ليکڪ ءٌ۽ مترجم فضل احمد بچاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ abdullah jarwar طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2015۔

  1. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    فضل احمد بچاڻي صاحب جي ورسي تي ڀيٽا.
    تحرير : عبدالله جروار

    فضل احمد بچاڻي مرحوم ٽنڊي الهيار جي مشهور سماجي شخصيت خانصاحب محمد ڇٽل جو فرزند هو. کيس ننڍي هوندي کان ئي ادب ۽ صحافت سان دلچسپي هوندي هئي، جنهنڪري گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ اهڙن ادارن مثلاً ريڊيو پاڪستان، اخبار ۽ انفرميشن کاتي کان وابسته رهيو، جتي سندس علمي ۽ ادبي ذوق جي تسڪين ٿيندي رهي؛ مگر سندس طبيعت نوڪري جون پابنديون قبول ڪري نه سگهي، جنهنڪري اهي نوڪريون ڇڏي ڏنائين. ڪجهه وقت لاءِ حبيب بئنڪ ۾ آفيسر ٿي رهڻ کان پوءِ اها نوڪري به ڇڏي ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ روزي حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ خاطر، حيدرآباد ۾ پيٽرول پمپ ۽ ٽنڊو الهيار ۾ ريڊيو پارٽس جو دڪان کوليائين، مگر وري اتي به ساڳي ڳالهه اڳيان آئي، يعني دوڪان تي پابندي سان ويهڻ ۽ گراهڪن سان شين جي باري ۾ غلط بياني کان ڪم وٺي اگهه پار جا معاملا طئي ڪرڻ سندس ذوق ۽ وس جي ڳالهه نه هئي، جنهنڪري جلد اهو دوڪان پنهنجي هڪ عزيز جي حوالي ڪري پاڻ هميشه لاءِ گوشه نشيني اختيار ڪري فقط مطالعي ۽ سنڌي ادب ۾ واڌاري خاطر لکڻ لاءِ پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيائين.
    فضل احمد بچاڻي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ سندس طبع زاد ۽ ترجما شامل آهن. مرحوم ڪافي وقت اڳ انگريزي جي مشهور ناول شيءَ (SHE) جو سنڌي ترجمو عاشيءَ جي نالي سان ڪيو، جنهن کي سنڌي اديبن ۽ دانشورن طرفان ساراهيو ۽ پسند ڪيو ويو.عاشيءَ جي شايع ٿيڻ کان پوءِ سندس شمار سنڌ جي نامور اديبن ۾ ٿيڻ لڳو.مرحوم ان کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”روح جي ڳولا“، ”سپون“ ”آسڪر وائلڊ جا خط“ ۽ ٻيا به ڪيترا ڪتاب شامل آهن، جن کي پڻ عوام ۽ خواص ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. انهن ڪتابن کان سواءِ مرحوم سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ گهڻا مضمون لکيا، جيڪي پڙهندڙن طرفان بيحد پسند ڪيا ويا.
    بچاڻي مرحوم نثر سان گڏو گڏ نظم ۾ به طبع آزمائي ڪئي ۽ پنهنجا طبع زاد شعر ۽ نظم لکيا. انهن کان سواءِ شيڪسپير جي نظمن جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو، جيڪي تازو ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپجي چڪا آهن. مرحوم کي سندس ترجمو ڪيل ڪتابن جي ڪري تمام گهڻي شهرت حاصل ٿي، انهيءَ کان سواءِ سندس طبع زاد ڪتابن کي به گهڻو پسند ڪيو ويو.
    سندس آخري ڪتاب ”اڳي ائين هياس“، جيڪو ٻن حصن ۾ شايع ٿيو آهي، جو سندس ننڍپڻ جي يادن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پنهنجي ننڍپڻ جون يادون، انهيءَ وقت جو ماحول، اهم ۽ دلچسپ واقعا، اهم شخصيتن سان ملاقاتون، انهيءَ دور جون اقتصادي، مذهبي ۽ سماجي حالتون، هندو مسلمان جو پاڻ ۾ ميل جول، ڪاروبار، گهريلو ٽوٽڪا، سنڌ جون تعليمي حالتون ۽ ٻيا به ڪيترا دلچسپ ۽ اهم واقعا تمام دلچسپ انداز ۾ تحرير ڪيا آهن، جيڪي پڙهندڙن لاءِ دلچسپي سان گڏوگڏ معلومات ۾ پڻ اضافو ڪن ٿا. انهيءَ ڪتاب ”اڳي ائين هياس“ (ٻه حصا) کي پڻ دانشورن، اديبن ۽ عام پڙهندڙن تمام گهڻو ساراهيو ۽ پسند ڪيو. انهيءَ کان سواءِ مرحوم جا ٻيا به ڪيترا ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن، جن کي شايع ڪري سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪري سگهجي ٿو.
    فضل احمد مرحوم کي لکڻ سان گڏو گڏ مطالعي جو پڻ گهڻو شوق هوندو هو، جنهنڪري سندس ڄاڻ ۽ معلومات تمام وسيع هوندي هئي.
    سنڌ جو هي نامور اديب محترم فضل احمد بچاڻي ڪافي وقت عليل رهڻ کان پوءِ تقريباً 52 سالن جي عمر ۾ 23- آگسٽ 1987ع تي هن فاني دنيا جي رهندڙن سڀني دوستن ۽ عزيزن سان هميشه لاءِ سڀ ناتا لاهي وڃي پنهنجي خالق حقيقي سان مليو.
     
