حسين شاهه فاضلاڻي : سنڌي فلمن جو پهريون سنڌي هيرو !

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حسين شاهه فاضلاڻي : پهرين سنڌي فلم جو هيرو!

    مصطفيٰ ملاح

    مرحوم حسين شاهه فاضلاڻي اڏيرو لعل شهر جي ڀرسان ڳوٺ سعيد پور ۾ ۱۹۲۴ع ۾ محمد امين شاهه جي گهر ۾ اک کولي هئي. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان پرائي. جنهن کان پوءِ پڙهڻ لاءِ حيدر آباد پهتا. اتان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئي هليا ويا. جتي کيس بالي ووڊ جي فلمن کي ڏسڻ جو موقعو مليو.
    اميراڻي گهر ۾ اک کولڻ ڪري هن جا شوق به اميراڻا هوندا هئا. کيس سنڌ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ سان بي پناهه محبت هئي. بمبئي ۾ فلمن ڏسڻ کان پوءِ هن کي سنڌي فلمن جي ٺاهڻ جو شوق جاڳيو. بمبئي مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، پاڻ واپس جڏهن ڏيهه پهتو ته هدايتڪار شيخ حسن سان ملاقات ڪئي هئائين. جنهن سان ملي ڪري حسين شاهه فاضلاڻي، پاڪستان جي پهرين فلم ”عمر ماروي“ ٺاهي. ان فلم ۾ پاڻ هيرو ٿيو هو ۽ منجھس عمر جو ڪردار ڪيو ھيائين. فلم ”عمر ماروي“ هڪ ئي وقت پاڪستان ۽ بمبئي ۾ ۱۹۵۶ع ڌاري رليز ٿي هئي. جڏھن ته پاڪستان کان وڌيڪ، بمبئيءَ ۾ بزنس ڪيو هيائين.
    حسين شاهه فاضلاڻي جي وفات کان پوءِ ان جو پٽ شاهه جهان شاهه جڏهن بمبئي ويو هو ته اتي عمر ماروي جي ڊسٽريبيوٽر سان ملاقات ٿيس. ان ڊسٽريبيوٽر، شاهه جهان شاهه کي پنهنجي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ چيو، پر هن انڪار ڪيو. ان ڊسٽريبيوٽر، شاهه جهان شاهه کي ٻڌايو ته پهريان مان غريب هيس پر فلم عمر ماروي جي ڊسٽريبيوٽر ٿيڻ کان پوءِ، اڄ مان ارب پتي آهيان. فلم عمر ماروي مون کي امير ترين ڊسٽريبيوٽر ڪري ڇڏيو آهي.
    مرحوم اداڪار ۽ فلم ساز حسين شاهه فاضلاڻي جي ٻي سنڌي فلم ”پرديسي“ هئي، جنهن جو پاڻ هيرو ۽ فلم ساز هو، جڏھن ته سائيڊ هيرو مصطفيٰ قريشي هو. مرحوم هڪ فلم اردو ۾ ”استادون ڪي استاد“ پڻ ٺاهي.سندس آخري فلم ”هاري“ هئي، جيڪا مڪمل ڪو نه ٿي سگهي.
    مرحوم جي ٺاهيل فلم عمر ماروي، انڊيا ۾ ان وقت جي وزير اعظم پنڊت نهرو پڻ ڏٺي هئي ۽ تعريف ڪئي هئي. پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ هن جي بي حد عزت ڪئي ويندي هئي.
    حسين شاهه فاضلاڻي ۶ سيپٽمبر ۱۹۹۲ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سادات گهراڻي جو خوبصورت وڏيرو فنڪار حسين علي شاهه فاضلاڻي

