آئُون نه گَڏِي پِرِينءَ کَي، هِي پِڻُ ڏِينهُن وِئو نِهوڙَي ناڀُنِ سِين، مُون کي نِينهَن نِئو مُٺِيَ موتُ ٿِئو، پِيُ پِيُ ڪَندَي پَنڌَ ۾ سُرُ مَعذُورِي سسئي نِهوڙَي = نابود ڪري، فنا ڪري ناڀُنِ = نَنهَن، رانڀوٽا، چنب، نيزا نِينهُن = عشق، محبت نِئو = ماري ڇڏيو، ختم ڪيو مُٺِي = مصيبت ۾ آيل، آزار ۾ اڙيل پِيُ = پِيا، پرين، دوست، محبوب بيت جو پس منظر ~ اڄوڪو ڏينهن بہ گذري ويو، محبوب سان ملاقات نہ ٿي. ~ عشق مون کي نيزن تي چاڙهي فنا ڪري ڇڏيو. ~ هن مصيبت ماريءَ پنڌ ۾ پرين پرين ڪندي پساھ پورا ڪيا. سمجهاڻي هي عشق جنهن کي بہ لڳي ٿو تنهن کي ٽياس تي ٽنگي ٿو ڇڏي. عشق جا هي نيزا، تيرن، ڀالن بڙڇين ۽ ڪاتين جي تيز تکين چُنهنبن جيان ماس ۾ کُپِي سڪون، سرور، ننڊ ۽ آرام کسي وٺن ٿا. هن رڻ پٽ، بيابان، جهنگل ۽ اوچن پهاڙن ۾ اڪيلي سسئي شڪايت ڪندي چئي ٿي : افسوس ! اڄوڪو ڏينهن بہ لڪ لتاڙيندي، جبل جهاڳيندي گذري ويو پر محبوب سان ملاقات نہ ٿي. پنهونءَ جي سڪ، اُڪير ۽ عشق مون کي نيزن ۽ ڀالن جي تيز تکين چُنهنبُن تي چاڙهي منهنجو سڄو وجود فنا ڪري ڇڏيو آهي. نيٺ مصيبت جي ماريل پر دلير ۽ بهادر عورت سسئي پنهنجي پنهونءَ کي ساريندي، سڏ ڪندي اڄ مري وئي. ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو تہ محبوب ۽ منزلن جي طلب رکندڙ سسئيءَ جيان ڪيل واعدا ۽ وچن نڀائيندي آخري دم تائين جاکوڙ جاري رکو. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____