  2. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌي ادب ۾ ترجمي ۽ ناول جو هيرو فضل بچاڻي جي ياد ۾

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    [​IMG]

    سنڌي ادب صدين کان وٺي شاهوڪار ٻولي جي ڪري ادبي صنفن سان مالامال نظر پيو اچي ۽ هن جي سونهن ۾ وقت به وقت اضافو پيو ٿيندو اهڙي طرح ترجمي واري وصف کي ڏسجي ٿو ته سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافو ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اهڙن اديبن جي لسٽ ۾ سنڌي ادب ۽ ترجمي ۽ ناول جي حوالي سان وڏي شخصيت فضل احمد بچاڻي 11 اپريل 1934ع اربع جي ڏينهن ٽنڊو الهيار جي معزز شخصيت خان صاحب محمد ڇٽل بچاڻي جي گهر جنم ورتو سندس خاندان پڙهيل لکيل هجڻ ڪري والدين فضل احمد بچاڻي جي ننڍپڻ کان ئي زندگي جي تربيت اعلي نموني پئي ڪئي فضل احمد پڙهڻ جي لائق عمر جو ٿيو ته والدين سندس ڦرهي هٿ ۾ ڏئي اسڪول ۾ داخل ڪرايو فضل احمد ابتدائي تعليم پنهنجي شهر ٽنڊي الهيار منجهان حاصل ڪري وڌيڪ تعليم سروريه ڪاليج هالا منجهان ۽ بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي منجهان پوسٽ گريجوئيٽ (ايم _ اي انگريزي ادب ) جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي .فضل احمد کي ننڍي هوندي ئي علم ، ادب ، ۽ صحافت سان دلي لڳاءَ هوندو هيس ، هن سال 1956ع ڌاري سنڌي ادب لاءِ قلم کڻي ادبي لڏي ۾ پير پاتو سندس پهرين لکڻي (گل ڦل ) رسالي منجهه هڪ ڊگهي لطيفي سان ڇپجي پڌري ٿي تنهن بعد هن مسلسل شوق ۽ گهري دلچسپي سان لکڻ شروع ڪيو

    سندس پهريون افسانو نوري ماهوار رسالي تقاضا لاڙڪاڻي ۾ اپريل 1956ع ۾ ڇپيو

    سندس پهريون مضمون سروري ميگزين هالا جي سال 1956ع واري پرچي ۾ ڇپيو

    سندس پهريون غزل ماهناما فلمي دنيا حيدر آباد ۾ جنوري 1957ع ۾ ڇپيو

    سندس پهريون تنقيدي ليک ماهوار هلال پاڪستان حيدرآباد جنوري 1958ع ۾ ڇپيو

    سندس پهريون اردو غزل ماه نامه آپڪي صفت جي نومبر 1960ع واري پرچي ۾ ڇپيو

    سندس پهريون اردو مضمون روزه ليل ونهار لاهور سيپٽمبر 1961ع واري پرچي ۾ ڇپيو

    اهڙي ريت سندس اردو مضمون، افسانه ماهناما آداب ۽ ليل و نهار ۾ جهجي انداز ۾ شايع ٿيندا رهيا اهڙي ريت هن سنڌ جي سيبتي اديب فصل اهمد بچاڻي صاحب جا مختلف اخبارن ، رسالن ، ميگزينن منجهه مختلف مضمونن تي مقالا، ڪالم ، ناول ، افسانه ، ۽ شعري شاعري پڻ ڇپجندي رهي اهڙي طرح فضل احمد بچاڻي صحافتي دنيا سان پڻ وابستگي وڌي هن روزاني اخبار (فتح اسلام ) حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان نوڪري ۾ پير پاتو ٿورو عرصو ان پيشي سان سلهاڙجي هن سرڪاري نوڪري ڪرڻ کي ترجيح ڏني سڀ کان پهريان انفاميشن کاتي منجهه اسسٽنٽ ۽ بعد ۾ ميرپور خاص ضلعي جو پبليڪيشن آفيسر جي حيثيت سان پنهنجو فرض سر انجام ڏيندو رهيو ، فضل احمد بچاڻي جي طبيعت کي اها نوڪري ڀان نه پئي ان اهم عهدي جي ذميواري تان استعفي ڏئي نوڪري منجهان آجو ٿيو ، سندس ٿوڙي عرصي گذرڻ بعد وري حبيب بينڪ لميٽيڊ جي نوڪري سان سلهاڙجي ويو ۽ اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ آفيسر واري عهدي کي به خير آباد چئي حيدرآباد شهر منجهه هڪ پيٽرول پمپ کولي پنهنجي زندگي جو گاڏو پئي گهليائين اهڙي ريت دنيا جي ٻين ڪم ڪارن کي ڇڏي فضل احمد بچاڻي ادبي دنيا جي تصنيف ۽ تاليف واري ڪرت کي پنهنجي قلم ، عقل ۽ ڏاهپ وسيلي سنڌي ادب کي مالامال ڪرڻ جو وچن ڪري ڪيترن ناولن ۽ ڪتابن کي ترجمو ڪري پنهنجو نالو سنڌي ادب ۾ نروار ڪرايو فضل احمد بچاڻي سال 1961ع ڌاري انگريزي جي مشهور ناول (شي) جو سنڌي ۾ ترجمو( عاشي ) جي نالي سان ڪري ادبي لڏي ۾ وڏي مشهوري ماڻي سندس ترجمي کي سنڌ جي سمورن اديبن زبردست ساراهيو فضل احمد بچاڻي صاحب نثر کان علاوه نظم پڻ زبردست طبع آزمائي ڪئي آهي هن سنڌي توڙي اردو زبان ۾ ڪيترائي نظم لکي سنڌي ادب کي پڻ آسودو ڪيو ، فضل احمد بچاڻي انگريزي زبان جي وڏي شاعر شيڪسپيئر جي (نظمن ) جو پڻ سهڻي نموني سان سنڌي زبان منجهه ترجمو پڻ ڪيو .ان کان علاوه فضل احمد بچاڻي صاحب سنڌي ادب کي ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري جهول ڀرڻ جي زبردست ڪوشش ڪئي هن جي ڪتاب ۾ سپون (خليل جبران جي چونڊ افسانن جو مجموعو ، عاشي (هينري رائڊر هيگرڊ جي ڪتان (شي) جو مڪمل ترجمو ، عجيب اسرار ، نازبون افسانن جو مجموعو ، روح جي ڳولا ترجمو ناول ،اڳي ائين هياسين ٻه ڀاڱا يادون ۽ اسڪروائلڊ جا خط ، سڌارٿ هرمنهيس جي نوبل انعام حاصل ڪندڙ ناول جو ترجمو ، سزا جي بک خطن ۽ مضمونن جو ترجمو ، تصوير جو خون ناول جو مڪمل ترجمو ، ۽ سورن سانڍياس ناول جو ترجمو کان علاوه فضل احمد بچاڻي صاحب جا ڪيترائي ٻيا بهترين افسانه مضمون شعر ۽ ترجما قابل تعريف آهن سندس ڪجهه قلمي صورت ۾ به ڪتاب مجود آهن هي سنڌي ادب جو بهترين ترجما نگار فضل احمد بچاڻي زندگي جا 53 سال 4 مهينا ۽ 12 ڏينهن گذاري آچر ڏينهن ساهه جو سڳو ٽٽڻ بعد سنڌي اديبن کان هميشه لاءِ موڪلائي راهه رباني ٿي ويو سندس ادبي خدمتون ڪنهن ساراهه کان گهٽ ڪيئن نه آهن هن نامياري اديب ترجما نگار جي وڇڙي کي اڄ 23 آگسٽ 2017 تي 30سال مڪمل ٿيا اڄ سندس جي 30 ورسي ملهائي ويندي سندس نموني طور شعر پيش ڪجي ٿو

    شل آباد هجو مان به هلان ٿو يارو ،

    عمر پوري ٿي قرض نه به باق ٿيو ،

    اهو ارمان کنيو مان به هلان ٿو يارو .​
     
  3. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    بهترين سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو