1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 45000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 45,000
    28000
  2. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

اسان جي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جون چاليھ حديثون

'اقوال زرين' فورم ۾ راشد علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2015۔

  1. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 20
    ” بادشاهه، علماءَ، عابد ۽ تاجر “

    حضورﷺ جن فرمائن ٿا ته:

    منهنجي امت جي خواص“ جي مدد کان بغير عوام جي اصلاح نٿي ٿي سگهي، پاڻ صه کان پڇيو ويو اهي خواص ڪير آهن، پاڻ ﷺ جن فرمايو چار طبقه خاص آهن اهي هي آهن، 1، بادشاهه 2، علماءَ، 3، عابد،4، تاجر

    · بادشاهه مخلوق جا ڌنار آهن جڏهن ڌنار رڍن وانگر ٿي وڃي ته ٻڪرين جي حفاظت ڪير ڪندو؟

    · علماءَ مخلوق جي لاءِ طبيب جي جاءِ تي آهن جڏهن طبيب خود ئي بيمار هجي ته مريضن جو علاج ڪير ڪندو؟

    · عابد مخلوق جا رهنما آهن ۽ جڏهن رهنما خود گمراهه ٿي وڃي ته راهه طئي ڪرڻ واري کي رستو ڪير ٻڌائيندو ؟

    · تاجر مخلوق ۾ الله جا امين آهن ۽ جڏهن امين ئي خائن بڻجي وڃي ته ٻين تي اعتماد ڪير ڪندو؟

    ” ڪتاب هدية الشيعه صفه 261 “
     
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 21
    ) ” اهي ماڻهو مونکان بيزار ۽ مان انهن کان بيزار آهيان“

    حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايوته:

    عنقريب منهنجي امت تي اهڙو وقت ايندو جو اهي پنجن شين سان محبت رکندا ۽ پنجن شين کي وساري ڇڏيندا،

    1.دنيا سان محبت ڪندا ۽ آخرت کي وساري ڇڏيندا.
    2. مال سان محبت ڪندا ۽ حساب کي وساري ڇڏيندا .
    3. عورتن سان محبت ڪندا ۽ حورن کي وساري ڇڏيندا.
    4. عالي شان محلاتن سان محبت ڪندا ۽ قبرن کي وساري ڇڏيندا .
    5. پنهنجي نفس سان محبت ڪندا ۽ پنهنجي ڪريم رب کي وساري ڇڏيندا.

    اهي ماڻهو مونکان بيزار آهن ۽ مان انهن کان بيزار آهيان.

    ” ڪتاب هدية الشيعه صفه 316
     
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 22
    (22)” ان جو ٺڪاڻو جهنم هوندو“

    حضور ﷺ جن فرمايو ته:

    جيڪو شخص پنجن شين ۾ خيانت ڪندو ته الله انهي کان بيزار هوندو، انهي شخص کي پنهنجي رحمت کان دور ڪري ڇڏيندو ۽ ان جو ٺڪاڻو جهنم هوندو،

    1. جيڪو شخص وضو ۾ خيانت ڪندو ۽ رسولﷺ جي فرمان مطابق وضونه ڪندو.

    2. جنهن شخص پنهنجي نماز ۾ خيانت ڪئي ۽ رسول ﷺ جي فرمان مطابق نماز ادا نه ڪئي

    3. جنهن شخص پنهنجي روزي ۾ خيانت ڪئي ۽ رسول ﷺ جي فرمان مطابق روزو نه رکيو

    4. جنهن شخص پنهنجي حج ۾ خيانت ڪئي ۽ رسول ﷺ جي فرمان مطابق حج نه ڪيو .

    5. جنهن شخص پنهنجي زڪوات ۾ خيانت ڪئي ۽ رسول ﷺ جي فرمان مطابق زڪوات ادا نه ڪئي ته ان شخص جو ٺڪاڻو جهنم هوندو.

    ” ڪتاب هدية الشيعه صفه 319
     
  4. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث23
    قبر روزانه پنج جملا چوندي آهي“

    حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته:

    ياد رکو قبر روزانه پنجن جملن سان توهان کي سڏي چوندي آهي. اي ابن آدم! هن وقت تون منهنجي پٺي تي هلي رهيو آهين ۽ منهنجي پيٽ ۾ تنهنجو اصل ٽڪاڻو آهي، اڄ منهنجي پٺي تي خوش ٿي رهيو آهين پر سڀاڻ تون منهنجي پيٽ ۾ غمگين هوندين، اڄ منهنجي پٺي تي حرام کائي رهيو آهين، سڀاڻ منهنجي پيٽ ۾ ڪيڙا کائيندئي ، اڄ منهنجي پٺي تي گناهه ڪري رهيو آهين ، سڀاڻ توکي منهنجي پيٽ ۾ عذاب ڏنو ويندو، اڄ منهنجي پٺيءَ تي کلي رهيو آهين،سڀاڻ منهنجي پيٽ ۾ روئيندين.

    ۽ وڌيڪ پاڻ ﷺ فرمايو پنج جمله چوندي آهي
    1. مان تنهائي جو گهر آهيان منهنجي طرف پنهنجو ساٿي وٺي اچو.

    2. مان نانگن جو گهر آهيان منهنجي طرف ترياق ( ڪنهن خاص بچاءُ واري شي جو نالو آهي) وٺي اچو.

    3. مان اونداهين جو گهر آهيان منهنجي طرف چراغ کنيون اچو.

    4. مان مٽي جو گهر آهيان مون وٽ بسترو کنيو اچو

    5. مان غربت جو گهر آهيان مون وٽ پنهنجي لاءِ خزانو کنيو اچو.

    ” ڪتاب هدية الشيعه صفه 323“
     
  5. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث24
    قرآن

    حضرت سرڪار دو عالم محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن قرآن ڪريم جي اهميت ۽ فضيلت کي بيان ڪندين ارشاد فرمائن ٿا ته:

    قرآن مجيد گمراهي جي لاءِ هڪ رهنما ۽ نابيني جي لاءِ بينائي ۽ نجات بخش آهي.

    خطائن کي بخشڻ جو سبب ۽ هر اندهيري جي لاءِ نور ۽ روشني آهي.

    حوادث ۾ نجات ڏيارڻ وارو آهي، هر هلاڪت کان بچائڻ وارو ۽ هر گمراهي ۾ رهنمائي ڪرڻ وارو آهي.

    هر فتني ۽ انحراف کي بيان ڪرڻ وارو ۽ انسان کي دنيا کان ( پستي کان سعادت ) آخرت جي طرف وٺي وڃڻ وارو آهي، ۽ ان ۾ توهان جي دين جو ڪمال آهي. ۽ قرآن مجيد کان ڪوبه شخص منهن ناهي موڙيندو سواءِ ان جي جنهن پنهنجو رُخ جهنم جي طرف ڪيو هجي.

    جيڪو به پنهنجي دين کي خدا جي ڪتاب ۽ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي سنت سان حاصل ڪندو آهي اهو پهاڙن کان وڌيڪ مستحڪم، ۽ جيڪو پنهنجي دين کي ماڻهن جي زبانن سان حاصل ڪندو آهي، اهي ئي ماڻهو ان کي دين کان منحرف ڪري ڇڏيندا .

    وڌيڪ فرمايا ئون مان پهريون شخص آهيان جيڪو قيامت جي ڏينهن خداءِ جبار جي حضور قرآن مجيد ۽ پنهنجي اهلبيت ع سان گڏ حاضر ٿيندس.

    ان کانپوءِ منهنجي امت حاضر ٿيندي ان کانپوءِ مان پڇندس توهان ماڻهن خدا جي ڪتاب ۽ منهنجي اهلبيت عليهم السلام سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ؟

    ڪتاب: پيغمبر اسلام جون نصيحتون جناب ابوذر عه کي جلد 2 صفه 256
     
  6. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 25
    ” مان توهانکي جنت جي ضمانت ڏيان ٿو“

    حضوراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته:

    توهان منهنجي ڇهه ڳالهين تي عمل ڪريو ته مان توهانکي جنت جي ضمانت ڏيان ٿو، گفتگو جي دوران ڪوڙ نه ڳالهايو ، واعده خلافي نه ڪيو، امانت ۾ خيانت نه ڪيو، نامحرمن کان نگاهون جهڪايو، شرمگاهن جي حفاظت ڪيو، پنهنجي هٿ ۽ زبان کي قابو ۾ رکو. ۽ وڌيڪ پڻ فرمايائون ، ڇهه ڪم جوان مردي جا آهن. ٽن جو تعلق حضر سان آهي ۽ ٽن جو تعلق سفر سان آهي، حضر جا ٽي ڪم هي آهن، الله جي ڪتاب جي تلاوت ، خدا جي مسجدن کي آباد رکڻ، ۽ ديني ڀاءُ کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏيڻ.

    ۽ جن ٽن ڪمن جو تعلق سفر سان آهي اهي هي آهن، پنهنجي همسفر دوست کي پنهنجي زاد (سامان) ۾ شريڪ ڪرڻ ، سٺي ۽ خوش اخلاق سان پيش اچڻ، اهڙي مذاح ڪرڻ جنهن ۾ گناهه جو امڪان نه هجي.

    ” ڪتاب هدية الشيعه صفحه 363“
     
  7. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 26
    ” رمضان جا روزا “

    حضور ﷺ جن فرمايو ته:

    جنهن مومن رمضان جا مڪمل روزه رکيا الله تعاليٰ انهي جي لاءِ ست شيون واجب قرار ڏيندو آهي انهي جي بدن مان حرام پگهر جي نڪري ويندو آهي، انهي کي پنهنجي رحمت جي قريب ڪندو آهي، حضرت آدم ع وانگر انهي جي خطائن کي معاف ڪندو آهي، انهي جي لاءِ سڪرات ۽ موت جا لمحه آسان ڪيا ويندا آهن، محشر جي بک ۽ پياس کان محفوظ رهندو، الله انهي کي جنت جو رزق عطا فرمائيندو، الله انهي کي دوزخ جي عذاب کان نجات ڏيندو.

    ” ڪتاب هدية الشيعه صفه 396 “
     
  8. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 27
    ” منهنجي ستن شخصن تي لعنت آهي“

    حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته:

    مان ستن شخصن تي لعنت ڪئي آهي ۽ مونکان پهريان جيڪي تمام مُستَجَاب الدُّعاء انبياء ع آهن انهن به انهي ستن شخصن تي لعنت ڪئي آهي. پچيو ويو يارسول الله اهي ست شخص ڪهڙا آهن؟

    پاڻ صلي الله عليه واله وسلم جن فرمايو ڪتاب خدا ۾ اضافو ڪرڻ وارو ، تقدير الهي کي ٺڪرائڻ وارو، منهنجي سنت جي مخالفت ڪرڻ وارو، منهنجي اهلبيت ع جي حرمت کي پائمال ڪرڻ وارو، جبر ۽ قهر جي ذريعي سان اقتدار ۾ اچي شرفاء کي ۽ غرباء کي رسوا ۽ ذليل ماڻهن کي بلند ڪرڻ وارو ۽ مسلمانن جي بيت المال کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ۽ انهي ۾ تصرف ڪرڻ وارو، حلال کي حرام ۽ حرام کي حلال قرار ڏيڻ وارو،

    ” ڪتاب هديته الشيعه صفه 397“
     
  9. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 28
    ”وياج جي مذمت“

    حضور صه جن فرمائن ٿا ته:

    وياج کائڻ واري وياج کارائڻ واري وياج وٺڻ واري ۽ وياج ڏيڻ واري وياج جو معاملو لکندڙ واري ۽ انهي معاملي تي گواهي ڏيندڙ ٻن عادلن تي منهنجي لعنت آهي

    بس جيڪو شخص وياج کائيندو الله انهي جي پيٽ کي انهي مقدار ۾ باهه سان ڀريندو جنهن مقدار سان انهي وياج کاڌو هوندو ۽ وياج خور جو الله ڪوبه عمل قبول ناهي ڪندو ۽ انهي وقت تائين خدا ۽ ان جي فرشتن جي لعنت انهي تي هوندي آهي جيستائين انهي وٽ هڪ واري جي ذريعي برابر به وياج جي مال مان ڪو باقي مال هجي.

    وڌيڪ فرمايائون ته وياج خورن جا پيٽ قيامت جي ڏينهن ايتري قدر وڌي ويندا جو هو پنهنجي پيٽ کي کڻي حساب نه ڏئي سگهندا، ڇو جو هنن جا پيٽ زمين سان گسندا پيا هوندا.

    ۽ وڌيڪ فرمايائون ته جڏهن منهنجي امت ۾ وياج کائڻ وڌي ويندو ته زلزله ۽ زمين ڦاٽي وڃڻ جا واقعات تمام گهڻا ٿي ويندا.

    وڌيڪ فرمايائون ته هڪ شخص پنهنجي ماءُ سان خانه خدا ۾ بي حرمتي ڪري۽ اهيو ڪم وياج کائڻ کان ستر 70 گنا هلڪو آهي.

    ۽ وڌيڪ فرمائيندي چيائون ليڪن ها ٽن جڳهن تي وياج جائز آهي.

    (1) پيءُ ۽ پٽ جي درميان وياج جائز آهي. ليڪن ماءُ ۽ پٽ جي درميان جائز ڪونهي.

    (2) زال ۽ مڙس جي درميان اهي پاڻ ۾ وياج جو معاملو ڪري سگهن ٿا مثلاَ سئو روپيه ڏئي ڪري ڍيڍسئو رپيه وٺي سگهن ٿا.

    (3) ڪافر حربي (يعني اهڙو ڪافر جيڪو مسلمان ۽ شرعي حڪومت ۾ نه هجي) انهي سان مسلمان وياج وارو معاملو ڪري سگهي ٿو.

    البته ڪافر حربي کان زياده وياج وٺي سگهجي ٿو ليڪن زياده ڏيڻ جائز نه آهي

    ڪتاب گناهان ڪبيره جلد دوّم صفه 99 تا 111
     
  10. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث29
    ”جنهن قوم تي الله ناراض ٿيندو آهي “

    حضور صه جن فرمايوته:

    جنهن قوم تي الله ناراض ٿيندو آهي ته ان وقت الله جي مڪمل عذاب کان پهريان ان قوم ۾ ست علامتون ظاهر ٿينديون آهن تمام شين جون قيمتون چوٽ چڙهي وينديون آهن عمريون گهٽ ٿي وينديون آهن تجارت ۾ نفعو ختم ٿي ويندو آهي فصلن مان برڪت ختم ٿي ويندي آهي بارش رڪجي ويندي آهي دريائن جو وهڻ رڪجي ويندو آهي. بدترين ماڻهو انهي قوم جا حاڪم بڻجي ويندا آهن

    ”ڪتاب هديته الشيعه صفه 399“
     
  11. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث30
    الله تعال ستن شخصن تي ٽي ٽي دفعا لعنت ڪئي آهي

    حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته:

    الله تعاليٰ ستن افرادن تي ٽي دفعا لعنت ڪئي آهي ۽ اهي بدنصيب ملعون هي آهن

    - اهو شخص جنهن قوم لوط وارو عمل ڪيو

    - اهو شخص جنهن جانور سان وطي (زنا ڪئي

    - اهو شخص جنهن زمين جا نشان تبديل ڪري ڪنهن ٻئي جي زمين تي قبضو ڪيو.

    - اهو شخص جنهن پنهنجي والدين کي گاريون ڏنيون

    - اهو شخص جنهن پنهنجي زال ۽ سَس ٻنهي سان جنسي تعلقات قائم ڪيا

    - اهو شخص جنهن پنهنجي پاڙيسري ڀاءُ جي گهرواري سان زنا ڪئي

    - اهو شخص جنهن غير الله يعني الله کان علاوه ڪنهن ٻئي جي لاءِ جانور ذبح ڪيو

    ”ڪتاب هديته الشيعه صفه 402“
     
  12. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 31
    مونکي ايتري تاڪيد ڪئي وئي!“

    حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته:

    مونکي جبريل عه عورتن جي باري ۾ خدا جي طرفان ايتري تاڪيد ڪئي ايستائين جو مونکي گمان ٿيڻ لڳو ته هو ان جي طلاق کي حرام قرار ڏئي ڇڏيندو.

    · غلامن جي لاءِ مونکي ايتري تاڪيد ڪئي ايستائين جو مونکي گمان ٿيو ته هو ان جي آزادي جو هڪ وقت مقرر ڪري ڇڏيندو.

    · مونکي پاڙي وارن جي حقن جي متعلق ايتري گهڻي تاڪيد ڪئي جو مون سمجهيو هو انهن کي وارث بڻائي ڇڏيندو.

    · مسواڪ جي متعلق ايتري گهڻي تاڪيد ڪئي جو مونکي فرض جو گمان ٿيڻ لڳو.

    · نماز جماعت جي متعلق ايتري گهڻي تاڪيد ڪئي جو مونکي گمان ٿيڻ لڳو ته الله کي بغير جماعت جي نماز قبول ئي ناهي.

    · ذڪر الاهي جي لاءِ انهي مونکي ايتري تاڪيد ڪئي جو مونکي گمان ٿيڻ لڳو ته انهي کان علاوه ڳالهه ئي نه ڪرڻ گهرجي.

    · نماز شب جي لاءِ مونکي ايتري تاڪيد ڪئي جو مونکي گمان ٿيڻ لڳو ته رات ننڍ ڪرڻ ئي جائز نه آهي

    وڌيڪ فرمايائون:-

    - دنيا بي گهر شخص جي لاءِ گهر آهي، بي مال شخص جي لاءِ مال آهي

    - انهي کي جمع اهو ڪندو آهي جنهن کي عقل ناهي .

    - انهي جي پيروي اهو ڪندو جنهن کي سمجهه ناهي

    - انهي جي سزا اهو ڀوڳيندو آهي جنهن کي علم ناهي

    - انهي جي لاءِ حسد اهو ئي ڪندو آهي جنهن کي بقا ناهي

    - انهي جي لاءِ جستجو اهو ڪندو آهي جنهن کي يقين ناهي.

    ”ڪتاب هديته الشيعه صفه ( 405-406)“
     
  13. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 32
    ”هر نسل جو سردار“

    حضور صه جن فرمايو ته:

    الله تعاليٰ هر نسل جو هڪ سردار بڻايو آهي

    - گڏهه کي پکين جو سردار بڻايو.

    - ڳئون کي چوپاين جو سردار بڻايو

    - شيهن کي تمام درندن جو سردار بڻايو

    - اسرافيل کي ملائڪن جو سردار.

    - حضرت آدم عه کي انسانن جو سردار

    - جمعه کي ٻين ڏينهن جو سردار

    - ماهه رمضان کي مهينن جو سردار

    - مونکي انبيائين عه جو سردار

    - ۽ علي کي تمام اوليائن عه جو سردار بڻايو آهي.

    ”ڪتاب هدية الشيعه صفحه 444“
     
  14. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 33
    ”گناهان ڪبيره 9 آهن“
    حضرت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي
    چئن جو تعلق زبان سان آهي شرڪ ، ڪوڙي گواهي، پاڪدامن عورت تي الزام هڻڻ، جادو

    ۽ ٻن جو تعلق پيٽ سان آهي وياج خوري، ظلم سان يتيمن جو مال کائڻ ۽ هڪ جو تعلق هٿ سان آهي، ناحق ڪنهن کي قتل ڪرڻ ۽ هڪ جو تعلق قدمن سان آهي، جهاد کان ڀڄڻ، هڪ جو تعلق ساڄي بدن سان آهي. – والدين جي نافرماني ڪرڻ – اگر هلاڪتن کان بچڻ چاهيو ٿا ته انهن نون گناهان ڪبيرا کان پنهنجي پاڻ کي بچايو.

    ”ڪتاب هديته الشيعه صفه 446“
     
  15. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 34
    ”جڏهن منهنجي امت ۾ ڏهه ڪم ظاهر ٿيندا“

    حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته:

    جڏهن منهنجي امت ۾ ڏهه ڪم ظاهر ٿي ويندا ته الله ج انهن کي ڏهه سزائون ڏيندو.

    · جڏهن دعا گهرڻ گهٽ ڪندا ته مصائب نازل ٿيندا

    · جڏهن صدقو ڏيڻ ڇڏي ڏيندا ته بيماريون وڌي وينديون .

    · جڏهن زڪوات بند ڪندا ته مويشي (چوپايو مال) هلاڪ ٿيندا.

    · جڏهن زنا عام ٿي ويندو ته اچانڪ موت وڌي ويندي.

    · جڏهن ڏيکاءُ ۽ رياڪاري وڌي ويندي ته زلزله وڌي ويندا.

    · جڏهن حڪم خدا جي خلاف فيصله ڪندا ته انهن تي دشمن جو غلبو ٿي ويندو.

    · جڏهن واعده خلافي ڪندا ته الله انهن کي قتل جي ذريعي آزمائيندو.

    · جڏهن ماپ تول ۾ ڪمي ڪندا ته انهن تي قحط کي مسلط ڪيو ويندو.

    ” (1) ڪتاب هديته الشيعه صفه 455

    (2) ڪتاب علل الشرائع باب 385 صفه 605“
     
  16. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 35
    )”مسواڪ جا ڏهه فائدا“

    حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته:

    مسواڪ (ڏندڻ ڏيڻ) ۾ ڏهه فائدا آهن.

    - وات کي پاڪ صاف ڪندو آهي – الله راضي ٿيندو آهي- شيطان ناراض ٿيندو آهي – ڪرامَا ڪاتبين محبت ڪندا آهن- ڏند مضبوط ٿيندا آهي- بلغم ختم ٿيندو آهي – وات ۾ خوشبو پيدا ٿيندي آهي – اکين کي قوت ملندي آهي - ۽ ڏندن جي ميراڻ ختم ٿي ويندي آهي.

    ”ڪتاب هديته الشيعه صفه 458“
     
  17. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 36
    ”گهڻو کلڻ“

    حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته:

    امور غير شرعي تي زياده کلڻ واري کي ڏهه سزائون ملنديون.

    - انهي جو دل مرده ٿي ويندو – انهي جي آبرو خوشي ختم ٿي ويندي - دشمن ۽ شيطان ان تي ٽوڪون ڪندا – الله تعالي ناراض ٿيندو – قيامت جي ڏينهن ان جو حساب سخت ٿيندو- زمين ۽ آسمان وارا ان سان بغض رکندا – نبي صه انهي کان منهن موڙي ڇڏيندو – انهي تي فرشته لعنت ڪندا - تمام ياد ڪيل ڳالهيون وسري وينديون – قيامت جي ڏينهن رسواءِ ذليل ٿيندو .

    ”ڪتاب هديته الشيعه صفه 460“
     
  18. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 37
    ”دعا قبول ڇو نٿي ٿئي؟

    هڪ دفعه حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن کان ڪنهن پڇيو! يا رسول الله هي ڪهڙي وجهه آهي جو اسانجون دعائون قبول نٿيون ٿين. حالانڪه خدا جو فرمان آهي ”ادعوني استجب لکم“ توهان مونکان دعا گهرو مان توهان جون دعائون قبول ڪندس. ليڪن انهي جي باوجود اسان جون دعائون قبول نٿيون ٿين آخر انهي جي قبول نه ٿيڻ جي وجه ڇا آهي؟ حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته:

    ڏهن شين جي وجهه سان توهان جا دل مرده ٿي ويا آهن.

    · توهان الله جي معرفت ته حاصل ڪئي، ليڪن انهي جي اطاعت نه ڪئي.

    · توهان قران مجيد ته پڙهيو، ليڪن انهي تي عمل نه ڪيو.

    · توهان رسول صه سان محبت جي دعويٰ ته ڪئي، ليڪن ان جي اولاد سان دشمني رکي

    · توهان شيطان سان دشمني جي دعويٰ ته ڪئي، ليڪن عملاَ ان جي پيروي ڪئي

    · توهان جنت جي محبت جي دعويٰ ته ڪئي ليڪن، انهي جي مطابق عمل نه ڪيو.

    · توهان دوزخ کان ڊڄڻ جي دعويٰ ته ڪئي،ليڪن پنهنجي بدن کي خود ان باهه ۾ وڌو

    · توهان ٻين جي عيبن تي ته نظر ڪئي. ليڪن پنهنجن عيبن کان بي خبر رهيو.

    · توهان دنيا سان بغض جي دعويٰ ته ڪئي، ليڪن خود دنيا کي گڏ ڪيو.

    · توهان مرڻ جو اقرار ته ڪيو ، ليڪن انهي جي لاءِ تياري نه ڪئي.

    · توهان پنهنجن هٿن سان مردن کي دفن ته ڪيو، ليڪن انهي مان عبرت حاصل نه ڪئي.

    انهن اسبابن جي وجه سان توهان جون دعائون قبول نٿيون ٿين.

    ”ڪتاب هديته الشيعه صفه 470“
     
  19. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 38
    ”ڏهن مختلف صورتن ۾ منهنجي امت ميدان محشر ۾“

    حضرت معاذ رضي الله تعالي عنه قيامت جي خوف ۽ وحشت جي متعلق رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم کان سوال ڪيو ته پاڻ صه جن فرمايو ته تو تمام وڏي ڳالهه پڇي آهي پوءِ پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي اکين مان ڳوڙها جاري ٿي ويا ۽ فرمايائون منهنجي امت جا ماڻهو ڏهن مختلف صورتن ۾ ميدان محشر ۾ داخل ٿيندا باندرن جي شڪل ۾ سُوئرن جي شڪل ۾ سَر هيٺ ۽ پير مٿي ۽ انهن جي چهرن کي زمين تي گهليو ويندو انڌها ، گونگا ۽ ٻوڙا ڪنهن جون زبانون انهن جي وات مان نڪتل هونديون ۽ سيني تي پيل هونديون، ڪنهن جا هٿ ۽ پير ڪٽيل هوندا ، ۽ ڪي جهنمي ڦاهين ۾ لٽڪيل هوندا ۽ ڪي مردار کان وڌيڪ بدبودار هوندا – ڪي پگهريل تارڪول جا لباس پاتل هوندا جيڪي انهن جي جسمن سان چنبڙيل هوندا.

    چغل خور باندرن جي شڪل ۾ هوندا – مال حرام کائڻ وارا سوئرن جي شڪل ۾ هوندا- جن جا سَر هيٺ هوندا اهي وياج خور هوندا- انڌها غلط فيصله ڪرڻ وارا هوندا – گونگا ۽ ٻوڙا خودپسند ماڻهو هوندا جن جون زبانون نڪتل هونديون اهي غيبت ڪرڻ وارا هوندا پاڙي وارن کي آزار ڏيڻ وارن جا هٿ پير ڪٽيل هوندا – ڦاهين تي اهي ماڻهو لٽڪيل هوندا جيڪي ماڻهن کي ظالم طاقتورن جي خوني ڄار ۾ فاسائيندا هوندا- بدبودار اهي ماڻهو هوندا جيڪي نفس جي لگام کي شهوت ۽ ڪامراني جي حوالي ڪرڻ وارا هوندا ۽ حَقوق الاهي جي پرواهه نه ڪندا هوندا- ۽ آخري ماڻهو اهي هوندا جيڪي متڪبر ۽ مفتخر هوندا جيڪي خدا جي بندن تي پنهنجي وڏائي ڄمائيندا هوندا

    ”ڪتاب هديته الشيعه صفه 467“
     
  20. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث39
    ”فضائل حضرت علي عليه السلام بزبان حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم “

    حضرت جابر بن عبدالله جو قول آهي ته:

    مان حضور صه جن کان ٻڌو ته پاڻ صه جن فرمائي رهيا هيا ته الله تعاليٰ ج علي عه کي ڪجهه اهڙا فضائل عطا فرمايا آهن جو پوري دنيا وارن کي انهن مان هڪ فضيلت به نصيب ٿئي ته هي ان جي لاءِ فخر لاءِ ڪافي آهي.

    · ته جنهن جنهن جو مان مولا آهيان ان ان جو علي عه مولا آهي.

    · علي عه مونسان ائين آهن جيئن موسيٰ عه سان هارون عه

    · علي عه مون مان آهي ۽ مان علي مان آهيان

    · علي عه مون سان بمنزلت منهنجي جان جي آهن جيڪو علي عه جي اطاعت ڪندو انهي منهنجي اطاعت ڪئي ۽ جنهن علي عه جي نافرماني ڪئي انهي منهنجي نافرماني ڪئي

    · علي عه سان جنگ الله سان جنگ ۽ علي سان صلح الله سان صلح آهي.

    · علي جو دوست الله جو دوست ۽ علي عه جو دشمن الله دشمن آهي.

    · علي عه الله جي حجت ۽ بندن تي الله جوخليفو آهي.

    · علي عه سان محبت ايمان آهي ۽ علي عه سان بغض ڪفر آهي

    · علي عه جو گروه الله جو گروه ۽ علي عه جي دشمن جو گروه شيطان جو گروهه آهي.

    · علي عه حق سان گڏ ۽ حق علي سان گڏ آهي.

    · علي عه جنت ۽ جهنم کي تقسيم ڪرڻ وارو آهي.

    · علي عه مومن ۽ منافق جي پهچان آهي، يعني يا علي عه چوڻ سان مومن ۽ منافق جي خبر پوندي (جيڪو علي عه کان جدا ٿيو اهو مون کان جدا ٿيو ۽ جيڪو مون کان جدا ٿيو اهو الله ج کان جدا ٿيو)

    · علي عه جا شيعه ئي قيامت جي ڏينهن ڪامياب ٿيڻ وارا آهن.

    ”ڪتاب هديته الشيعه صفه 537“

    ڪتاب خوشبوءِ حيات صفه 54 تا 60“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو