1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

الحمد لله پڙهو... شڪر ادا ڪريو...

'قرآن مجيد' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,564
    ورتل پسنديدگيون:
    5,458
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سورة طاهه آيت نمبر 131

    [​IMG]

    ترجمو: علامه علي خان ابڙو

    • ۽ هي جو اسان مختلف قسمن جي ماڻهن کي دنيوي زندگيءَ جون آرائشون سينگار ۽ رونقون ڏنيون آهن تن تي سندن اکيون ڌيان نه ڏين (۽ ڪو خيال نه ڪر) اهي سڀ انهيءَ لاءِ آهن جو اسان هنن (گنهگارن) کي آزمائش ۾ وڌو آهي ۽ جيڪا تنهنجي پروردگار جي بخشيل روزي آهي سا ئي (تنهنجي لاءِ) بهتر آهي ۽ (نتيجن جي لحاظ کان) باقي رهڻ واري (يعني جٽادار) آهي.

    جيڪڏهن قارون کي ٻڌايو وڃي ته توهان جي کيسي ۾ رکيل اي ٽي ايم ڪارڊ ان جي خزانن جي انهن چاٻين کان وڌيڪ فائدي وارو آهي جنهن کي ان وقت جا طاقتور انسان به کڻي نه سگهندا هئا... ته قارون تي ڇا گذرندي...؟
    جيڪڏهن ڪسرى کي ٻڌايو وڃي ته توهان جي گهرجي اوطاق ۾ رکيل صوفو ان جي تخت کان ڪئي دفعا وڌيڪ آرام ده آهي ته ان جي دل تي ڇا گذرندي... ؟
    ۽ جيڪڏهن قيصرِ روم کي ٻڌايو وڃي ته ان جا غلام اٺ پکي جي پرن سان بڻيل جن پکن سان ان کي جيڪا ۽ جيتري هوا پهچائي رهيا هئا... توهان جي گهر ۾ لڳل عام اسپلٽ اي سي جي هزارهين حصي جي برابر به نه آهي ته هُن کي ڪيئن لڳندو...؟
    توهان پنهنجي پراڻي ڪرولا ڪار کڻي هلاڪو خان جي سامهون ڦرڙاٽ ڀريندا گذري وڃو.. ڇا اڃان به ان جو پنهنجي گهوڙن تي سواري وارو تڪبر برقرار رهندو...؟
    هرقل خاص مٽي مان ٺاهيل گهُگهيءَ مان ٿڌو پاڻي پيئندو هو ته دنيا ان جي آسائش تي حسد ڪندي هئي.. ته پوءِ جيڪڏهن ان توهان پنهنجي گهرج جو ڪولر ڏيکاريو ته هُو ڇا سوچيندو...؟
    خليفي منصور جا غلام ساڻس لاءِ ٿڌي ۽ گرم پاڻيءَ کي ملائي غسل جو اهتمام ڪندا هئا.. ۽ هُو پنهنجو پاڻ ۾ ماپيو نه ويندو هو... ان کي ڪيئن لڳندو جيڪڏهن هُو توهان جي گهر ۾ لڳل گيزر کي ڏسي وٺي...؟
    اٺن تي سوار ٿي حج ڪرڻ لاءِ گهران نڪرندا هئا.. ۽ مهينن ۾ وڃي پهچندا هئا... ۽ اڄ توهان چاهيو ته جهاز ۾ سوار ٿي ڪجهه ڪلاڪن ۾ مڪي پهچي سگهو ٿا...
    مڃي وٺجي ته توهان بادشاهن جهڙي راحت ۾ نه پيا رهو پر سچ ته اهو آهي ته بادشاهه توهان جهڙي راحت جو سوچي به نه ٿا سگهن... پر ڇا ڪجي ته توهان سان جڏهن به ملبو... ته توهان هميشه پنهنجي ڦٽل قسمت جو ئي ذڪر ڪندا رهندو... آخر ائين ڇو آهي جو توهان جون جيتريون به راحتون ۽ ڪشادگيون وڌن ٿيون توهان جو سينو اوترو ئي سوڙهو ٿيندو پيو وڃي....

    الحمد لله پڙهو... شڪر ادا ڪريو... رب پاڪ جي انهن نعمتن جو جن جو شمار توهان ڪري به نه ٿا سگهو...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,151
    ورتل پسنديدگيون:
    5,158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بيشڪ اسان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪنداسين!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,338
    ورتل پسنديدگيون:
    6,660
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    طالبلعم
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    بيشڪ..
    اسان نا شُڪرا آهيون، رب سائينءَ جي ڏنل نعمتن جو شڪريو ادا نٿا ڪريون تڏهن ته ويل ۾ آهيون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو