سَسُئِي آبِرِي هاڻِ نَہ جِيان جَيڏِيُون !، زُلفَ زافُ ڪِياسِ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاڻِ نَہ جِيان جَيڏِيُون !، زُلفَ زافُ ڪِياسِ
    ڪاڪُلَ آئُون ڪُٺِياسِ، ڀَنڀو جو ڀَنڀورَ ۾


    سر سسئي آبري

    جَيڏِيُون = سرتيون، سنگتياڻيون، سهيليون
    زُلفَ = محبوب جا ڪارا ڊگها وارَ - آڳاٽي زماني ۾ عورتن جيان مرد بہ ڊگها وار رکرائيندا هئا. بلوچستان ۾ بلوچ قوم جي مردن ۾ اڄ بہ ڊگهن وارن جو رواج آهي. پنهونءَ جي ڊگهن وارن کي ڀٽائي زلف ۽ ڪاڪُلَ سڏيو آهي.
    زافُ = اڦٽ مارڻ
    ڪاڪُلَ = زلف
    ڪُٺِياسِ = ڪُهِي ڇڏيو، گهائي وڌو
    ڀَنڀو = گُهنڊيدار ڊگهن وارن وارو
    ڀَنڀورَ = سسئيءَ جي شهر جو نالو جتي پنهونءَ سان عشق ڪيائين

    بيت جو پس منظر

    ~ او سرتيون ! محبوب جي زلفن تہ اڦٽ ماري وڌو آهي، هاڻي جيئڻ مشڪل آهي.
    ~ محبوب جي ڪارن زلفن تہ ڪُهِي وڌو آهي، ڪلھ جيڪي ڀنڀور ۾ ڏٺا هئم.

    سمجهاڻي

    ڀٽائيءَ جو هي بيت ان منظر جي عڪاسي آهي جڏهن پهريون ڀيرو سسئيءَ ڀنڀور شهر ۾ پنهونءَ کي ڏٺو هو. ان زماني ۾ ڪيچ مڪران جا قافلا ڀنڀور شهر لنگهي ٺٽي ۽ ٻين ملڪن ڏانهن واپار ڪرڻ ويندا هئا. سسئيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جي هاڪ ڪيچ مڪران جي حاڪم آري ڄام جي پٽ پنهونءَ تائين پهتي هئي، سو پنهون پرپٺ سسئيءَ کي دل ڏئي ويٺو هو.
    پنهون واپاريءَ جو ويس ڍڪي مُشڪَ ۽ عنبيرن جا انبار ساڻ ڪري ڀنڀور پهتو هو. ڀنڀور شهر کٿوريءَ جي خوشبووئن سان واسجي ويو هو.
    سسئي بہ خوشبو خريد ڪرڻ جي بهاني سورهن سينگار ڪري سرتين ساڻ پنهونءَ تائين پهتي هئي. سسئيءَ جي چنڊ جهڙي صورت پسي پنهون دل ڦرائي ويٺو هو ۽ سسئي بہ سندس سونهن تي موهت ٿي هئي. تڏهن سسئي سرتين کي
    پئي چئي :
    او جيڏيون ! هاڻي پنهونءَ سواءِ جيئڻ مشڪل آهي. ڪالھ سندس چهري تي لڙڪندڙ زلفن تہ مون کي اڦٽ ماري وڌو آهي.
    ڪالھ جيئن ئي توهان سان گڏ ڀنڀور جي بازار ۾ مُشڪ ۽ عنبير جي واپاري پنهونءَ جي ڪارن ۽ ڊگهن زلفن کي ڏسي آئي آهيان، تن زلفن تہ مون کي ڪُهِي، گهايل ڪري وڌو آهي.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    تمام بهترين سمجهاڻي!
    ائين ئي ڀٽائي رح جو هر بيت سمجهاڻي سان ونڊيندا رهو...



    ؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو