1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

اسان جي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جون چاليھ حديثون

'اقوال زرين' فورم ۾ راشد علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2015۔

  1. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ڪائنات جي نبي سيد الانبيآء حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي عصمت و طهارت کي مد نظر رکندي خالق اڪبر الله تبارڪ تعاليٰ پنهنجي ”لاريب“ بي عيب ڪتاب قرآن ڪريم ۾ سندن ئي لاءِ اطاعت ۽ فرمان برداري کي لازم ۽ واجب قرار ڏنوآهي. ايسيتائين جو نبي صلي الله علي وآله وسلم جن جي اطاعت کي الله تعالي پنهنجي اطاعت ۽ پنهنجي محبوب جي قول کي پنهنجو قول ۽ پنهنجي حبيب جي فعل کي پنهنجو فعل قرار ڏنو آهي.

    وما ينطق عن الهوٰ ي ان هو الا وحي يو حيٰ (سورة النجم) :

    اُنهي نبي صلي الله عليه وسلم جن جا مفيد ارشادات هن فورم تي دوستن جي خدمت ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا جيڪي اڪثر ڪتاب ”هدية الشيعہ“ مان ورتا ويا آهن

    حديث 01
    (1) عمل جي مهلت

    حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿاته:

    سڄاگ ٿيو! جڏهن ته اڄ توهان جون زبانون آزاد آهن ۽ جسم تندرست ۽ اعضاء اختيار ۾ آهن فضا ڪشاده ۽ ميدان وسيع آهن ۽ همت زياده ۽ گهڻي آهي عمل ڪري وٺو، انهي کان پهريان جو روح نڪري وڃي ۽ موت اچي وڃي.

    ڪتاب هدية الشيعه صفه 06
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 02
    مومن


    حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن مومن جي تعريف ڪندين ارشاد فرمائن ٿا ته :

    • مومن، مومن جي لاءِ آئينو آهي
    • مومن، مومن جو ڀاءُ آهي،
    • مومن اهو آهي جنهن کي ماڻهو پنهنجي جان مال جو امين تصور ڪن.
    • مومن معزز ۽ محترم هوندو آهي ۽ بدڪردار رسوا ۽ ذليل نه هوندو آهي.
    • اهل ايمان وٽ مومن جو مقام ائين آهي جئين بدن ۾ سر جو مقام آهي.
    • دعا مومن جو هٿيار آهي
    • نماز مومن جو نور آهي.
    • دنيا مومن جي لاءِ زندان (قيد خانو) ۽ ڪافر جي لاءِ جنت آهي.
    • موت مومن جي لاءِ تحفو آهي.
    • نماز شب ( تهجد ) مومن جي عظمت آهي.
    • علم مومن جو دوست آهي ۽ حلم مومن جو وزير آهي.
    • عقل مومن جو رهبر ۽ عمل ان جو قائد آهي، مهرباني ۽ تواضع ان جو پيءَ آهي، ڀلائي مومن جو ڀاءُ آهي ۽ صبر مومن جو امير لشڪر آهي .
    • مومن خدا جي حدودن جو پابند هوندو آهي

    ڪتاب هدية الشيعه صفحه 9
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث03

    مسلمان

    خاتم الانبيآء صلي الله عليه وآله وسلم جن مسلمان جا فرائض ٻڌائيندين ارشاد فرمائن ٿا :

    • مسلمان مسلمان جو ڀاءُ آهي .
    • علم جي طلب ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي.
    • هر مسلمان جي جان، مال ۽ عزت ٻئي مسلمان تي حرام آهي.
    • مسلمان جو مسلمان تي سلام ڪرڻ گهرجي .
    • جڏهن ڪو کيس دعوت ڏئي، قبول ڪرڻ گهرجي.
    • بيمار جي عيادت ڪرڻ گهرجي.
    • جڏهن ڪو مسلمان فوت ٿي وڃي ته ٻي مسلمان کي ان جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ فرض آهي.
    • مسلمان جو مسلمان تي ظلم ڪرڻ حرام آهي.


    ڪتاب هدية الشيعه صفه 9 تا آخر
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 04
    تجارت (واپار)

    حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن ارشاد فرمايوته:

    جيڪو شخص خريد ۽ فروخت ڪري اهو پنج ڳالهيون ياد رکي ۽ ان کان پرهيز ڪري نه ته خريد ۽ فروخت نه ڪري .

    (1) سودو ربا (وياج) (2) قسم کڻڻ (3) عيب جو پوشيده رکڻ (4) فروخت ڪرڻ وقت مال جي تعريف ۽ (5) خريد ڪرڻ وقت مال جي مذمت وڌيڪ فرمايائون :

    اي گروهه تُجار! پنهنجا سَر مٿي ڪري ڏسو ته توهان ماڻهن جي لاءِ رستو واضع ٿي چڪو آهي. توهان ماڻهو قيامت جي ڏينهن فاجر ٿي اٿندا ان ڪري تاجرفاجر آهي ۽ فاجر جهنم ۾ ويندو سواءِ ان تاجر جي جيڪو سچ ڳالهائي ۽ حق ڏئي ۽ حق وٺي .

    ڪتاب من لا يحضره الفقيه جلد 3 صفه 124
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 05
    تقوي

    پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن تقويٰ جي اهميت ٻڌائيندي فرمائين ٿا ته :

    · جيڪو تمام ماڻهن ۾ با عزت بڻجڻ چاهي ٿو ته انهي کي کپي ته الله جي لاءِ تقويٰ اختيار ڪري.

    · جيڪو ڊنو انهي تقويٰ اختيار ڪئي ۽ جنهن تقويٰ کي اپنايو اهو منزل مقصود تائين پهتو.

    · جيڪو تقويٰ نه رکندو هجي، جيڪو انهي کي تنهائي ۾ گناهه کان روڪي ته گويا انهي پنهنجي علم کي راهه عبادت ۾ صرف ناهي ڪيو.

    · صاحب تقويٰ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب آهي .

    · اگر توهان نماز ۾ اهڙي طرح سان بيٺا هجو جئين زمين ۾ کُتل ميخ ۽ اهڙي طرح روزه رکو جو سڪل ڪاٺي وانگر ڪمزور ٿي وڃو ۽ تير ڪمان وانگر جهڪي وڃو پوِءِ به خدا تعاليٰ توهانجو ڪوبه عمل قبول نه ڪندو جيستائين توهان وٽ گناهن کان پري رکڻ وارو زهد ۽ تقويٰ نه هجي.

    ” ڪتاب هديته الشيعه صفه 5 تا 20 ۽ ڪتاب گناهان ڪبيره جلد اول صفه 8 “
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 06
    دنيا

    حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا:

    · ڇا دنيا ۾ ڪو اهڙو آهي جيڪو موت کان پهريان غفلت جي خواب کان بيدار ٿئي.
    * دنيا هڪ اهڙو گهر آهي جتي انسان زهد اختيار ڪرڻ کان بغير سالم نٿو رهي سگهي.
    * جيڪو دنيا تي ڀروسو ڪندو الله انهي کي دنيا جي حوالي ڪري ڇڏيندو.
    * مونکي دنيا تي آرزو رکڻ واري تي تعجب آهي جنهن کي موت ڳولي رهي آهي.
    * دنيا جي محبت هر برائي جي پاڙ ۽ هر گناهه جو رستو آهي!
    * دنيا سان محبت ڪرڻ وارو ڪڏهن به آسماني بادشاهت ۾ داخل نٿو ٿي سگهي.

    ”ڪتاب هدية الشيعه صفحه 1 تا 24“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 07
    صدقو“

    حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن صدقي جي اهميت کي بيان ڪندي

    فرمائين ٿا ته :

    · هر نيڪي صدقو آهي

    · سٺي ڳالهه صدقو آهي.

    · جنهن شيءِ جي ذريعي انسان پنهنجي عزت بچائي اها شيءِانهي جي لاءِ صدقو آهي

    · افضل صدقو رشتيدارن سان ڀلائي ڪرڻ آهي.

    · صدقو بُري موت کان بچائيندو آهي.

    · مخفي(لڪائي صدقو ڏيڻ) صدقو الله جي غضب کان بچائيندو آهي

    · صدقو ڏيڻ وارو قيامت جي ڏينهن حساب ٿيڻ تائين پنهنجي صدقي جي سائي ۾ رهندو.

    · صدقو گناهن کي ائين ختم ڪندو آهي جيئن پاڻي باهه کي ختم ڪندو آهي

    · صدقو ڏئي ڪري دوزخ جي باهه کان بچو اگرچه کجور جي داڻي جو ڪجهه حصو ئي ڇو نه هجي

    · يقينن الله صدقي جي ذريعي ستر (70) قسم جي بري موت کي دور ڪندو آهي.

    · انهي صدقي جي ڏيندڙ شخص جي حساب ۾ آساني ٿيندي ۽ نيڪين جو پلڙو وزني رهندو، پل صراط تان آساني سان گذري ويندو ۽ جنت ۾ بلند ۽ اعلي مقام نصيب ٿيندو.

    ”ڪتاب هدية الشيعه صفحه 8 تا 41 ،454 “
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 08
    ”سڀ کان وڌيڪ ۽ سڀ کان گهٽ“

    حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه واله وسلم جن ارشاد فرمايو ته:

    جيڪو شخص پنهنجا فرائض ادا ڪري ڇڏي اهو سڀ کان وڌيڪ عبادت گذار آهي.

    • ۽ سڀ کان وڌيڪ سخي اهو آهي جيڪو پنهنجي مال مان زڪوات ادا ڪري .
    • ۽ سڀ کان وڌيڪ زاهد ۽ پرهيزگار اهو آهي جيڪو محرمات کان اجتناب ڪري.
    • ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ متقي اهو آهي جيڪو سچ ڳالهائي چاهي پنهنجا هجن يا مخالف هجن.
    • ۽ سڀ کان وڌيڪ عادل اهو آهي جيڪو ٻين جي لاءِ اهو ئي پسند ڪري جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري.
    • ۽ سڀ کان وڌيڪ هوشيار ۽ چالاڪ اهو آهي جيڪو موت کي شدت سان ياد ڪري .
    • ۽ سڀ کان وڌيڪ غافل اهو آهي جڪو دنيا جي تغيرات (تبديليون) کي ڏسي ۽ انهي منجهان نصحيت حاصل نه ڪري.
    • دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ قدر ۽ منزلت وارو انسان اهو آهي جيڪو دنيا جي ڪا قيمت نه سمجهي.
    • ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ عالم اهو آهي جنهن جي علم جي اندر تمام انسانن جا علوم جمع ٿي وڃن.
    • ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ شجاع اهو آهي جيڪو پنهنجي خواهشات تي غالب اچي وڃي.
    • جيڪو شخص علم ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي انهي جي قيمت سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ سڀ کان گهٽ قيمت انسان اهو آهي جنهن وٽ علم ٿورو آهي.
    • سڀ کان گهٽ لذت حاصل ڪرڻ وار حاسد آهي
    • سڀ کان گهٽ راحت حاصل ڪرڻ وارو بخيل آهي
    • سڀ کان گهٽ حرمت ۽ گهٽ عزت وارو مرد فاسق آهي.
    • ماڻهن ۾ سڀ کان گهٽ دوست رکڻ وارو بادشاهه آهي
    • سڀ کان وڌيڪ مفلس و فقير لالچي آهي،
    • سڀ کان وڌيڪ غني اهو آهي جيڪو حرص کان پاڪ هجي
    • ايمان ۾ سڀ کان افضل اهو آهي. جيڪو سڀ کان وڌيڪ سٺي اخلاق وارو آهي.
    • سڀ کان وڌيڪ مڪرم عزت وارو اهو آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ متقي آهي.
    • قدر و منزلت ۾ سڀ کان وڌيڪ اهو آهي. جيڪو بي معنيٰ ۽ بي مطلب ڳالهين کي ترڪ ڪري ڇڏي.
    • سڀ کان وڌيڪ پرهيزگار اهو آهي. جيڪو ڏيکاءُ کي ڇڏي ڏئي چاهي اهو ان جو حق رکندو هجي
    • ماڻهن ۾ سڀ کان گهٽ مروت وارو ڪوڙو آهي
    • ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ شقي القلب (سخت دل) بادشاهه هوندو آهي.
    • ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ قابل نفرت متڪبر (تڪبر ڪرڻ وارو) آهي.
    • سڀ کان وڌيڪ جهاد ڪرڻ وارو اهو آهي جيڪو گناهن کي ترڪ ڪري ڇڏي.
    • سڀ کان وڌيڪ سعيد ۽ خوش قسمت اهو آهي جيڪو مڪرم ماڻهن سان ميل جول رکي
    • سڀ کان وڌيڪ ذليل اهو آهي جيڪو ماڻهن جي بي حرمتي ۽ بي عزتي ڪري
    • سڀ کان وڌيڪ حزم ۽ احتياط وارو اهو شخص آهي جيڪو غصي کي کي ضبط ڪري
    • سڀ کان وڌيڪ باصلاحيت اهو شخص آهي جيڪو ماڻهن سان صلح رکي.
    • ۽ بهترين شخص اهو آهي، جنهن کان ٻيا ماڻهون نفع حاصل ڪن.

    ڪتاب : من لا يحضرهۡ الفقيه
    ”جلد 4 صفه 306“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 09
    سڀ کان پهريان

    حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿاته :

    * محشر جي ڏينهن سڀ کان پهريان خون جو فيصلو ڪيو ويندو

    * سڀ کان پهريان نماز جو حساب ٿيندو

    *سڀ کان پهريان حسن خلق کي ميزان ۾ رکيو ويندو.

    * هن امت مان سڀ کان پهريان حيا ۽ امانت کي کنيو ويندو.

    * سڀ کان پهريان جنت ۾ مونسان گڏ علي عليه السلام ويندو .

    * سڀ کان پهريان قيامت ۾ چئن شين جو سوال ٿيندو

    1) جواني جي متعلق سوال ٿيندو، ته انهي کي ڪهڙن ڪمن ۾ استعمال ڪيو.

    2) عمر جي متعلق : انهي کي ڪهڙن جاين ۽ ڪٿي گذاريو

    3) مال جي متعلق : ته انهي کي ڪٿان حاصل ڪيوَ ۽ ڪٿي خرچ ڪيو.

    4) محبت اهلبيت جي متعلق ته تو آل محمد سان محبت رکي يا دشمني .

    ” ڪتاب هدية الشيعه صفه 10، 11، 297 “
     
  10. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 10
    ” انسان ٻن شين کي پسند نٿو ڪري “

    حضرت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا ته:

    انسان ٻن شين کي پسند نٿو ڪري

    1) موت: جڏهن موت مومن کي دنيا وي آزمائش، تڪليفن، ڏکن ۽ صدمن کان آزاد ڪرائنيدي آهي ۽ جنت ۾ وڃڻ جو سبب بڻجندي آهي.

    2) مال ۽ دولت جي ڪمي: جڏهن ته مال ۽ دولت جو گهڻو هجڻ، آخرت ۾ حساب جي سختي جو سبب بڻجندو آهي ۽ نه هجڻ سان حساب ۾ ڪمي جو سبب آهي، ليڪن منهنجي امت انهي ڳالهه کي پسند نٿي ڪري.

    ” ڪتاب هدية الشيعه صفه 76“
     
  11. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 111
    توهان ۾ بهترين شخص ؟

    حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا ته :

    • توهان ۾ بهترين شخص اهو آهي جنهن پنهنجي سفر جي جلدي کي محسوس ڪندين پنهنجي لاءِ زاد راهه(سفر جو سامان) جمع ڪري ورتو
    • توهان ۾ بهترين شخص اهو آهي جنهن کي ڏسڻ سان خدا ياد اچي وڃي.
    • توهان ۾ بهترين شخص اهو آهي جنهن جو ڳالهائڻ توهان جي علم ۾ اضافي جو سبب بڻجي.
    • توهان ۾ بهترين شخص اهو آهي جيڪو فقر تي راضي هجي ، دنيا کان منهن موڙيل هجي ، عيبن کان پاڪ هجي ۽ گناهن جي آلودگي کان پاڪ هجي.
    • منهنجو بهترين امتي اهو آهي جنهن پنهنجي جواني اطاعت الاهي ۾ گذاري ۽ دنيا جي لذتن کان پاسو ڪيو ۽ آخرت جي لاءِ نيڪ عمل ڪندو رهيو. اهڙي شخص جي لاءِ الله وٽ جنت جا اعليٰ مقام آهن.

    ڪتاب هدية الشيعه صفه 25 26
     
    امدا علي قادري هيء پسند ڪيو آهي.
  12. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 12
    بي نمازي کي 18 سزائون

    حضرت عبدالله بن مسعود رضه چون ٿا ته:

    مان حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان ٻڌو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن پيا ته جيڪو مرد يا عورت نماز ۾ سستي ڪري ۽ نماز نه پڙهي، الله انهي کي ارڙنهن 18 قسمن جون سزائون ڏيندو. ڇهه دنيا ۾ “ ٽي موت جي وقت ٽي قبر ۾ ٽي محشر ۾ ۽ ٽي پل صراط تي.

    دنيا ۾ هي سزائون ملندس:

    1) انهي جي رزق مان برڪت کئنين ويندي،
    2) انهي جي زندگي ۾ برڪت ختم ٿي ويندي،
    (3) انهي جي چهري جو نور ختم ڪيو ويندو،
    (4) اسلام ۾ انهي جو ڪوبه حصو نه هوندو،
    (5) نيڪ ماڻهن جي دعائن ۾ اهو شريڪ نه هوندو،

    ڇ
    (6) انهي جي دعا منظور نه ٿيندي.

    موت جي وقت انهي کي هي سزائون ملنديون:
    ذليل ٿي مرندو، مرڻ وقت انهي جي جان تي پهاڙ جيترو وزن هوندو.
    پياسو ٿي مرندو، انهي وقت اگر انهي کي دنيا جو تمام پاڻي پياريو وڃي تڏهن به انهي جي پياس ختم نه ٿيندي.
    بکيو مرندو، انهي وقت اگر چه تمام دنيا جو کاڌو انهي کي کارايو وڃي تڏهن به انهي جي بک ختم نه ٿيندي۔

    قبر ۾ انهي کي هي سزائون ملنديون :
    انهي کي شديد غم سان منهن ڏيڻو پوندو .۽
    قبر انڌهاري هوندي.
    انهي جي قبر سوڙهي ڪئي ويندي جنهن ۾ ڏينهن قيامت تائين عذاب خدا ۾ هوندو، ۽ ملائڪ انهي کي ڪابه خوشخبري نه ٻڌائيندا .

    محشر ۾ هي سزائون ملندس :
    قيامت جي ڏينهن گڏهه جي شڪل ۾ اٿاريو ويندو.
    نامه اعمال انهي کي کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو.
    ۽ انهي جو حساب تمام وڏو ٿيندو.

    اهي سزائون جيڪي پل صراط تي ڏنيون ويندس:
    الله انهي جي طرف رحم نگاهه نه ڪندو ۽ نه ئي گناهن کان پاڪ ڪندو، انهي کان ڪنهن به قسم جو فديو قبول نه ڪيو ويندو، خدا وند تعاليٰ پل صراط تي هڪ هزار سال حساب ڪرڻ کان بعد ۾ انهي کي جهنم ۾ موڪلي ڇڏيندو انهي جو ثبوت سوره مدثر جي هي آيت آهي” ما سلککم في سقر قالوا الم نڪ من المصلين“ ترجمو اهل جهنم کان اهل جنت وارا پڇندا ته توهانکي ڪهڙي شي دوزخ ۾ وڌو آهي ته اهي اهل جهنم وارا چوندا ته اسان نمازين مان نه هياسين،

    ” ڪتاب هدية الشيعه صفحه 143
     
  13. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 13
    اهي ٽي شخص آهن

    حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا ته:

    1. آسمان، زمين، ۽ ملائڪ جنهن جي لاءِ ڏينهن رات استغفار ڪن ٿا اهي ٽي شخص آهن هڪ علماء ٻيو معلم(تعليم ڏيڻ وارو) و متعلم ٽيون سخاوت مند.
    2. ٽي اهڙا شخص آهن جن جي دعا رد ناهي ٿيندي هڪ سخي ٻيو بيمار ٽيون تائب(الله جي بارگاه ۾ خلوص دل سان توبه ڪرڻ وارو).
    3. ٽي اهڙا شخص آهن جن کي جهنم جي باهه مس نه ڪندي، شوهر جي فرمانبردار عورت 2 شوهر جي تنگدستي تي صبر ڪرڻ واري عورت 3 والدين سان نيڪي ڪرڻ وارو.
    4. ٽي شخص اهڙا آهن جيڪي ابليس جي شر کان محفوظ آهن هڪ: ڏينهن رات الله جو ذڪر ڪرڻ وارو: ٻيو بوقت سحر استغفار ڪرڻ وارو. ٽيون: خوف خدا ۾ روئڻ وارو.
    5. اهي ٽي شخص اهڙا آهن جيڪي بغير حساب جي جنت ۾ ويندا هڪ: اهو شخص جنهن پنهنجي قميص پاڻ ڌوتي ۽ ٻي قميص نه هجي. ٻيو: اهو شخص جنهن بورچي خاني ۾ ٻن قسمن جو کاڌو نه چاڙهيو هجي. ٽيو: اهو شخص جنهن وٽ اڄ جي روزي هجي ۽ سڀاڻ جي پرواهه نه هجيس.
    6. ٽي شخص اهڙا آهن جيڪي بغير حساب جي دوزخ ۾ ويندا هڪ: اهو شخص جنهن جي ڪاري مٿي ۾ سفيد وار اچي ويا هجن ۽ اهو زنا ڪري. ٻيو: اهو شخص جيڪو والدين جو نافرمان هجي ۽ ٽيون: اهو شخص جيڪو شراب پيئندو هجي.
    7. ٽي اهڙا شخص آهن جن جي غيبت ڪرڻ جائز آهي هڪ: ظالم حاڪم ٻيو: اعلانيه گناهه ڪندڙ ۽ ٽيون: شراب.
    8. ٽي اهڙا شخص آهن جن کي خدا پسند نٿو ڪري هڪ: احسان ڪري ياد ڏياريندڙ . ٻيون: رزق جي هوندي ڪنجوسي ڪرڻ وارو. ٽيون: فضول خرچي ڪرڻ وارو.
    9. ٽي شخص اهڙا آهن جن تي منهنجي لعنت آهي هڪ: اڪيلي (ماني) کائڻ واري. ٻيون: جهنگل ۾ اڪيلي سفر ڪرڻ واري تي . ٽيون: گهر ۾ اڪيلي سمهڻ واري تي. ( سواءِڪنهن عذر جي).
    10. حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا ته جيڪو شخص منهنجي اهلبيت سان محبت نٿو رکي اهو ٽن مان هڪ آهي هڪ: يا منافق ٻيو: يا ولد زنا ( پنهنجي پيءُ کان اعلاوه ڪنهن ٻئي جو پٽ ) ٽيون: يا حيضي حرامي هوندو آهي .

    ” ڪتاب هدية الشيعه صفحه 129. 170
     
  14. ثمر علي چانڊيو

    ثمر علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مارچ 2015
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ادا راشد هي هڪ بهترين سلسلو آهي الله سائين توهان کي توفيق ڏيندو انهي سلسلي کي آقا امام زمانه عجل الله تعالي فرجه الشريف جي چاليهن حديثن تائين انهي سلسلي کي جاري رکندو .....
    مولا اوهان جو حامي ۽ ناصر هوندو ان شاء الله
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 14
    غيبت

    سيد الانبياء حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا ته:

    جيڪو شخص ڪنهن مسلمان جي غيبت ڪري ته الله تعاليٰ ان جي چاليهه ڏينهن ۽ رات جي نماز ۽ روزه قبول نه ڪندو. سواءِ ان جي جو جنهن جي غيبت ڪئي آهي اهو معاف ڪري ڇڏي.

    وڌيڪ فرمايائون ته جيڪو شخص ماهه رمضان ۾ ڪنهن جي غيبت ڪري ته ان کي روزن جو ڪوبه اجر نه ملندو.

    سعيد بن جبير رضه چون ٿا ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو : قيامت جي ڏينهن هڪ شخص کي مقام حساب ۾ آندو ويندو ۽ ان کي پنهنجو نامه اعمال ڏنو ويندو، انهي شخص کي نامه اعمال ۾ ڪا نيڪي نظر نه ايندي ته هو چوندو ته پرور دگار ! هي ته منهنجو نامه اعمال ڪونهي ڇو جو هن ۾ مون کي پنهنجي ڪابه اطاعت نظر نٿي اچي.

    فرشتا ان کي چوندا ته تنهنجو رب ڀلجڻ ۽ ڀٽڪجڻ وارو ناهي تون ماڻهن جي غيبت ڪندو رهندو هوئين انهي جي لاءِ تنهنجا عمل ختم ٿي ويا .

    پوءِ وري ٻيو شخص پيش ٿيندو ان جو نامه اعمال ان کي ڏنو ويندو ته ان کي ان ۾ ڪيتريون ئي نيڪيون نظر اينديون، هو عرض ڪندو خدايا! هي منهنجو نامه اعمال ناهي ڇو جو مون هي نيڪيون نه ڪيون هيون ، جواب ملندس ته فلان شخص تنهنجي غيبت ڪئي هئي لهذا ان جون نيڪيون تنهنجي نامه اعمال ۾ منتقل ڪيون ويون آهن، حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي ته اهو شخص ڪوڙو آهي جيڪو خود کي حلال زادو سمجهندو آهي ۽ غيبت ڪري انسانن جو گوشت کائيندو آهي غيبت کان پرهيز ڪريو هي دوزخ جي ڪتن جي خوراڪ آهي.

    ٽي عمل عذاب قبر جو سبب آهن 1، چغل خوري 2، غيبت ڪرڻ 3، ڪوڙ ڳالهائڻ

    ڪتاب پند تاريخ جلد 5 صفه 197198
     
  16. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 15
    زاهدن جون خصوصيتون

    حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جن ارشاد فرمائن ٿا ته:

    زاهد انسان جون پنج خصوصيتون آهن:

    (1) ته هو قبرن ۽ مردن جون بوسيده لاشن کي فراموش ناهي ڪندو.

    (2) زاهد دنيا جي اضافي شين کي ترڪ ڪري ڇڏيندو آهي.

    (3) اهو باقي رهڻ وارين شين کي نابود ٿيڻ وارين شين تي ترجيح ڏيندو آهي.

    (4) ۽ (5) زاهد اهو آهي جو هو اچڻ واري ڏينهن (سنڀاڻ ) کي پنهنجي عمر ۾ شمار ناهي ڪندو ۽ خود کي مُردن ۾ شمار ڪندو آهي.

    ۽ وڌيڪ ابوذر ع کي نصيحت ڪندين فرمايائون ته اي ابوذر ع مبارڪ هجي دنيا ۾ زاهدن جي لاءِ ۽ انهن ماڻهن جي لاءِ جن آخرت سان دل لڳايو آهي، خداجي زمين کي پنهنجي لاءِ بساط ۽ ان جي خاڪ کي فرش ان جي پاڻي کي پنهنجي لاءِ عطر قرار ڏنو آهي، خدا جي ڪتاب کي پنهنجي اندروني لباس وانگر پنهنجي دل سان لڳايو آهي ۽ دعائن کي پنهنجي مٿان وارو لباس قرار ڏنوآهي ۽ پنهنجي پاڻ کي دنيا کان منقطع ۽ جدا ڪري ڇڏيو آهي.

    ڪتاب ” پيغمبر اسلام ص جون نصيحتون جناب ابوذر رضه کي “ جلد 1 صفه 226 تا 253
     
  17. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 16
    چئن شين کان نفرت نه ڪيو

    حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا ته:

    چئن شين کان نفرت نه ڪيو انهي جي لاءِ جو اهي چئن شين کان بچائينديون آهن.

    (1) زڪام کان نفرت نه ڪيو ڇو جو هي جذام کان امان ڏيندو آهي.

    (2) ڦرڙين کان نفرت نه ڪيو ڇوجو هي برص کان امان ڏينديون آهن

    (3) اکين جي اٿڻ کان نفرت نه ڪيو ڇو جو هي اندهي هجڻ کان بچائيندو آهي.

    (4) کنگهه کان نفرت نه ڪيو ڇو جو هي فالج جهڙي بيماري کان بچائيندو آهي

    ڪتاب هدية الشيعه صفه 240
     
  18. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث17
    بدنصيب

    حضور ﷺ جن فرمايو ته:

    چئن ڳالهين جي هوندي به ڪو هلاڪ ٿئي اهو بدنصيب آهي، جڏهن الله جو بندو نيڪي جو ارادو ڪندو آهي اگرچه اڃا تائين انهي تي عمل نه به ڪيو هجي تڏهن به حسن نيت جي وجهه سان هڪ نيڪي لکي ويندي آهي، جڏهن نيڪي جو عمل ڪندو آهي ته ڏهه نيڪيو لکيون وينديون آهن، برائي جي ارادي ڪرڻ تي برائي لکي ناهي ويندي، برائي ڪرڻ کان بعد به ستن ڪلاڪن تائين انهي کي مهلت ڏني ويندي آهي، نيڪيون لکڻ وارو فرشتو برائيون لکڻ واري فرشتي کي چوندو آهي، ته جلدي نه ڪر ممڪن آهي ته هي شخص انهي کان بعد ڪا اهڙي نيڪي ڪري جيڪا گناهن کي ختم ڪري ڇڏي، اگر ستن ڪلاڪن کان بعد ڪا اهڙي نيڪي نه ڪري ۽ استغفار نه ڪري ته انهي وقت نيڪيون لکڻ وارو فرشتو برائيون لکڻ واري فرشتي کي چوندو آهي ته هاڻي انهي بدبخت جي ڀلي برائي لک.

    ” ڪتاب هدية الشيعه صفه 251
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 18
    وڏيون ۽ ننڍيون مُڇون

    حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايوته:

    جيڪو شخص پنهنجي مُڇن کي وڏو رکرائي ٿو انهي کي چار جڳهن تي عذاب ڏنو ويندو، انهي کي منهنجي شفاعت نصيب نه ٿيندي 2، منهنجي حوض ڪوثر جو پاڻي نصيب نه ٿيندو 3، انهي کي قبر ۾ سختي سان عذاب ڏنو ويندو 4، منڪر نڪير غضب ناڪ حالت ۾ انهي وٽ ايندا، ” ۽ جنهن جون ننڍيون مڇون هونديون انهي کي الله ٽي نور عطا فرمائيندو ،1، چهري جو نور 2، قبر جو نور 3، قيامت جو نور ۽ انهي کان ٽي عذاب دور ڪندو 1، قبر جو عذاب 2، منڪر نڪير جو عذاب3، قيامت جي سختي جو عذاب

    ڪتاب هدية الشيعه صفه 134255
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 19
    چار جواهر چئن شين جي ڪري ختم ٿي ٿا وڃن

    حضور ﷺ جن فرمائن ٿا ته:

    چئن جواهرن کي چار بريون شيون ختم ڪري ڇڏينديون آهن، غضب، جوهر عقل کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. حسد جوهر دين کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي، طمع ، لالچ جوهر حياءَ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي، غيبت، عمل صالح جي جوهر کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي.

    ” ڪتاب هديته الشيعه صفه 255
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو