَيهِي ڪِئا سُرُ سامُونڊِي تَنَ = بدن، جسم، بت، ساھ، سرير تانگَ = تانگھ، ڇِڪَ، سِڪَ، اُڪِيرَ سَڄڻَ = پرين، محبوب، دلبر هَلِئا = هو هليا ويا لَئِجُ = لاتيون ڪر، ٻول، خبرَ ڏي لاتِ = تنوارَ اِيندَمِ = مون وٽ ايندا سِٽاڻَي = رٿيل, تيار ٿيل سانگَ = سفر تي، سانگ سان، ضرورت، ڪم، حاجت، اتفاق، سبب، سازش، حيلا، حرفتون، اٽڪل، چُرِچَ پَرِڏَيهِي = پرديسي، پرڏيھ، ڏيساور يا ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪِئا = ڪيا، ڪيا ويا بيت جو پس منظر ~ هن بدن کي جنهن جي تانگھ آهي سي پرين پرديس هليا ويا آهن. ~ اي ڪانگل ! تون ڪي لاتيون لنوين ٻڌاءِ ڪڏهن موٽي ايندا؟ ~ هو پرين تہ ڪنهن ضروري سبب ڪري پرديسي بڻيا آهن. سمجهاڻي وڻجاريءَ جو محبوب ٻاهرئين ملڪ ڪمائڻ لاءِ ويل آهي، تنهنکي ياد ڪندي چئي ٿي : هن سرير ۽ ساھ کي جنهن جي سڪ ۽ اڪير آهي سو محبوب، مون کي اڪيلو ڇڏي پاڻ پرائي ملڪ هليو ويو آهي. جڏهن ڪانوَ کي لَنوَندَي ڏسي ٿي تہ کيس چئي ٿي : اي ڪانگل ! اڄ اداس آهيان ڪي مٺيون لاتيون لَنوِين ٻڌاءِ ڀلا منهنجو محبوب ڪڏهن ايندو..!!؟ وري پاڻ ئي چئي ٿي : پرين تہ سڀني جي گڏيل صلاح سان ئي ٻاهرئين ملڪ ڪمائڻ لاءِ ويو آهي. هڪ سوچيل سمجهيل سازش ۽ پنهنجن غدار حاڪمن جي ملي ڀڳت سان سمنڊ ۽ پرڏيهي ملڪن جون وزارتون هميشھ ڌارين ماڻهن جي حوالي هونديون آهن، جيڪي اوليت پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ڏين ٿا. تنهنڪري سرڪاري سرپرستيءَ کان سواءِ ٻاهرين ملڪن ڏانهن ڪمائڻ ويل سنڌي ماڻهون پڪڙ، جيل، سزائن ۽ ٻين تڪليفن جو شڪار ٿين ٿا. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____