جِنءَ سو هَرَڻُ هُماءُ، سَرگردان سَنسارَ ۾ هِيُ پَڳُ نہ کوڙَي پَٽِيَين، هُو ڌڙ سِرِ ڌرَي نہ ساهُ جَيڪُسِ تَنِ مُلاءُ، سَسُئِيءَ سُورَ پِرايا سر ديسي سسئي هَرَڻُ = هڪ قسم جو هڪ نريو هرڻ جنهن جي دُنَ ۾ مُشڪ جو ٻِيڙو ٿيندو آهي. هرڻ کي اها خبر ناهي هوندي تہ اها خوشبو ڪٿان اچي ٿي. تنهنڪري هر وقت ان کي ڳوليندي ڊوڙندو وتندو آهي. هُماءُ = هي هڪ قسم جو وهمي يا خيالي پکي آهي جيڪو عقاب جيان ٿيندو آهي. سدائين پيو آسمان ۾ اڏامندو آهي . ڏند ڪٿائي روايتن مطابق سندس پاڇو جنهن ماڻهون تي پيو سو بادشاھ يا بخت وارو ٿيندو. سرگردان = حيران، پريشان، چوڌاري ڦرندڙ، سک سان نہ ويهندڙ. سَنسارُ = جڳ، جهان، دنيا پَڳُ = پير، قدم پَٽِيَين = پَٽَ تي، زمين تي ڌڙ سِرِ ڌري نہ ساهُ = پنهنجي ڌڙ ۾ ساھ نٿو رکي جَيڪُسِ = شايد، يا تہ مُلاءُ = وٽان طرفان، کان بيت جو پس منظر ~ جيئن هرڻ ۽ هُما پکيءَ کي جڳ ۾ سڪون ناهي. ~ جيئن هرڻ زمين تي پير نٿو کوڙي ۽ هُما هميشهه بي آرام ۽ بي قرار آهي. ~ تيئن سسئيءَ بہ شايد انهن وٽان سور پرايا آهن. سمجهاڻي محبوب زندگي آهي، سر ساھ جو مالڪ ٿييندو آهي. ان جي وڇوڙي جو غذاب، اذيتون، پيڙائون، ڀوڳنائون، اوجاڳا ۽ اوسيئڙا جيءُ جهوري وجهندا آهن. نيڻن مان ننڊ ڀڙڪو کائي اڏامي هلي ويندي آهي. اکين جي پنبڻين مان موتين مالهائون وسي ڪنهن برسات جو ڏيک ڏينديون آهن. محبوب سواءِ سُک ۽ چين ڦٽي ويندو آهي. پنهونءَ پڄاڻان سسئي حيران ۽ پريشان آهي، سندس سک ۽ آرام ڦٽل آهي. هوءَ هر وقت هرڻ جيان جتن جي قافلي پٺيان ڊوڙندي ٿي وڃي. سسئيءَ جي حالت آسمان تي اڏامندڙ هما پکيءَ جهڙي آهي. جيڪو اڃ ۽ بک جي پرواھ نہ ڪندي هر پل ڪنهن جي تلاش ۾ اڏامندو رهي ٿو. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____
لَڳي ڪوسو واءُ،لوڪُ مِڙوئي لَھَسِئو، اُڀنِ منجهان آئيو،هيءِ ھيءِ جو هُڳاء طيُورن تنواريو، پنهوءَ پُڄاڻاءُ، رسِئو سُورُ شَبان کي، وجُوشن وٽانءُ، مِروئن موت قبوليو،اَپرِ اَفسوساءُ، بَرَ پُڻ ڪن بڪاءُ،اُڪنڊئا آرئ لءِ گهَڻُون،