وَڌو ڪِيمَ وَڻاهُه ! ، اُنچا ڏُنگَرَ مَ ٿِيو ٽِمو مَ نَيڻاهُه ! ، ته پَيرُ نِهارِيان پُنهونءَ جو سر معذوري - سسئي وَڻاھُ = اي وَڻَئو، اي درختو اُنچا = اوچا، ڊگها، قدآور ڏُنگَرَ = ڏونگر، جبل، پهاڙ مَ = نہ ٽِمو = لڙڪ وهايو، ڳوڙها ڳاڙيو نَيڻاھُ = اي اکڙيون، اي نيڻئو بيت جو پس منظر ~ اي وڻئو ۽ پهاڙئو وڌي منهنجي راهه ۾ رڪاوٽ نه ٿيو. ~ اي منهنجا نيڻئو ! لڙڪ نه وهايو ته جيئن پنهل جا پير صاف ڏسي سگهان. سمجهاڻي سسئي جڏهن پنهونءَ جَي قافلي جا پيرا کنيا ها تہ هوءِ ڪراچيءَ سان لڳ لس ٻيلي مان لنگهي هئي. هڪ جهنگ گهاٽو ۽ ٻيا ٻيلي جا ڊگها وڻ سندس راھ جي رڪاوٽ بڻيا هئا. تڏهن سسئي چئي ٿي : اي وڻئو ! ايڏا وڌي ويا آهيو جو پريان ويندڙ منهنجي پنهونءَ جي قافلي کي آئون ڏسي نٿي سگهان. لس ٻيلي جي وندر نديءَ مان گذري جڏهن سسئي پٻ جبل جي اوچن پهاڙن کي ڏسي ٿي تہ کين بہ ميار ڏيندي چئي ٿي : توهان جي اوچائي منهنجي پنهونءَ جي قافلي کي پڻ اوٽ آهي. پنهونءَ جون ساروڻيون ساريندي سسئيءَ جي اکڙين ۾ جڏهن لڙڪ تري آيا تہ کين چئي ٿي : اوهان جي هينئن لارون بڻجي وهندا رهندئو تہ قافلي جي پيرن جا صاف نشان ڪئن ڏسي سگهنديس. ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو تہ : وڻ، جبل ۽ لڙڪ جيئن سسئيءَ لاءِ رڪاوٽ بڻيا، ايئين محبوب ۽ منزلون تلاشيندي ضرور ڪي رنڊڪون ۽ رڪاوٽون اينديون جن لاء اڳواٽ تيار رهڻ گهرجي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____