    سيد يار محمد شاهه

    سنڌي فلمن جو باني، سنڌي سادات گهراڻي جو خوبصورت وڏيرو فنڪار سيد حسين علي شاهه فاضلاڻي، جنهن جون سنڌي فلمون “عمر ماروئي” ۽ “پرديسي”، اردو فلمون “ماروي” ۽ “استادون ڪا استاد” ڏسڻ کان پوءِ، آئون سندس پرستار ٿي چڪو هوس. هڪ ته مونکي فلميريا جي بيماري لڳل هئي ۽ ٻئي طرف سائين فاضلاڻي مٽيارين جو سادات سڏبو هو، مگر رهندو حيدرآباد ۾ هو. جڏهن ته سندس مارويءَ وارو محل اڏيري لعل ۾ هو. منهنجي ساڻس ملاقات تمام گهڻو دير سان ٿي، جڏهن سنڌي فلم “مٺڙا شال ملن” حيدرآباد ۾ وڏي ڌوم مچائي رهي هئي. ڪراچي هوٽل ۾ فلم سازن، اداڪارن، شاعرن، هدايتڪارن جا ميڙا متل هوندا هئا. هر ٽيبل تي ڪا نه ڪا فلم پئي ٺهندي ۽ ڊهندي هئي. هڪ ڏينهن منهنجو هڪ دوست قاضي فضل الله مونکي حسين علي شاهه فاضلاڻيءَ وٽ وٺي آيو، جنهن مونکي پهرين ملاقات ۾، تمام گهڻي عزت ڏني ۽ قد بُت کان وڌيڪ اهميت ڏني. ان پنهنجي زير تڪميل فلم “هاري” جي اسٽوري ۽ گانا ٻڌايا ۽ مزاح لکڻ لاءِ چيو. مون اتي ئي ڪجهه مزاحيه منظر لکي ڏيکاريامانس. ڏاڍو متاثر ٿيو. فلم “هاري” جي گانن لاءِ موسيقار غلام نبي، عبداللطيف جي بيٺڪ تي، منهنجون ٻه ڌنون پسند ڪيون. ريڪارڊ ڪرڻ جي تياري ڪيائون پر قدرت اها ٿي ته اهي ٻئي گانا مون پنهنجي فلم “علي گوهر” ۾ استعمال ڪيا، جنهن جو موسيقار غلام علي هو. حسين علي شاهه فاضلاڻي، منهنجي باري ۾ مونکي ڪجهه به نه ٻڌايو. پر ايسٽرن اسٽوڊيو جي مالڪ ۽ فلم “مٺڙا شال ملن” جي پروڊيوسر سعيد هارون کي ٻڌايو ته؛ مون پنهنجي فلم لاءِ اهڙو هيرو کنيو آهي جيڪو رائيٽر به آهي، ايڪٽر به آهي ۽ ڌنون به ٺاهي ٿو. سعيد هارون (مشهور فلمي شاعر) موسيٰ ڪليم جي معرفت مونکي اسٽوڊيو ۾ سڏايو ۽ مونکان پڇيو ته تنهنجو حسين علي شاهه سان ايگريمنٽ نه ٿيو آهي. تون اسان سان ٻن فلمن جو ايگريمنٽ ڪر، جنهن ۾ هيرو جو رول ۽ ڪاميڊي به لکي ڏي. موسيٰ ڪليم مون ڏي نهاري مونکي انڪار ڪرڻ لاءِ اشارو ڪيو. مون چيو ته توهان منهنجي باري ۾ موسيٰ ڪليم سان طي ڪريو. جڏهن ته سعيد هارون جو ضد هو ته تون مون سان تنهائي ۾ هلي معاملو طي ڪر. ان پنهنجي سيٽ تان اٿي، منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي، مون کي ميٽنگ روم ۾ هلڻ لاءِ چيو. مون انڪار ڪيو ته هن چيو؛ حسين علي شاهه جي فلم کان اڳ، اسان جي فلم ٺهندي ۽ عيد تي لڳندي. تنهنڪري تون اسان جي آفر قبول ڪر. مون کي وري به موسيٰ ڪليم اشارو ڪيو ۽ مون انڪار ڪيو. پر حقيقت ۾ اڳتي هلي سعيد هارون جون ٻه ٽي فلمون ٺهيون ۽ ريليز به ٿيون. جڏهن ته حسين علي شاهه جي آخري فلم “هاري” دٻن ۾ ئي رهجي ويئي.
    منهنجون محبتون ۽ ڪچهريون ساڻس ان دور ۾ وڌيڪ رهيون جڏهن پاڻ اداڪارائن، سنگرن جون محفلون ۽ ميڙا منعقد ڪندو يا ڪوٺي تي ڊانس ڏسڻ ۽ گانو ٻڌڻ ويهندو هو. دنيا جي هن خوبصورت ۽ نرالي شهزادي جو نصيب، قدرت ڪجهه هن طرح لکيو هو جو، لاڙ ۽ اڏيري لال جون هزارين ايڪڙ ٻنيون/ زمينون ڀڳڙن مٺ ۾ وڪڻي ڇڏيائين. پر قدرت وري هن کي هڪ ٻئي مٿان زمينون پئي ڏياريندي ويئي ۽ هي پيو شاديون ڪندو، جوائون کيڏندو، زمينون وڪڻندو هو. آخري ايام، ڏاڍا ڪسمپرسي، مفلسي ۽ بيماري ۾گذاريائين.
    مون سندس آخري يادگار تقريب ڪراچي جي هوٽل انٽرنيشنل پلازه ۾ فلم “محب شيدي” جي اوپننگ تي ڪئي. جيتوڻيڪ هن تقريب جو عنوان فلم محب شيدي جي اوپننگ هئي ۽ مهمان خاص عبدالحڪيم کوسو ۽ محمد هاشم چانيهو ھيا. ٻئي وزير اعليٰ سنڌ جا مشير هئا. مهمان خاص حسين علي شاهه فاضلاڻي هو. تقريب ۾ مقرر صرف، حسين علي شاهه فاضلاڻي جي شخصيت ۽ ڪم جي واکاڻ ڪندا رهيا. نتيجي ۾ اها شام حسين علي شاهه فاضلاڻي جي آخري يادگار شام بنجي ويئي.
    ان کان علاوه مون سنڌي فلمي ميلو ٽنڊي آدم جي ٻن سئنيمائن ۾ منعقد ڪرايو هو، جنهن ۾ هزارن ماڻهن جي شرڪت هئي. حسين علي شاهه پڻ ان تقريب ۾ سڀني فنڪارن سان گڏ گڏ نمايان موجود رهيو. ان تقريب ۾ به سائين جي پذيرائي سڀني دوستن ڪئي. پر آخري ڏينهن ۾ ايس گل صاحب وانگر حسين علي شاهه فاضلاڻي پڻ فن جي سموري پونجي جنهن ۾ لائيٽون، ٽريڪ منهنجي حوالي ڪيا. اڄ به انهن جي يادگار طور اهي ڏنل شيون هر وقت مون وٽ موجود آهن ۽ موجود رهن ٿا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ونڊ لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو