رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪووَلَ جِي ڪُوڪَ وَلِوَلو ۽ وُوڪَ، اِيَ تان آهي عِشقَ جِي سُرُ مَعذُورِي سسئي رُڃُنِ = رڻ پٽن - اهڙي زمين جتي پاڻي اڻلڀ هجي جيئن ٿر، ڪوهستان ۽ ڪاڇو رَڙِ = وڏي دانهن، آھَ ڪَرَ = جيئن، ڄڻ ڪووَلَ = ڪوئل پکي ڪُوڪَ = دانهن، رڙ وَلِوَلو = جوش، آواز، گوڙ وُوڪَ = ڪُوڪَ، ورلاپ اِيَ = هيءَ تان = ته بيت جو پس منظر ~ هنن رڻ پٽن ۾ سسئيءَ جو آواز ايئين آهي، جيئن ڪوئل جي ڪُوڪَ. ~ هي دانهون ۽ ڪُوڪُون عشق جو ئي آواز آهي. سمجهاڻي پکي قدرت ۽ فطرت جا حسين شاهڪار آهن. سندن خوبصورت انڊلٺي رنگ، مٺيون لاتيون ۽ مڌر آواز من کي موهي وجهن ٿا. پکين ۾ ڪوئل جي ڪُوڪَ مشهور آهي. جنهن ۾ سُرُ، لئہ، ردم، تانَ ۽ ترنم سان گڏ، هڪ درد، دانهن، آھَ ۽ جيءَ کي جهوري وجهندڙ آلاپ شامل آهن هنن رڻ پٽن، بيابانن ۽ جهنگلن ۾ سسئي اڪيلي پنهونءَ جا پيرا بہ ڳولي ٿي ۽ وڏي آواز ۾ رڙيون، دانهون ۽ سَڏَ بہ ڪندي پئي وڃي. ڀٽائي هن بيت ۾ سسئيءَ جي رڙين، دانهن ۽ سڏن کي ڪوئل جي مڌر آواز سان ڀيٽا ڏني آهي. هي واڪا، سڏ، پڪارون، آهون ۽ دانهون سسئيءَ جي اندرَ ۽ عشق جا آواز ۽ ورلاپ آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____