ڪَجَي پَنڌُ پُڇان تو، ڪَيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئن؟ بَيخُودِ هَلِجِ بَرَ ۾، آئون ٿو چوان اِيئن سِڪَڻُ ساڄَنَ سِيئن، مَتان مُٺِي ! ڇَڏِئين سر سسئي آبري ڪَيچِيَنِ = ڪيچ وارن، مڪران ۾ رهندڙ پنهونءَ جي وطن وارن ڪارَڻِ = لاءِ، خاطر بَيخُودِ = پاڻ وساري بَرَ ۾ = رڻ پٽ، بيابان ۾ چُئان = چوان، مان چوان ٿو اِينءَ = ايئن سِڪَڻُ = اُڪِيرَ ۾ رهڻ، سدا سڪ ۾ رهڻ ساڄَنَ = سڄڻ، محبوب سِينءَ = تائين، پهچڻ ملڻ تائين مُٺِي = مصيبت ۾ آيل بيت جو پس منظر ~ مان توکان پڇان ٿو تہ ڪيچين لاءِ پنڌ ڪيئن ڪجي؟ ~ مان چوان ٿو هن بيابان مان پاڻ وساري هلندي هل. ~ او مصيبت ماريل ! محبوب جي ملڻ تائين متان سڪ ڇڏي ڏين. سمجهاڻي ڀٽائي سسئيءَ جي ٿڪاوٽ ۽ ساهيون کڻڻ کي محسوس ڪندي چئي ٿو : مان پڇان ٿو تہ ڪيچ ويندڙ قافلي جي پٺيان پنڌ ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ ڄڻ کيس چوندو هجي ؛ هنن ٿڪل وکن سان ڪڏهن ڪيچ پهچندينءَ؟ ڀٽائي سسئيءَ جي رهنمائي ڪندي کيس آٿت ۽ حوصلو ڏيندي چئي ٿو ؛ هن بيابان مان پاڻ وساري هلندي رھ، همٿ نہ هارجان ۽ پنهونءَ جي سڪ اُڪيرَ ڪڏهن نہ وساري ڇڏجان. ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي درس ٿو ڏئي تہ حالتون ڪهڙيون بہ اذيتناڪ ڇونہ هجن، پر محبوبَ ۽ منزلن جي تلاش، جاکوڙ ۽ جدوجهد جاري رکو. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____