بن قاسم ٽائون جا سنڌي، سنڌ اسيمبليءَ جي قومپرست ميمبر شفيع ڄاموٽ لاءِ تلاش گمشده جو اشتهار ڏيڻ وارا

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏30 آگسٽ 2015۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    بن قاسم ٽائون جا سنڌي ۽ بلوچ رهاڪو، سنڌ اسيمبليءَ جي پنهنجي چونڊيل قومپرست ميمبر حاجي شفيع ڄاموٽ جي ڳولا لاءِ تلاش گمشده جو اشتهار ميڊيا ۾ ڏيڻ وارا آهن ڇاڪاڻ ته سندن چونڊيل سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ڄاموٽ صاحب، ووٽن وٺڻ کانپوءِ 2 ورهين کان لاڳيتو غائب آهي ۽ هن وري موٽي پنهنجي ووٽرن جي ڪڏهن به خبر چار ڪانه لڌي آهي ـ
    انهيءَ تڪ مان اڳ، پ پ پ جو ميمبر حاجي مظفر شجراع چونڊيل هو ـ جيئن ته آصف زرداري تن ڏينهن ۾ ٻٽو بلدياتي نظام لاڳو ڪري، سنڌين جي ڦٽن مٿان لوڻ ٻرڪيو هو سو بن قاسم ٽائون جي سنڌين ۽ بلوچن پهريون ڀيرو سنڌي قومپرست حاجي شفيع ڄاموٽ کي ووٽ ڏنا جيڪو حڪمران پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي بيٺو ۽ قومپرستن جي ڏهن جماعتن واري اتحاد به سندن حمايت ڪئي هئي پر افسوس ته حاجي شفيع ڄاموٽ ڪاميابيءَ کانپوءِ پنهنجي ووٽرن ڏانهن، طوطي وانگيان اکيون ڦيري ڇڏيون آهن ـ
    پ پ پ جي اڳوڻي ميمبر مظفر شجراع جي دور م سنڌي هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ ترقياتي ڪم ٿيا جن ۾ سوسائٽيءَ جا ٻه وڏا گيٽ شهيد بينظير جي نالي تعمير ڪيا ويا جڏهن ته سوسائٽيءَ اندر روڊ به ٺاهيا ويا پرانهن روڊن جو معيار بهتر ڪونه هو جڏهن ته ڄاموٽ صاحب جيڪو حڪمران پارٽي نواز ليگ سان واسطو رکي ٿو، ان جي دور ۾ ذرو به ترقياتي ڪم ڪونه ٿيو آهي ـ
    حاجي شفيع ڄاموٽ ڪاميابيءَ کانپوءِ سنڌي سوسائتي ۽ ويجھڙائي وارن سنڌي ۽ بلوچن ڳوٺن ڏانهن هڪ ڀيرو به منهن ئي ڪونه ڪيو آهي جڏهن ته اتان جا ووٽر ڪيترين مصيبتن سان منهن ڏيندا رهيا آهن ـ مثالۡ: ڪجهه وقت اڳ، سندس تڪ ۾ 12 ـ 12 ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ ٿيندي هئي، مٿان وري سنڌي سوسائٽيءَ ۾ قائم ڪراچي اليڪٽرڪ جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ بلوچ ۽ سنڌي آفيسرن، هزارن روپين جا بل ڏيئي سنڌين ۽ بلوچن جي ڳوٺن ۽ سوسائٽيءَ ۾ رهندڙن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو هو ـ ان کان علاوهه، سوسائٽيءَ ويجهو غيرقانوني هائيڊرنٽ هڻي، سنڌي ۽ بلوچ وسندين جو پاڻي روڪيو ويو آهي پر سندن چونڊيل سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر حاجي شفيع ڄاموٽ تي ان جو ڪوبه اثر ڪونه پيوآهي ۽ حڪمران پارٽي نواز ليگ سان واسطو رکڻ جي باوجود هن تڪ جي ووٽرن جا ڪي به مسئلا حل ڪونه ڪرايا آهن جڏهن ته پ پ پ جو هارايل اميداوار حاجي مظفر شجراع باقاعدگيءَ سان علائقي جا دورا ڪري رهيو آهي۽ ووٽرن سان هر ڏک سک ۾ ملندو رهيو آهي ـ
    سنڌي قومپرستن کي گهرجي ته هو سنڌ اسيمبليءَ جي قومپرست ميمبر حاجي شفيع ڄاموٽ صاحب کي ڳولي ڏين جنهن کي بن قاسم ٽائون جي سنڌين ۽ بلوچن گڏجي ووٽ ڏئي پهريون ڀيرو ڪامياب ڪرايو آهي پر ڪاميابيءَ کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين ووٽرن جي پرگھور ئي ڪانه لڌي اٿائين ۽ هاڻ اهي تلاش گمشده جو اشتهار ڏيارڻ وارا آهن، جيئن ڄاموٽ صاحب جي مائٽ عبدالقار پٽيل لاءِ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيڻ کان ترت پوءِ غائب ٿيڻ تي لياريءَ وارن ڏنو هوـ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو