سُڏڪن سِنڌ ــــ سچار، کلندي لڄ مران،

'استاد بخاري' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2015۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سُڏڪن سِنڌ ــــ سچار، کلندي لڄ مران،
    مِهڻن منجھ ڄمار، جئيندي لڄ مران.

    ساگر آڳ لڳايان، ڏونگر ڏوهه ڏڪايان،
    بلڪل شير ببر ٿي، مڇري گوڙ مچايان.
    زالن وارا پَار،
    ڪڍندي لڄ مران.

    ڳاڙها ڳڀرو اڀريا، جذبا ٽَڪَرَ ٻري پيا،
    زورن ظلمن وارا، ڪوڙا ڪڪر وسي پيا.
    قيدي ڪنڌ هزار،
    گھمندي لڄ مران.

    قومي جلسن ۾ ڪي رتورت گيت گجن ٿا،
    رتورت گيتن ۾ ڪئي لَت پت لفظ لڇن ٿا.
    پهچو پهچو پڪار،
    نچندي لڄ مران.

    شهرن منجھ وِهانءُ، مانيون، ٻوڙ، پلاءُ ها،
    اوبر ڍير گھٽين ۾، کائن ڪانگ، ڪُتا پيا.
    ڏهرن منجھ ڏڪار،
    رڄندي لڄ مران.

    مان جو ڪوسو جھولو، گذران ريت تتيءَ تان،
    پڄري پڄري آخر، تنهنجي در تي پهچان.
    توسان بوءِ بهار،
    ملندي لڄ مران.

    توکي ڪئين ٻڌايان، نغما منهنجا نالا،
    سوچون منهنجون شعلا، جملا جھڙا ڀالا،
    پپٽ پر تي بار،
    رکندي لڄ مران.

    جاني جلدي جلدي، جھٽ ڪر مونکي مِٺي ڏي،
    جيئڻ ڪارڻ جيڏي، هوڏي جنگ ڇِتي ڏي.
    ڪوٺن بيٺا يار،
    وِهندي لڄ مران.

    موٽي چاهه چمڻ لئي، سرتي آءُ سڪان ٿو،
    ڪوٺين بيٺي مِٺڙي، پر مان ڪئين وران ٿو؟
    سامهون تير، ترار،
    ورندي لڄ مران.

    تُهنجي هٿ ۾ ٽاري، ٽاريءَ اندر شعلا،
    ماڻهوءَ گھرجي ماني، ۽ تون آڇين گولا.
    توڏي او سنسار،
    ڏسندي لڄ مران.

    ناگاساڪيءَ وانگر، ٻيا بي شهر ٻري ويا،
    شاهد ڪئمپ شتيلا، ماڻهو بُک مري ويا.
    ٻِليون، ڪتيون، ٻارَ،
    ڪُهندي لڄ مران.

    ڦُوندا ڦوندا ٿي ويا، جن جي مَن جا نقشا،
    پِيلا، نِيلا پڌرا، جن جي مُنهن تا پاڇا،
    تِن کان پيڙ پچار،
    پڇندي لڄ مران.

    ڇِپ ڇِپ سيني لايان، ناهيان نهر جبل جي،
    وڻ وڻ ڀاڪر پايان، ناهيان واٽ جھنگل جي.
    جنهنکي تنهنکي هارَ،
    وجھندي لڄ مران.

    تنهنجي لاءِ جيان ٿو تنهنجي ڪاڻ مران ها،
    هي سِرُ گھور ڪريان ها، توتي پوءِ ٺران ها.
    مون تي آهي ميار،
    مرندي لڄ مران.

    تو ۾ سرڪش، منشي، باغي، شيخ، بّخاري،
    ايڏو انڌ انڌيرو، تو ڇو باهه نه ٻاري،
    توتي دور ميار،
    ڏيندي لڄ مران.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو