سَسُئِيءَ لَنگِهيو سو، مَردَ جِنهِن ماتِ ڪِئا جَبَلُ وَڏو جو، نَوڻِ مِڙوئِي نِينهَن کَي سُرُ دَيسِي سَسُئِي سو = اُهو جبل ماتِ = چُپ، ماٺ نَوڻِ = هيٺاهين زمين، لسا پَٽَ نِينهَن = عشق، محبت، پيار بيت جو پس منظر ~ سَسُئيءَ اُهو پهاڙ پار ڪيو، جيڪو جُنگَ مڙسن کي جهڪايو ڇڏي. ~ هي اوچا جبل عشق وارن لاءِ هيٺاهين زمين جيان آهن. سمجهاڻي ڀٽائيءَ هن بيت ۾ سسئيءَ جي امر ۽ لازوال ڪردار جي ساراھ بيحد سهڻن لفظن ۾ ڪئي آهي. وِندر، پَٻُ ۽ هاڙهو جبل پنهنجي اوچاين، مٿانهن لڪن ۽ ورن وڪڙن سبب نهايت سخت ترين ۽ اوچن جبلن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. مٿين جبلن کي پار ڪرڻ لاءِ مردَ ماڻهون بہ وري وري سوچين ٿا، دليون هڻن ٿا نيٺ چُپ ٿي رُخُ مٽائين ٿا. پر هي اڪيلي عورت سسئي بنا ڪنهن سُونهَين جي جڏهن لَڪ لتاڙي ۽ جبل جهاڳي ٿي تہ ڀٽائي سسئيءَ جي دليري، بهادري ۽ ارڏائپ تي فخر محسوس ڪندي، کيس مَردَنِ کان مٿانهون سمجهي ٿو. ڀٽائيءَ جي خيال مطابق سسئيءَ ۾ اِها قؤت ۽ طاقت پنهونءَ جي عشق جي ڪري پيدا ٿي آهي. جو هيڏا اُتاهان پهاڙ بہ کيس هيٺاهين زمين ۽ لَسا پَٽَ لڳن ٿا. اچو سوچيون تہ : هن جيجل سنڌ سان اسان جي جيڪا لَنئُون لڳل آهي سا هن سسئيءَ واري عشق ۾ ڪڏهن تبديل ٿيندي...!!؟ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____