چاچو نواز علي کوسو : ٿر جو هڪ ديومالائي ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 سيپٽمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    چاچو نواز علي کوسو : ٿر جو هڪ ديومالائي ڪردار

    دولت رام کتري/مٺي

    ٿر ۾ لوڪ ڏاهپ جي انوکي ڪردار ۽ تاريخ جي پارکو چاچي نواز علي کوسي، جڏهن ڪارونجهر جي دامن ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪيا، ته ٿر جون هوائون سوڳوار بڻجي ويون. ڪارونجهر روئي ڏنو ۽ پارڪر جي پَڊن تي ڪولهين جا راسوڙا خاموش بڻجي ويا. پنهنجي سِيني ۾ ٿر جي تاريخ سانڍي رکندڙ هن ديو مالائي ڪردار کي سنڌ جا ماڻهو ٿر جي ”انسائيڪلو پيڊيا“ جي نالي سان پڻ ياد ڪن ٿا.
    سال ۱۹۲۶ع ۾ ڳوٺ ڪٻڙي ۾ جنم وٺندڙ ٿر جي تاريخ جي پارکو، چاچي نواز علي کوسي جو وڏو آدرش انسان دوستي هو. ٿر جي لوڪ ادب، ڏاهپ ۽ تاريخ جو ساکي نواز علي کوسو پارڪر جو هڪ مهمان نواز ماڻهو هوندو هو، جو وٽس سنڌ جا ڏاها، اديب، شاعر، محقق هن ماڻهوءَ وٽ ڪَهي ايندا هئا. انهن سُڄاڻ ماڻهن سان چاچو نواز علي کوسو ٿر جي تاريخ، ثقافت، لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ تي وڏا وڏا بحث ڪندو هو. وٽس ڄاڻ جو تمام گهڻو خزانو هوندو هو.
    سال ۱۹۹۲ع ۾ جڏهن انهيءَ وقت جي ٿر جي ڊي سي عبدالقادر منگي ٿر سيمينار ڪوٺايو هو، تڏهن ٿر جا ناليوارا اديب، محقق، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، انور پيرزادو، بدر ابڙو، عبدالله ورياهه ۽ ٻيا دوست، تاريخ جي هن ڄاڻو ماڻهو سان مليا ۽ ٿر جي تاريخ بابت مفيد معلومات چاچي نواز کان حاصل ڪئي. ٿر جي پيرائتي تاريخ ۵۰ سال اڳ رائيچند راٺوڙ قلمبند ڪئي هئي ۽ ٿر کي هڪ انمول ڪتاب ”تاريخِ ريگستان“ ڏئي ويو. رائيچند راٺوڙ کان پوءِ ٿر جي تاريخ تي ايترو ڪم نه ٿي سگهيو، جيڪو ٿيڻ گهرجي ها.
    چاچي نواز کوسي وٽ نه صرف ٿر پر ننڍي کنڊ جي تاريخ سيني ۾ سانڍيل هئي. هن سير سفر ڪندي ننڍي کنڊ جي اڌ کن علائقي جو سنئون سڌو مشاهدو ماڻيو. سنڌيءَ جا ٻه درجا پاس ڪندڙ هن شخص کي ننڍي کنڊ جون ڏند ڪٿائون ۽ لوڪ ڪهاڻيون ياد هونديون هيون. ٿر، راجسٿان، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي لوڪ ڪهاڻين توڙي انهن علائقن جي ٻولين جو به علم هوندو هئس. هن شخص ڪارونجهر جي مڪمل تاريخ پنهنجي سِيني ۾ سانڍي رکي، هن کي خبر هئي ته، ڪارونجهر جي آسپاس علائقي کي ڪيئن آباد ڪري سگهجي ٿو. هن کي اها به خبر هئي ته، ڪارونجهر جو پاڻي گڏ ڪري پارڪر ڪيئن آباد ٿي سگهي ٿو.
    هو ٿر جي تاريخ، لوڪ ادب، يا ڪنهن به موضوع تي ڳالهائڻ ويهندو هو ته، دليلن سان ڳالهائيندو هو. هُن جي لفظ لفظ ۾ وزن هوندو هو، هو پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ خوش مزاج ماڻهو هوندو هو.
    چاچو نواز کوسو ملنسار ۽ محبتون وکريندڙ ماڻهو هوندو هو. وٽس ڪو مهمان لنگهي ويندو هو ته هو انهيءَ کي بي پناهه محبتون ڏيندو هو. هو ٿر ۾ مذهبي هم آهنگيءَ جو اعليٰ مثال هو. هن جي مزاج ۾ انسان دوستي ۽ مذهبي رواداريءَ وارو ڪردار نظر ايندو هو. هو ٿر جو ڪو راوئتي وڏيرو به نه هو پر پوءِ به هو پنهنجي علائقي جي ماڻهن جا مسئلا ٻڌندي نظر ايندو هو ۽ ٿر جي غريب ماڻهن جي لاءِ ڇپر ڇانوءَ هو.
    چاچو نواز کوسو مسڪين جهان خان کوسي جو ٻيو روپ هو. سندس ڪردار ۾ مسڪين جهان خان کوسي جا آدرش نظر ايندا هئا. چاچو نواز کوسو ڀٽائيءَ جو پارکو پڻ هو. هن کي لطيف جي شاعري ۽ ڀڳت ڪبير جي شاعري تمام گهڻي ياد هوندي هئي.
    چاچو نواز کوسو ٿر جي تاريخ جو نرالو ماڻهو هوندو هو، جنهن وٽ علم ۽ ادب جو وڏو خزانو موجود هوندو هو. هن جي تاريخي ڪردار کي سنڌ واسي هرگز نٿا وساري سگهن. ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو هي امر ڪردار ڪارونجهر جي هنج ۾ سمهي پيو آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو سالن تائين هن جي ڏاهپ جا ڳڻ ڳائيندا رهندا.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    علي نواز کوسو : عرف ڪارونجهر جي موڪلاڻي

    امير منڌرو

    اها ۱۰ جولاءِ ۲۰۰۱ع جي رات هئي، جڏهن اسان صحافي ڇڪڙي جي ڇت تي چڙهي، وسندڙ مينهن ۾ بدين کان هڪ ڊگهو سفر ڪري اچي ننگر پارڪر ۾ پهتا هئاسين. گهڻي رات ٿي چڪي هئي. ننگر ۾ پهرين ئي تمام گهڻي رش هئي، سو اسان جي ٽوئر جي اڳواڻي ڪندڙ دوست مصطفي جمالي ۽ هارون گوپانگ پريشان ٿي ويا. رهڻ جي لاءِ اسان کي ڪا به جاءِ نه پئي سُجهي. اها ڪا گهڻي پراڻي ڳالهه به ناهي پر اڄ کان ڏهه، ٻارنهن سال پهرين ٿر ۾ روڊن ۽ رستن جو نه ڪو اهڙو ڄار وڇايل هو ۽ نه ڪو ننگر شهر ۾ اهي سهولتون موجود هيون، جيڪي هاڻي آهن. ارباب غلام رحيم جي ”سياسي بصيرت“ ۽ ”شيرين زباني“ جي ڪهاڻي پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن هو ورڪس اينڊ سروسز جو وزير ٿيو ۽ کيس اشفاق ميمڻ جهڙو سيڪريٽري ملي ويو ته ٿر جا اصل رنگ ئي بدلجي ويا. وزير اعليٰ ٿيڻ کانپوءِ هن ٿر ۾ ڪجهه وڌيڪ ترقي آندي. سو انهيءَ عالم ۾ اتي جنهن پوڙهي اسانجو آڌر ڀاءُ ڪيو، سو چاچا علي نواز کوسو هو. هن نم جي وڻ هيٺان اسان کي هوٽل واري کان کٽون وٺي رهايو، ۽ اهڙو قرب ڏنو، جو سڀني کي خريد ڪري ڇڏيائين. منهنجو اهو ٿر جو پهريون ڀيرو هو ۽ پهريون دفعو جنهن شيءِ مونکي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو، اهو هڪ اوچو ڪارونجهر هو ۽ ٻيو هو چرندڙ ڦرندڙ ڪارونجهر علي نواز کوسو. هن جون تصويرون جيڪي انهيءَ سفر ۾ حميد عمراڻي ڪڍيون، سي اڄ به ڪنهن قيمتي اثاثي جيان مون وٽ محفوظ آهن. خبر ناهي ته هو ڪيترو پڙهيل هو پر هن شخص جنهن انداز سان تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي ويهي ويچار ونڊيا ۽ پنهنجي ڏاهپ جا گل وکيريا، ان جهڙو داناٰءُ ماڻهو مون اڳ نه ڏٺو.
    اڄ کان ٻارنهن سال پهرين جڏهن چاچي علي نواز اسان کي پاڻ سان گڏ ڪارونجهر گهمايو پئي ته ٽرورٽ جي ٿلهي تان موٽندي مون هن کان پڇيو ته کيس هي هيترو علم آخر ڪٿان مليو؟ هن پنهنجي اڇي پٽڪي جو ور واريندي اهو ٻڌايو ته ٻاروتڻ ۾ هو ٻڪريون چاريندو هو، انهن ڏينهن ۾ جوهري، حڪيم، ساڌو، جوڳي، ڀڳت ۽ سامي ڪارونجھر جي ڪور مان اچي ٻوٽيون، پٿر ڳوليندا هئا ته ڪي وري اچي ديرو دکائي پنهنجا چلا ڪڍندا هئا. هن جي انهن سان سنگت ٿي وئي ۽ هن انهن جي ساٿ مان گهڻو ڪجهه پرايو. ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ موجود جين جي مندر سان هن جو تمام گهڻو انس هوندو هو. اسان ان کان پوءِ جڏهن به ڪارونجهر وياسين ته اهو ممڪن ئي ڪونه هو ته چاچا علي نواز کوسي جي حاضري نه ڀرجي. ۲۰۰۷ع کانپوءِ جڏهن حسن درس ۽ مسعود لوهار جو ساٿ مليو ته پوءِ سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ کي جوڳي بنجي لتاڙيوسين. ننگر پارڪر ۾ هر سال جڏهن به آياسين ته سردار کوسي جي اوطاق تي چاچا علي نواز سان ضرور ملياسين. حسن ۽ مسعود سان هو جڏهن ڪوروئن ۽ پانڊوئن جي ان جنگ تي ڳالهائيندو هو، جنهن بابت سندس خيال هو ته اها هتي لڳي هئي، ته سندس لفظن جي منظر نگاري ماڻهوءَ کي ميدان جنگ ۾ اچي بيهاري ڇڏيندي هئي. جين ڌرم کان وٺي اسلام تائين ۽ جيڪي بادشاهه ۽ حاڪم ريگستان مان سفر ڪري ويا، تن بابت هن جي ڄاڻ هڪ اٿارٽي جي حيثيت رکندڙ هئي. هن جو هيرو روپلو ڪولهي هو. هن جي دل ۾ انگريزن سان جنگ جوٽيندڙ ڪارونجهر جي ڪولهين جا انيڪ قصا مدفون هئا. هن جو روح ورهاڱي جي ورن وڪڙن ۾ وڃائجي چڪو هو. شايد تڏهن ئي سندس اکين ۾ لڙڪن بجاءِ لڏپلاڻ جا عڪس نظر ايندا هئا. هن اسان کي ٻڌايو هو ته، لڏپلاڻ، ورهاڱي جي شرطن ۾ شامل ئي نه هئي.
    هو ننگر جو هڪ اَورچ روح هو، جنهن کي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي ڀرپور دسترس هئي. هن مونکان پڇيو هو ته هاڻي اهو حسن مجتبيٰ ڪٿي آهي، جنهن اچي پهريون دفعو هڪ انگريزي مئگزين لاءِ انٽرويو ڪيو هو ۽ پوءِ کيس بين الاقوامي سطح تي شهرت ملي هئي. هن اسان کي اهي سڀ اخبارون ۽ رسالا وڏي چاهه منجهان ڏيکاريا، جن ۾ سندس پروفائيل ۽ انٽرويو ڇپيل هئا. نه رڳو اهو پر ڪارونجهر سان هن جو عشق هو، تڏهن ته ڪارونجهر جي اندر گرينائيٽ پٿر جي حاصلات لاءِ ٿيندڙ ڪوششن جي هن ڀرپور مخالفت ڪئي. هن کي ڪارونجهر جي پٿرن، جانورن، وڻن ۽ ٻوٽين بابت تمام گهڻي ڄاڻ هئي. جڏهن هو چُرندڙ ڦِرندڙ ڪارونجهر، ننگر جي ناسي مٽيءَ ۾ مدفون ٿي ويو ته دل اهو سوچڻ تي مجبور ضرور ٿئي ته ڪاش هن جي ڏاهپ جي ڊاڪيومينٽيشن ڪري وٺجي ها. هن جي جدائيءَ جي تعزيت انهيءَ ڪارونجهر سان ئي ڪجي، جيڪو کانئس پوءِ اداس آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو