ريٽا شهاڻي : محتاجيءَ کان اڳ جڳ مان اٿارج الطاف شيخ ريٽا شهاڻيءَ انڊيا ۾ سنڌيءَ جي برک ليکڪا آهي، سندس ڪيترائي ڪتاب هند ۽ سنڌ ۾ ڇپيا آهن، مون به ويجهڙائيءَ ۾ سندس حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪشن طرفان ڇپايل ٽي کن ڪتاب پڙهيا آهن، جن ۾ هڪ سندس يادگيرين (Memories) جو ڪتاب “سڄاڻ جون سمرتيون” آهي، ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو “رشتن جو رقص” آهي ۽ ٽيون سندس آتم ڪٿا جو ڪتاب “ٻپهريءَ جا ٻه پل” آهي. سندس ٽيهه کن ڪتاب ٿيندا، جن ۾ ڪجهه سفرناما به آهن، سندس هڪ سفرنامو “سفر در سفر”، جنهن جو مهاڳ مون لکيو آهي، اڄڪلهه حيدرآباد ۾ ڇپائيءَ هيٺ آهي، سندس ڪيترائي مضمون، ڪهاڻيون ۽ سفرناما سنڌ جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾، خاص ڪري ماهوار ’سوجهرو‘ ۽ ماهوار ’امرتا‘ ۾ ڇپجندا رهن ٿا. ريٽا شهاڻيءَ 24 آگسٽ 1934ع تي حيدرآباد جي هڪ پڙهيل لکيل فئملي “ملڪاڻي” ۾ عالمچند اڌارام جي گهر ۾ ڄائي. هُوءَ هن وقت 74 سالن جي آهي يعني امرجليل کان به ٻه سال وڏي ٿي، جو امرجليل 1936ع ۾ ڄائو آهي. پر تصوير ۾ ڏسندائو ته ريٽا شڪل صورت ۽ صحت ۾ توڙي لکڻ جهڙي مشغلي ۾، امرجليل وانگر فٽ فاٽ آهي. مون کيس پهريون دفعو پوني ۾ اچي ڏٺو آهي. تاج بلوچ ۽ تاجل بيوس وارا، جن ريٽا شهاڻيءَ کي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺو، اهي ٿا ٻڌائين ته جوانيءَ ۾ هُوءَ بيحد حسين ٿي گذري آهي، بهرحال فزيڪل سونهن سوڀيا ته هڪ ڏينهن آخر ختم ٿئي ٿي، پر ريٽا شهاڻيءَ جي سدا بهار لکڻين مان هميشه هُڳاءُ ايندو رهندو ۽ اهي هميشه جوان ۽ خوبصورت رهنديون. ريٽا (سندس پيءُ جو نالو عالمچند اڌارام ملڪاڻي) جي شادي جيتورام ٺاڪرداس شهاڻيءَ جي پٽ وشنوءَ سان 20 آڪٽوبر 1957ع ۾ ممبئيءَ ۾ ٿي، ريٽا سنڌ جي مشهور اديب ۽ پروفيسر منگهارام يو ملڪاڻيءَ جي ڀائٽي ٿئي، سندس سهرو جيتورام حيدرآبادي عامل هو جنهن جو 1926ع کان پوني ۾ “ماڊرن بُڪ اسٽال” نالي دڪان هو. پاڻ پوني جي هڪ مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي، ايتري قدر جو پوني ۾ هن جي نالي “شهاڻي چؤڪ” پڻ آهي، جيتورام هندستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. هُن پنهنجي پٽ وشنَو (ريٽا جي مڙس) سان گڏ جيل به ڪاٽيو، وشنوءَ جي ڀيڻ (يعني ريٽا جي هڪ نڻان) ستي شهاڻي پوني جي مشهور ڪاليج “فرگوسن ڪاليج” جي انگريزي جي پروفيسر آهي ۽ ٻي ڀيڻ سندري لنڊن ۾ ڊاڪٽر آهي. ريٽا شهاڻيءَ کي ٻه ٻار آهن، هڪ پٽ ڪمار شهاڻي، جيڪو هتي پوني ۾ بزنس ڪري ٿو، ڌيءَ ماڌوري ڪپور، جنهن کي هوءَ لليتا سڏي ٿي، پوني جي هڪ اسڪول جي هيڊمسٽريس آهي ۽ سندس مڙس جو نالو انيل آهي. ريٽا شهاڻيءَ لاءِ فقط ايترو لکي بس نٿو ڪرڻ چاهيان، دراصل جنهن فئملي “ملڪاڻيءَ” سان ريٽا شهاڻيءَ جو واسطو آهي، اها سنڌ جي بيحد مشهور فئملين مان هڪ آهي، جنهن تي ڪجهه وڌيڪ لکڻ ضروري سمجهان ٿو. سندس چاچي پروفيسر منگهارام يو (اڌارام) ملڪاڻيءَ وٽ اسان جا ڪيترائي ڏاها ۽ دانشور پڙهيا، جن مان محمد ابراهيم جويو صاحب پڻ هڪ آهي. ملڪاڻي صاحب لاءِ هڪ هنڌ ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته “...پروفيسر ايم. يو. ملڪاڻي منهنجو مهربان ۽ دل گهريو استاد هو، ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ 1934ع کان 1938ع تائين مون هن وٽ تعليم حاصل ڪئي.” پروفيسر منگهارام، ان بعد ريٽا جو پيءُ عالمچند ۽ ٽيون ننڍو ڀاءُ موتي رام، راءِ بهادر اڌارام ملڪاڻيءَ جا پٽ ۽ ديوان شيوڪرام ملڪاڻيءَ جا پوٽا هئا، منگهارام 1896ع ۾ ۽ عالمچند 1901ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄاوا. ٿورو جيڪڏهن ملڪاڻي فئمليءَ جي تاريخ ۾ وڃبو ته ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي “سنڌ جي هندن جي تاريخ” مطابق ملڪاڻين جو وڏو ڏاڏو “ملڪ مل” هو، جنهن تان سندس فئمليءَ جو نالو ’ملڪاڻي‘ پيو. حيدرآباد جي جنهن گهٽيءَ ۾ هُو رهيو، اها اڄ به ملڪاڻي گهٽي سڏجي ٿي. ملڪ مل جي اولاد مان صاحب راءِ فارسيءَ جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي، صاحب راءِ ملڪاڻيءَ لاءِ مشهور آهي ته ميرن جي شادي توڙي غميءَ جي موقعن تي هُو اهڙا عمدا فارسي شعر جوڙيندو هو، جو ميرن کي موهي رکندو هو ۽ کيس ميرن کان وڏا انعام ملندا هئا. ديوان صاحب راءِ ملڪاڻيءَ جو پٽ منشي آوتراءِ ملڪاڻي تاريخ ۾ خاص ڪري ميرن جي تاريخ ۾، اهم شخصيت ٿي گذريو آهي، جيتوڻيڪ اسان واري پوني جي ليکڪا ريٽا شهاڻي منشي آوتراءِ جي پوٽي يا پڙپوٽي نه هئي، پر آوتراءِ جي ڪزن “ديوان شيوڪرام” جي پڙپوٽي ۽ راءِ بهادر اڌارام جي پوٽي هئي. منشي آوتراءِ ملڪاڻي (ڄم جو سال 1820ع) مير صوبدار خان جو مالي وزير هو. 1843ع ۾ جڏهن سر چارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪئي، تنهن وقت ميرن جو خزانو حيدرآباد واري قلعي ۾ هو ۽ خزاني جون ڪُنجيون منشي آوتراءِ وٽ هيون. چاٻين لاءِ سر چارلس نيپيئر حيدرآباد جي ملڪاڻي گهٽيءَ ۾ ويو، پر منشي آوتراءِ ڪُنجيون ڏيڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو: “جيسين مون کي منهنجن حاڪمن (ميرن) جو حڪم نه ملندو، تيسين مان ڪُنجيون پنهنجي هٿان نه ڇڏيندس.” منشي آوتراءِ اهڙو ايماندار ۽ ساک وارو هو، جو ميرن جي ڏيڍيءَ تائين کيس وڃڻ جي موڪل هوندي هئي. انگريزن، ميرن کي قلعي مان ڪڍائي گدو بندر واري بنگلي ۾ نظربند رکيو، جتان پوءِ کين ڪلڪتي موڪلڻو هئن. ميرن جي زالن کي ڏيڍيءَ تان گدو واري بنگلي ۾ روانو ڪرڻ جو ڪم منشي آوتراءِ ملڪاڻيءَ جي سپرد ڪيو ويو. منشيءَ، زالن کي ڪڍڻ کان اڳ سورنهن کن ڏوليون هيرن جواهرن جون ڀري ٻاهر ڪڍيون، جيڪي ميرن وٽ سلامت پهچي ويون. ان بعد سترهين ڏولي نڪرڻ وقت انگريزن کي شڪ پئجي ويو ۽ آوتراءِ کي جيل ۾ رکڻ ۽ شوٽ ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو، پر پوءِ کيس 800 رپيا ماهياني پگهار تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ انگريزن وٽ نوڪري ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جيئن انگريز مقامي حڪومت جي انتظام کان واقف ٿي سگهن. 1843ع ۾ هڪ سئو رپيا به وڏي ڳالهه هو، پر منشي آوتراءِ آڇ قبول نه ڪئي ۽ چيو، “ٻن مالڪن جي نوڪري ساڳئي وقت ڪري ڪين سگهندس.” ياد رهي ته ان وقت منشي آوتراءِ جي عمر فقط 23 سال هئي. منشي آوتراءِ ملڪاڻيءَ کي ٻه پٽ ٿيا، وڏو ديوان چيتن رام وڪيل ٿيو ۽ ان جو پٽ نارائڻ داس به وڪيل ٿيو. آوتراءِ جو ٻيو پٽ ديوان گوبند بخش، جنهن جي ڄم جو سال 1850ع هو، تنهن 17 سالن جي ڄمار ۾ 1867ع ۾ مئٽرڪ ڪئي، انهن ڏينهن ۾ مئٽرڪ ڪرڻ به وڏي ڳالهه سمجهي ويندي هئي ۽ هر ڪو نه ڪري سگهندو هو، گوبند سٺي پوزيشن ۾ مئٽرڪ ڪئي ۽ سنڌي، اڙدو، فارسي ۽ پشتو جو به ڄاڻو هو. کيس ڪوٽڙيءَ جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. سندس قابليت جي ڪري سنڌ جي نامياري وڪيل خانبهادر ميان حسن عليءَ هن کان خانگيءَ طرح انگريزي سکي. بعد ۾ گوبند وڪالت پڙهي سکر ۾ وڪالت ڪئي. سندس پٽ لوڪومل ملڪاڻيءَ (ڄم جو سال 1880ع) تعليم حاصل ڪرڻ بعد نوڪري نه ڪئي، پر انگريز سرڪار کيس 20 سال کن آنرري مئجسٽريٽ جو عهدو ڏنو ۽ 37 سالن لاءِ هو حيدرآباد جي ميونسپالٽي جو مشير ٿي رهيو. کيس پراڻين شين گڏ ڪرڻ جو وڏو شوق هو، سنڌ جي وزيرِاعظم سر غلام حسين هدايت الله، سنڌ جي پهرئين گورنر سرلانسيٽ گرهام، ان بعد سر هيوڊو گورنر ٿيو، ان سان پڻ سٺا تعلقات هيس. هُو صاحب هن وٽ ملڻ لاءِ هلي ايندا هئا ۽ هن جون گڏ ڪيل شيون اچي ڏسندا هئا. بهرحال مٿي بيان ڪيل صاحب راءِ، منشي آوتراءِ، چيتن راءِ، ديوان گوبند بخش، لوڪومل وغيره “ديوان آڏومل ملڪ مل” جي وڏي پٽ گوپال داس ملڪاڻيءَ جو اولاد هئا، ملڪ مل جنهن تان ملڪاڻي ذات شروع ٿي، جي اڪيلي پٽ آڏومل کي ٻه پٽ هئا، هڪڙو گوپالداس (جنهن جي خاندان جي ڪجهه اهم ماڻهن جي مٿي ڳالهه ٿي) ۽ ٻيو پٽ ديوان گدومل هو جنهن جي پوٽي ديوان شيوڪرام جي ريٽا شهاڻي پڙپوٽي آهي. ديوان شيوڪرام 1848ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ حيدرآباد شهر جو پهريون سٽي ماجسٽريٽ ٿيو. پاڻ ڪيترائي عهدا ماڻيائين، پر گهڻو وقت مختيارڪار ٿي رهيو، سندس ديهانت 1908ع ۾ ٿيو. ديوان شيوڪرام جي زال ڄيٺي ٻائي (ڄم جو سال 1847ع، ديهانت 1923ع) ۽ جوت اخبار جي ايڊيٽر پرمانند ميوارام جي زال ڄيٺي ٻائي ڀينرون هيون. ديوان شيوڪرام جو وڏو پٽ ديوان اڌارام (يعني ريٽا شهاڻيءَ جو ڏاڏو) 1869ع ۾ ڄائو، مئٽرڪ بعد ميڊيڪل ڪاليج ۾ گهڙيو، پر صحت سٺي نه هجڻ جي ڪري هن کي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏڻي پيئي، ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ اوسي پاسي ۾ فقط بمبئيءَ ۾ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج هو ۽ ٻيو ڪلڪتي ۽ مدراس ۾. ديوان اڌارام پوءِ سڄي عمر زمينداري ڪئي ۽ 68 ورهين جي ڄمار ۾ 1928ع ۾ وفات ڪيائين. کيس، ٽي پٽ ٿيا، وڏو پٽ پروفيسر ايم. يو (منگهارام اڌارام) ملڪاڻي جي نالي سان مشهور ٿيو، ادبي ۽ تعليمي دنيا ۾ منگهارام ملڪاڻي ( ريٽا شهاڻيءَ جو چاچو ) هڪ وڏو نالو آهي. پاڻ 24 ڊسمبر 1896ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. هُو مشهور عالم، اديب، نقاد، تاريخ نويس، اسٽيج اداڪار ۽ ٽيچر ٿي گذريو آهي. هن پنجاهه کن ناٽڪ لکيا ۽ ڪيترن ۾ پاڻ اداڪاري ڪري نالو ڪڍرايو. 1923ع ۾ حيدرآباد ۾ “رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرامٽڪ ڪلب” برپا ڪيائين، جنهنجو افتتاح بنگالي زبان جي جڳ مشهور شاعر ۽ اديب رابندر ناٿ ٽئگور پنهنجي هٿن سان حيدرآباد ۾ اچي ڪيو هو. رابندر ناٿ پهريون ايشين آهي، جنهن کي سندس شاعريءَ جي مجموعي ’گيتانجلي‘ تي نوبل پرائيز مليو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ڪافي عرصو ڊي جي (ڏيارام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج سان وابسته رهيو، ورهاڱي کان پوءِ هُو ڀارت لڏي ويو، جتي بمبئيءَ ۾ “جئه هند” ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، جتان 1962ع ۾ رٽائرڊ ڪري ڪلڪتي وڃي رهيو. ناٽڪن کان علاوه سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن جهڙوڪ، گم ٿيل صندوقڙي (ناول ترجمو)، پريت جا گيت (ٽئگور تان ترجمو)، ادبي اصول (تنقيد)، پڇمي ياترا (آمريڪا جو سفرنامو) سنڌي نثر جي تاريخ، جوانيءَ جا جذبا، پيريءَ جون يادون (نظماڻو نثر)، ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو جائزو... وغيره وغيره. پاڻ بمبئيءَ ۾ پهرين ڊسمبر 1980ع ۾ ديهانت ڪري ويو، ديهانت کان اڳ هُو پوني ۾ ريٽا شهاڻيءَ جي گهر ۾ ئي رهيل هو. ريٽا شهاڻي پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب “سڄاڻ جون سمرتيون” ۾ لکي ٿي ته، “هڪ ڏينهن نيرن جي ٽيبل تي مون ويٺي ويٺي ٻه سٽون لکي ورتيون ۽ دادا کي ڏيکاريم. (ريٽا جا ڀاءُ ڀيڻ پروفيسر منگهارام کي دادا منگهو سڏيندا هئا). لاچاريءَ کان تون ڀڳوان بچائج، محتاجيءَ کان اڳ جڳ مان اٿارج. منهنجو شعر ٻڌي دادا آگ بگولو ٿي ويو، چوڻ لڳو، “مون کي ڏسي ٿي ڪويتا لکين؟ ڪير ٿو چوي ته مان لاچار آهيان؟ موت جي ڳالهه ان سان ڪبي آهي جو مرڻ وارو هوندو آهي، مان مرڻ وارو ٿوري ئي آهيان؟” آءٌ چپ ٿي ويس ۽ وري موت ۽ ٻڍاپي جي ڳالهه ڀلجي به زبان تي ڪانه آندم. ريٽا شهاڻيءَ جي هن يادگيرين واري ڪتاب ۾ هن ڪيترائي خط پروفيسر ملڪاڻيءَ جا پڻ ڏنا آهن، جيڪي هن کيس لکيا. اديب دوست چوندا آهن ته ريٽا کي ادب ۽ شعر و شاعري سندس چاچي کان ورثي ۾ ملي آهي. ريٽا کي سندس ادبي خدمتن ڪري ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. کيس 1997ع ۾ “نامور عورت ليکڪا ايوارڊ” مليو، R.T ٽرسٽ پاران 1998ع ۾ “ادبي خدمتن جي مڃتا” جو ايوارڊ مليو، مهاراشٽرا ساهتيه اڪيڊميءَ پاران “ادب جو لائيف اچيومينٽ ايوارڊ “ 1998ع ۾ مليو ۽ “سوال ئي سوال” ٻارن جي ڪهاڻين جي مجموعي تي نئشنل ڪائونسل پاران ايوارڊ (سال 2000ع) ۾ مليو. ڪتاب هلي ڏسجي هندستان تان ورتل
ريٽا شهاڻي! توکي سنڌ نه وساريو آهي رکيل مورائي ريٽا شهاڻي ورهاڱي وقت سنڌ کان وڇڙي وئي! سنڌ کان وڇڙي ويل سنڌين جي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي خواهش اها رهي آهي ته هو هڪ ڀيرو سنڌ وري ڏسي سگهن ۽ هند جي سنڌي اديبن مان ريٽا شهاڻيءَ جي اها خواهش پوري ٿي ۽ هوءَ ٻه هزار هڪ ۾ ڪونج جي ايڊيٽر ۽ سنڌي ادب جي سفير ڪاڪي هري موٽواڻيءَ سان سنڌ ياترا تي آئي. سندس آجيان جيڪا سنڌ ۾ ٿي، ان جو کيس ڪڏهن تصور به ڪو نه ٿيو هوندو. هوءَ سنڌ جي ياترا وقت ڪراچيءَ ۾ محترم عبدالرحمان شوري صاحب جي گهر ۾ رهي ۽ پنهنجي جنم واري شهر حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جي مانائتي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار محترمه ماهتاب محبوب جي گهر ۾ رهي. هن واپس وڃي هند ۾ پنهنجي سفر جي ڪٿا لکي، جنهن کي سرو ڏنائين ”جتي منهنجا ڏوٿيئڙا “ ڪتاب سنڌ ۽ هند ۾ چڱي پذيرائي ماڻي. ريٽا کي سنڌ مان موٽي وڃڻ بعد ڄڻ نئون جنم مليو. هن هڪ نئين اتساهه سان لکڻ شروع ڪيو ۽ چڱائي ڪتاب لکي ورتائين، جيتوڻيڪ هوءَ سنڌي ادب ۾ پنهنجي عمر جي اڌ گذرڻ کان پوءِ اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ داخل ٿي.