ڏِسَڻُ ڏِکا اَڳَرو، سَسُئِي ! آڻِ مَ شَڪُ ٿِيُ ٻانِهي، ڀَرِ اوئِيُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪَ وَرُ پُنهُونءَ سِين پَلَڪَ، کوءِ ٻارَهَ ماهَ ٻِيَنِ سِين سر معذوري - سسئي ڏسَڻُ = پسڻ، مشاهدو ماڻڻ ڏِکا = سينگار، عيش عشرت اَڳَرو = بهتر اوئِيُون = پکالون، سانداريون - ٻڪريءَ جي کَلَ مان پاڻي ڀرڻ جي ٺهيل پکالَ وَرُ = مبارڪ، بهتر، ڀلو کوءِ = کڏ ۾ پئي ٻارَهَ = ٻارنهن ماهَ = مهينا بيت جو پس منظر ~ اي سسئي ! انهيءَ ۾ شڪ ناهي تہ محبوب کي پسڻ، سينگار کان وڌيڪ آهي. ~ پنهونءَ جي نوڪرياڻي ٿي پکالون ڀر، ۽ لڪ ڏسي لڏي نہ پئجان. ~ پنهونءَ سان گهاريل هڪ گهڙي بهتر آهي، ٻين سان گهاريل ٻارهن مهينن کي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏ. سمجهاڻي ڀٽائي اڄ سسئيءَ مٿان گهڻو مهربان ٿو ڏسجي. کيس سمجهائيندي چئي ٿو : اي سسئي ! انهيءَ ڳالھ ۾ ذري برابر بہ شڪ ۽ گمان نہ ڪجان تہ عيش عشرت، ويس وڳا، آرام، فرحتون ۽ هار سينگار واري زندگيءَ کان ڪيئي ڀيرا بهتر آهي. محبوب جو مشاهدو، ملاقات ۽ رهاڻيون. سو تنهنڪري ٻين ڳالهين کي ترڪ ڪري محبوب سان ملڻ لاءِ پنهنجي جاکوڙ ۽ جدوجهد جاري رکيو اچجان. ان لاءِ توکي جيڪڏهن محبوب جي نوڪرياڻي ٿي سندس گهر جو ڪم ڪار ۽ مٽ دلا بہ ڀرڻا پون تہ پنهنجي خوشنصيبي سمجهجان. هي اوچا پهاڙ ۽ جبل ڏسي، لڪن جا لوڏا پسي متان گهٻرائين. بهادريءَ سان انهن جو مقابلو ڪري وک وڌاءِ. ٻين سان گهاريل ٻارهن مهينن کي تيلي ڏئي ساڙي ڇڏ، کڏ ۾ اڇلائي ڇڏ. ڇو تہ محبوب سان گهاريل هڪ پل بہ وڏي سوغات ۽ نعمت آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____