ها اهو سچ آهي ته هن جڏهن کان قلم هٿ کنيون ته ان کي ساهي پٽڻ نه ڏنائين، لڳاتار لکيائين، ڪهاڻيون، شعر، مضمون، جيونيون، تبصرا، خاڪا ۽ ٻيو به گهڻو ئي ڪجهه هند ۾ ذهين لکندڙن جي وچ ۾ ريٽا جو اڀري اچڻ هن جي ساندهه لکڻ ۽ سٺو لکڻ جي نتيجي ۾ ٿيو. پوءِ ڪيترن وٽ هن جو ادب قبول گهٽ پيو. سبب ڪيترائي آهن. سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني حيدرآباد جي هوائن ۾ جنم ورتل ۽ ٻالڪپڻ گذاريندڙ ريٽا شهاڻي، سنڌي ناٽڪ جي ابي، ۽ ناٽڪ جي پهرين تاريخ لکندڙ عالم، اديب ۽ تعليمدان منگهارام ملڪاڻيءَ جي ڀائٽي ۽ ادب جا پهريان سبق وٺندڙ هئي. هند لڏي وڃڻ کان پوءِ ريٽا جو ادب سان ڪو خاص لڳاءُ نه رهيو. هن زندگيءَ جيئڻ جا ٻيا ساڌن ڳولي ورتا، سندس شادي، پراڻي ڪامريڊ وشنو شهاڻيءَ سان ٿي ته هوءَ ملڪاڻيءَ مان شهاڻي ٿي پئي. وشنو هڪ ذهين شخص ۽ پوني ۾ ڪتابن جو ڪاروبار ڪندڙ ترقي پسند نوجوان هئو،جنهن ريٽا کي هر طرح خوش رکيو ۽ ريٽا جي خوشيءَ ۾ ئي پاڻ به خوش رهيو. وشنو شهاڻيءَ سان ريٽا پاڻ کي هر طرح محفوظ سمجهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين اهو اعتماد هن جي چهري مان بکندو رهيو. وشنو شاهاڻي ڪجهه سال اڳ ديهانت ڪيو ته ريٽا پڻ کي بلڪل اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳي. پنهنجي ادبي زندگيءَ ۾ هن ٽي درجن کن ڪتاب لکيا، جنهن ۾ ادب جا گهڻيئي موضوع شامل آهن پر کيس مڪمل پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته هن جون تخليقي قوتون ناول ۾ وڌيڪ اڀري آيون آهن. ناول سان سندس لڳاءُ هئو يا سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول جي غربت جو احساس هئو، هن ناول واري پاسي وڌيڪ ڌيان ڏنو. هن ٽي ڏهاڪا ادب کي ڏنا هند ۾ هڪ طرف سندس آجيان ٿي ته ٻئي طرف وروڌ، پر سچ اهو آهي ته جڏهن سندس هڪ ناول تي سنڌي ٻوليءَ جي ذهين نقاد پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ مهاڳ لکيو تڏهن، هندو توڻي سنڌ جي ادبين هن جي ادب تي نئن سري کان نظر وجهڻ شروع ڪئي، خاص طور هند ۾، جيتوڻيڪ پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ جي مهاڳ اچڻ تائين سنڌي ناول ۽ ڪهاڻيءَ جي اهم لکندڙ ۽ پڙهندڙن جو وڏو حصو نه رهيو هئو. جن جو رد عمل اچڻ شايد سڀاويڪ هئو، مثال طور، موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي، لعل پشپ، پرم اڀيچنداڻي، شيام جئسنگهاڻي، وشنو ڀاٽياوغيره ۽ باقي بچيل، تن وٽان به ڪو ظاهر ڳڻائڻ جهڙو رد عمل لکڻ ۾ نه آيو. ادب ۾ هڪ اهم سڃاڻپ رکندڙ مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ جو ايوارڊ ريٽا کي ملي نه سگيو، جيتوڻيڪ هوءَ ان جي حقدار هئي. پر سنڌ ۾ سياسي نظرين جي وٿي ۽ هند ۾ ادبي نظرين جي وٿيءَ بحرحال ريٽا کي ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ تائين رسڻ ڪو نه ڏنو. پر ريٽا کي سنڌ ۾ بيحد پيار ۽ احترام مليو. ممڪن آهي ته کيس سنڌ ۾ وڌيڪ سنجيدگيءَ سان پڙهيو ويو هجي. ۽ اهم ڳالهه ته ” محبت پائي من ۾“ پڙهيو ويو هجي. سندس وفات کان پوءِ هڪ اهڙو ڪتاب کيس ڀيٽا طور پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جي گهڻن ليکڪن جي مٿس راءِ سامهون اچي ٿي، اسان جي دوست موهن مدهوش پاران ترتيب ڏنل هيءَ ڪتاب ” هند سنڌ جي ڪهاڻي – ريٽا شهاڻيءَ“ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جهڙو هن کان اڳ شايد ڪنهن هند جي اديب بابت ڇپيو هجي. ٻيءَ طرح ريٽا جا ڪيترائي ڪتاب سنڌ ۾ موهن مدهوش جي اداري ڪويتا پبليڪيشن پاران شايع ٿيا آهن. سندس آخري لکيل ڪتاب سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت واري کاتي، سندس وفات کان پوءِ تازو ئي سچل سر مست جي هڪ سئو ٽيانوي هين عرس مبارڪ تي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جو نالو آهي ” سچل سرمست ۽ اتهاسڪ روايتون“ مان ڀايان ٿو ان کان وڏو ايوارڊ ريٽا شهاڻيءَ لاءِ ٻيو ڪو به ٿي نٿو سگهي. انسان زندگيءَ ۾ هزارين خواهشون سانڍي ٿو، ائين ريٽا به سانڍيون هونديون، پر ادبي طور هن جي سنڌ ياترا ۽ سنڌ ۾ ادبي مڃتا ” هن جون وڏيون خواهشون هيون واڌو هن جي وفات کان پوءِ ڀيٽا طورمٿس هڪ سانڍڻ جهڙو ڪتاب، کيس هڪ وڏي ڀيٽا آهي، هوءَ ادب ۾ پنهنجي تخليقن جي آڌار زندهه رهندي، اسان جي دلين ۾ هوءَ پنهنجي سڀاءَ جي ڪري زندهه رهندي. هڪ شخص لاءِ هڪ عمر ۾ اهو گهڻو آهي. سڀاڻي سندس ديهانت جو ڏينهن آهي، هند ۾ کيس ڪيترو ياد ڪيو ويندو، اهو ته پتو نه آهي، پر سنڌ کيس نه وساريو آهي اهڙي پڪ آهي ۽ بس!
ريٽا شهاڻي : منهنجي حد آڪاش واحد پارس هيسباڻي ڪالهه صبح هڪ دوست ريٽا شهاڻي جي ديهانت جي خبر ٻڌائي ته هڪڙي قسم جو شاڪ لڳي ويو. ريٽا جيڪا پونا جي روبي هاسپيٽل ۾ ICU ۾ داخل هئي، اسان مسلسل سندس صحتيابي لاءِ دعائون گهري رهيا هئاسين. ڪلهه واري ادبي صفحي ۾ موهن مدهوش ريٽا شهاڻي لاءِ احساساتي ۽ دعائن سان ڀرپور ڪالم به لکيو هو، پر افسوس.... موهن سان ويجهڙائپ جي ڪري آپا ريٽا مون سان به فون تي ڳالهائيندي رهندي هئي ۽ اسان جي وچ ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ادب بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي. سندس سڀاءُ وڏي ڀيڻ جهڙو هوندو هو. هوءَ پنهنجي من جي ائين ئي اجري هئي، جيئن اجرائپ ڀريون سندس لکڻيون آهن. سچ اهو آهي ته آپا ريٽا هند ۾ سنڌي ادب جي ڄڻ ته سفير هئي. تاريخ ۲۴آگسٽ ۱۹۳۴ع تي منگهن جي شهر حيدرآباد ۾ پڙهيل لکيل خاندان جي فرد عالمچند اڌارام جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ريٽا نامياري عالم اديب منگهارام اڌارام ملڪاڻي جي ڀائيٽي هئي، سنڌي ادب ۾ ملڪاڻي صاحب جون خدمتون ڪنهن کان به لڪل ڪونهن. ريٽا جو والد عالمچند موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو نه صرف ڄاڻو پر سٺو ڳائي ۽ وڄائي به ڄاڻندو هو. ۱۹۲۳ع ۾ جڏهن رابندر ناٿ ٽئگور سنڌ آيو هو ته ريٽا جي والد سندس شعري مجموعي ’باغبان‘ ۾ هڪ گيت ڳائي کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو هو. ريٽا جي پڦي به شاهه جي ڄاڻو ۽ سٺو ڳائيندڙ هئي. ۱۵سالن جي عمر ۾ ورهاڱي جي وڍ هن کي حيدرآباد کان کان ته دور ڪيو پر لکنئو ۽ پونا ۾ وڃي به هن پنهنجي ڌرتي کان پاڻ کي هڪ پل به دور نه ڪيو. ريٽا کي جيڪڏهن ڪا خوشبو پسند هئي ته اها سنڌ جي مٽي جي هئي، جيڪا سندس سرير ۾ ائين سمايل هئي جيئن رت. ريٽا جي سڃاڻپ صرف هڪ ڪهاڻيڪاره ۽ ناول نگار طور ناهي، پر هي بهترين قسم جي شاعره ۽ نقاد به هئي. سندس نثر هجي يا نظم پر ان ۾ جيڪا ڳالهه واضح نظر اچي ٿي اها جرئت آهي. هن جيڪو ڪجهه به لکيو اهو وڏي جرئت سان لکيو. ريٽا جون ڪهاڻيون هجن يا ناول هن انهن ۾ الف ليلوي انداز اختيار ڪرڻ بدران حقيقت جا رنگ ڀريا آهن، هن جون لکڻيون سندس ڀرپاسي جي ماحول تي لکيل آهن. ماحول هند جو هجي يا سنڌ جو گهڻو ڪري ملندڙ جلندڙ آهي. دلين جي ڪيفيت کان وٺي سرعام ٿيندڙ انيائن تائين گهڻو ڪري هڪجهڙو ئي آهي، ان ڪري پڙهڻ وقت هڪ پڙهندڙ کي اها پنهنجي ۽ پنهنجي ڀرپاسي جي ڪهاڻي لڳي ٿي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ’رشتن جو رقص‘ جيڪو ڪويتا پبلڪيشن ڇپرايو آهي، ان ۾ موجود ڪهاڻيون روزمرهه جي مشاهدن ۽ تجربن جو چٽو پٽو ۽ واضح پرتوو آهن. هن ڪتاب ۾ هيٺئين ڪلاس سميت مٿئين ڪلاس جن ۾ مرد، عورتون، ٻار، آيائون وغيره اچي وڃن ٿيون، انهن کي مني ڪهاڻين جي صورت ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. هي اهي ڪردار آهن، جيڪي هن هٿرادو گهڙيا ناهن پر پنهنجي آس پاس مان کنيا آهن. انهن ڪردارن ۾ رشتن جي بدلجندڙ روپ کي به ڏاڍي جرئتمندي ۽ سچائي سان ظاهر ڪيو ويو آهي. ريٽا جيتوڻيڪ هي سڀ ڪجهه هندستان اندر پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول جو مشاهدو ماڻي لکيو آهي، پر جيئن مان مٿي چئي آيو آهيان ته هند ۽ سنڌ جي ڪلچر، ريتن، رسمن ۽ روپن ۾ هي ورهاڱو ڪا گهڻي تبديلي نه آڻي سگهيو آهي، ان ڪري سندس هي ڪهاڻيون اسان کي به ڄڻ پنهنجي ئي ماحول جي عڪاسي لڳن ٿيون. اهو طبقاتي سسٽم ريٽا هر ننڍي کان ننڍي موضوع کي به اهميت ڏيندي ان تي لکيو آهي، مٿئين ڪلاس جي ٺٺ ٺانگر جي آزادي کان وٺي، انهن جي اولاد جي بگڙڻ تائين، گهرن ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻين جي مجبورين کان وٺي انهن جي سازشن تائين، ازدواجي رشتا ٽٽڻ کان وٺي سماج ۾ بظاهر معتبر ٿي هلندڙ ماڻهن جي اصلي روپ کي ظاهر ڪرڻ تائين، ويندي سس ننهن جي جهيڙي جهٽي جهڙن موضوعن تائين تي هن ڏاڍي ڪمال حسن سان لکيو آهي. سندس مني ڪهاڻي ’بچايو‘ هڪ اهڙي وزير جي آهي، جيڪو عوام کي ته بجلي بچائڻ جي ليڪچر ڏئي ٿو پر پاڻ ان جو انتهائي لاپرواهي واري انداز ۾ استعمال ڪري ٿو، سندس ڪهاڻيون ’مرچي پارٽي‘، ’ان پٽ آئوٽ پٽ‘، ’اصلي‘، ’نڌڻڪي‘، ’نه بابا نه!‘، ’مان آهيان نه‘ ۽ ’هاڻي بس به ڪر‘ پنهنجي فارميٽ ۾ ته مختصر ڪهاڻيون آهن پر انهن جي اندر جيڪو پيغام سجايل آهي اهو ڪنهن طويل ناول کان گهٽ ناهي، ريٽا کي اهو ڏانءُ حاصل هو ته هوءَ ننڍي ڳالهه کي ناول جي صورت ۾ طويل به ڪري ڄاڻيندي هئي ته وڏي ڳالهه کي مني ڪهاڻي جي روپ ۾ مختصر به ڪري ڄاڻندي هئي. سندس انداز اجائي دانشوري جهاڙائڻ وارو نه هو، پر اهو سادو سودو ۽ عام عوامي انداز وارو هو، ان ڪري ئي سندس لکڻيون پڙهڻ وقت جتي پنهنجائپ وارو احساس ٿيڻ لڳندو هو، اتي وڏي ڳالهه ٿورن لفظن ۾ به حاصل ٿي ويندي هئي. ريٽا شهاڻي ۱۹۸۰ع کان وٺي جيئن باقائدگي سان لکڻ شروع ڪيو ته سندس قلم ڪڏهن به ساهي نه پٽي. هند ۽ سنڌ ۾ سندس شايع ٿيل ڪتابن جو تعداد ۳۶کان مٿي آهي. سنڌ ۾ سندس خوبصورت لکڻين کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو ڪريڊٽ سچ پچ ڪويتا پبلڪيشن جي روح روان پياري موهن مدهوش ڏانهن وڃي ٿو. هن هي سڀ ڪجهه شايد هڪ خاص عقيدت ۽ احترام واري رشتي تحت ڪيو، پر سندس اهو پڙهندڙن تي سچ ته وڏو احسان آهي، جن کي هن پنهنجي دور جي انتهائي بردبار، برجستي ۽ سچار ليکڪا جي تخليقن کان محفوظ ڪرايو. مون کي اها خبر ناهي ته سنڌ ۾ آپا ريٽا جي وڇوڙي جو ٻيو ڪنهن کي سڀ کان وڏو صدمو پهتو هوندو. موهن جي دل ۾ درد جو هڪ تڏو وڇائجي چڪو آهي ۽ سندس من ۾ ڪلهه کان پن ڇڻ جي موسم لٿل آهي. ريٽا شهاڻي جي وڇوڙي کي هند ۽ سنڌ جي ادب جو هڪ وڏو نقصان پوڻ الائي ڇو هڪ روايتي جملو لڳي ٿو، هڪ اهڙو جملو جيڪو پاڻ وٽ تقريباً هر اديب، شاعر جي وڇوڙي جي موقعي تي ورجايو ويندو آهي، ڪاش مون کي ڪو اهڙو نئون جملو ملي پوي، جيڪو مان هن وڇوڙي جي حوالي سان چئي سگهان. ريٽا شهاڻي هڪ سڄي سنڌ ڄائي هئي، جنهن پنهنجي امڙ جي ٿڃ کي باقاعدي ملهائي ڏيکاريو. هن هند ۾ نه رڳو پاڻ پنهنجي جيجل جي ٻولي کي پنهنجي زبان، پنهنجي دل ۽ پنهنجي قلم ۾ قائم و دائم رکيو، پر پنهنجي اولاد کي به پنهنجي ٻولي سان ڳنڍي رکيو. نه ته هند ۾ هاڻي اهي خاندان تمام مختصر ٿيندا پيا وڃن، جن جو پويون نسل به پنهنجي اباڻي ٻولي سان رشتو قائم رکيو ايندو هجي. ريٽا سچ به پنهنجي علمي ادبي خانداني روايتن کي نڀائي ڏيکاريو. اڄ هوءَ پنهنجي بابا عالمچند اڌارام ۽ چاچا منگهارام اڌارام ملڪاڻي آڏو سرخرو ٿي پهتي آهي. ريٽا جسماني طور ته اڄ اسان جي وچ ۾ نه رهي آهي، پر سندس ڪتاب: ’پنک وڄائين شنگ‘ (شاعري)، ’منهنجي حد آڪاش‘ (شاعري)، ’ڀنڀرڪي جي ڀٽ ڀٽ‘ (ناول)، ’کٿوري جي کاڻ‘ (سفرنامو)، ’سوريه ياترا‘ (شاعري)، ’منع ٿيل ميوو (ڪهاڻيون)، ’سج کان چنڊ تائين‘ (ناول)، ’پرهه جا پياڪ‘ (ناول) ’گهنڊ ڄاڻ وڳو‘ (آتم ڪٿا)، ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا)، ’لپ ڀر مهراڻ‘ (مضمون)، ’گونگي گگن سان گفتگو‘ (ناول)، ’اڪٽ ڪهاڻي ڪبير‘ (سوانح)، سفر در سفر (سفرنامو) ۽ ٻيا سچ سنڌي ادب جو املهه خزانو آهن. ريٽا شهاڻي بابت ڪلا پرڪاش جيڪو لکيو آهي، اهو بلڪل سچ ئي لکيو آهي: ’ريٽا جي اڪثر ڪهاڻين ۾ اڄ جي جيون جي آرسي آهي ۽ سماجي اوڻاين جي اوگهڙ ڪيل آهي. هن گهري نظر رکندڙ ۽ انڀوي ليکڪ جيان پنهنجي ڪهاڻين ۾ اڄ جي جيون جا ڇتر اڀاريا آهن....‘ ۽ ريٽا به پاڻ بابت جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اها به حقيقت پسندي واري آهي: ’مون عورت ۽ مرد جي رشتن کي متوازن نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ صرف هڪ ڌر کي ڏوهه ڏيڻ کان ڪنارو ڪيو آهي، نه Feminist بڻجڻ جي دعويٰ ٿي ڪريان ۽ نه مرد جو پاسو ٿي کڻان. سماج ۾ جن حقيقتن کي مون ڏٺو آهي ۽ محسوس ڪيو آهي، اهي خودبخود منهنجي ڪهاڻين ۾ اچي ويون آهن.‘ پنهنجي لاءِ پونا ۾ وڃي آپا جي پونيئرن سان تعزيت ڪرڻ سولو ناهي، ڇو ته پاڻ هن ڌرتي جي مٽي، هوائن ۽ درياهه سان تعزيت ڪري وٺون، ڏک ته هنن جو به ساڳيو آهي....