1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

اسان جي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جون چاليھ حديثون

'اقوال زرين' فورم ۾ راشد علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2015۔

  1. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث 40
    ) ”حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جون پنهنجي وصي ۽ نائب حضرت علي عليه السلام کي وصيت“

    حضور اڪرم صلي الله عليه واله وسلم جن حضرت علي عليه السلام کي مخاطب ٿي چيو ته:

    يا علي عليه السلام مان توکي اهڙي وصيت ڪيان ٿو اگر تو انهي کي ياد رکيو ته باڪرامت زندگي پائيندين ۽ شهادت جي موت حاصل ڪندين ۽ خدا توکي بروز قيامت فقيه عالم بڻائي ڪري مبعوث فرمائيندو.

    · يا علي عليه السلام! تون ڄاڻ ته مومن جون ٽي نشانيون آهن، روزا ،نماز صدقو

    · يا علي عليه السلام ! منافق جون ٽي نشانيون آهن: جڏهن ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائيندو. واعدو ڪندو ته واعده خلافي ڪندو ۽ جڏهن کيس امين بڻايو وڃي ته خيانت ڪندو ۽ نصيحت انهي کي ڪوبه فائدو نه ڏيندي.

    · يا علي عليه السلام! رياڪار جون ٽي نشانيون آهن: رڪوع ۽ سجود پورو ادا نه ڪندو ماڻهن جي سامهون وڏي ۽ ڊگهي نماز پڙهندو ۽ اگر ڪو ناهي ته عبادت نه ڪندو جلوت ۾ بڪثرت ذڪر خدا ڪندو ۽ خلوت ۾ خدا کي وساري ڇڏيندو.

    · يا علي عليه السلام! ظالم جون ٽي نشانيون آهن:- پاڻ کان گهٽ تي ظلم ڪندو، رزق حرام جي حصول سان خوش ٿيندو ۽ انهي کي اها پرواهه نه هوندي ته هو ڪٿان کائي رهيو آهي.

    · يا علي عليه السلام! حاسد جون ٽي نشانيون آهن، موجودگي ۾ خوشامد ڪندو پس پشت غيبت ڪندو، غلط گواهي ڏيندو.

    · يا علي عليه السلام! سُست جون ٽي نشانيون آهن: اطاعت الاهي ۾ سستي ڪندو پنهنجي آرام جي وجهه سان عبادت کي ضايع ڪندو ۽ نماز ۾ ايتري تاخير ڪندو جو ان جو وقت ئي ختم ٿي ويندو.

    · يا علي عليه السلام تائب جون ٽي نشانيون آهن: گناهه کان بچڻ علم جي طلب ۾ حرص جهڙي طرح کير ٿڻن ۾ واپس ناهي ويندو اهڙي طرح سان اهو به ٻيهر گناهه ناهي ڪندو.

    · يا علي عليه السلام! عاقل جون ٽي نشانيون آهن، دنيا کي حقير سمجهڻ، جفائن کي برداشت ڪرڻ ، مصائب ۽ صدمن تي صبر ڪرڻ،

    · يا علي عليه السلام! حليم جون ٽي نشانيون آهن: قطع رحم ڪرڻ واري سان صله رحمي ڪرڻ، محروم رکڻ واري کي عطا ڪرڻ، ظالم کي به بدعا ناهي ڏيندو

    · يا علي عليه السلام! احمق جون ٽي نشانيون آهن: فرائض الاهي ۾ سستي، الله جي بندن سان مذاق ڪرڻ، الله جي ذڪر کان علاوه ڪثرت سان گفتگو ڪرڻ.

    · يا علي عليه السلام! لائق ۽ شائسته شخص جون ٽي نشانيون آهن: الله ج ۽ پنهنجي درميان اصلاح عمل سٺائي سان ڪندو آهي، پنهنجي دين جي اصلاح علم سان ڪندو آهي، ۽ ماڻهن جي لاءِ اهو ئي پسند ڪندو آهي جيڪو پاڻ لاءِ پسند ڪندو آهي.

    · يا علي عليه السلام! متقي جون ٽي نشانيون آهن: بري هم نشين ۽ ڪوڙي دوست کان بچندو آهي، ڪنهن جي غيبت ناهي ڪندو، حرام ۾ مبتلا هجڻ جي خوف ۾ ڪجهه حلال به ڇڏي ڏيندو آهي،

    · يا علي عليه السلام! سنگ دل جون ٽي نشانيون آهن:- ڪمزور تي رحم ناهي ڪندو ٿوري شي تي قناعت ناهي ڪندو، ۽ انهي کي نصيت ڪوبه فائدو ناهي ڏيندي

    · يا علي عليه السلام! صديق جون ٽي نشانيون آهن: صدقي کي لڪائڻ ، مصيبت کي لڪائڻ، ۽ عبادت کي لڪائڻ،

    · يا علي عليه السلام! فاسق (بي دين) جون ٽي نشانيون آهن، فساد سان محبت، انسانن کي نقصان ڏيڻ ۽ راهه راست کان پاسو ڪرڻ ،

    · يا علي عليه السلام! عابد جون ٽي نشانيون آهن، ذات الاهي جي وجهه سان پنهنجي نفس کي قصور وار بڻائڻ، رضائي الاهي جي لاءِ پنهنجي خواهشات کي ناپسند ڪرڻ، ۽ خدا جي حضور ڊگهي عبادت ڪرڻ،

    · يا علي عليه السلام! مخلص جون ٽي نشانيون آهن، مال دولت سان بغض رکڻ دنيا سان بغض رکڻ، خدا جي نافرماني سان بغض رکڻ

    · يا علي عليه السلام! عالم جون ٽي نشانيون آهن:- قدرت رکڻ جي باوجود معاف ڪرڻ، زڪوات جي ادائيگي، حب صدقه.

    · يا علي عليه السلام! سٺي دوست جون ٽي نشانيون آهن: پنهنجي مال کي تنهنجي مال کان حقير سمجهڻ، پنهنجي عظمت ۽ احترام کي تنهنجي عزت ۽ عظمت کان گهٽ سمجهڻ ۽ تنهنجي جان ۽ تنهنجي راز کي محفوظ رکندين گهٽ سمجهي.

    · يا علي عليه السلام! فاجر جون ٽي نشانيون آهن: قسمون کائي ڪري بدڪاري ڪندو آهي، عورتن جي ذريعي دوکو کائيندو آهي، ۽ بي گناهه تي بهتان لڳائيندو آهي.

    · يا علي عليه السلام! ڪافر جون ٽي نشانيون آهن. الله جي دين ۾ شڪ ڪرڻ، الله جي بندن سان دشمني رکڻ، ۽ اطاعت الاهي ۾ غفلت ڪرڻ،

    · يا علي عليه السلام! بدڪار جون ٽي نشانيون آهن: عذاب الاهي کان بي خوف رهڻ، الله جي رحمت کان مايوس ٿيڻ، ۽ رسول الله جي مخالفت ڪرڻ،

    · يا علي عليه السلام بدبخت جون ٽي نشانيون آهي، حرام جو لقمو کائڻ، علماءِ جي صحبت کان پنهنجي پاڻ کي بچائڻ، محتاجن تي رحم نه ڪرڻ،

    · يا علي ععليه السلامه! خوش نصيب جون ٽي نشانيون آهن:- پنهنجي وطن ۾ رزق حلال جو بندوبست هجڻ، علماءِ جي هم نشيني، ۽ پيش امام سان گڏ پنج ئي وقت نماز با جماعت پڙهڻ،

    · ياعلي عليه السلام! بدنصيب جون ٽي نشانيون آهن: رزق حرام کائڻ وارو علمائن کان دوري اختيار ڪرڻ وارو، تنها نماز پڙهڻ وارو،

    · يا علي عليه السلام! جهنمي جون ٽي نشانيون آهن، تڪبر، خود پسندي، بداخلاقي / وڌيڪ وصيت ڪندين فرمايائون،

    · يا علي عليه السلام! دنيا جي زينت ٽي شيون آهن ، مال، اولاد، عورت،

    · يا علي عليه السلام! آخرت جي زينت به ٽي شيون آهن، علم، تقويٰ ، صدقه

    · يا علي عليه السلام! بدن جي زينت ٽي شيون آهن، گهٽ سمهڻ، گهٽ کائڻ، گهٽ ڳالهائڻ

    · يا علي عليه السلام! عقل جي زينت به ٽي شيون آهن:- صبر، شڪر ، خاموش / وڌيڪ امام علي عه کي وصيت ڪندين فرمايائون،

    · يا علي عليه السلام! مان توکي ٽن خصلتن کان روڪيان ٿو، حسد ، حرص، ڪوڙ،

    · يا علي عليه السلام! ٽي خصلتون اعمالن جون سردار آهن: پنهنجي جان جي خلاف به ماڻهن کي انصاف مهيا ڪري ڏيڻ، ديني ڀاءُ جي غمگساري ڪرڻ، ۽ هر حال ۾ الله کي ياد ڪرڻ،

    · يا علي عليه السلام! مومن کي دنيا ۾ ٽي خوشيون نصيب ٿينديون آهن ڀائرن سان ملاقات جي خوشي، روزي جي افطار جي خوشي آخري رات ۾ نماز تهجد جي خوشي،

    · يا علي عليه السلام! جنهن ۾ ٽي شيون نه هجن انهي جو ڪوبه عمل مقبول نه ٿيندو تقويٰ جيڪا خدا جي نافرماني کان روڪي سگهي، حسن خلق جنهن سان ماڻهن سان ادب سان پيش اچي سگهي، حلم جنهن جي ذريعي سان جهالت جو مقابلو ڪري سگهي.

    · يا علي عليه السلام! ٽي شيون ايمان جي حقائقن مان آهن: غربت جي حالت ۾ الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ، پنهنجي نفس کان ماڻهن کي انصاف مهيا ڪري ڏيڻ، ۽ طالب علم جي لاءِ علم کي خرچ ڪرڻ،

    · يا علي عليه السلام! ٽن شين جو تعلق مڪارم اخلاق سان آهي، انهي کي عطا ڪرڻ جنهن توکي محروم رکيو، جنهن توسان قطع رحمي ڪئي، انهي سان صلئه رحمي ڪرڻ، ۽ جنهن توتي ظلم ڪيو هجي انهي کي معاف ڪرڻ.

    · يا علي عليه السلام! جيڪو شخص ٽي شيون کڻي الله جي حضور پيش ٿيو اهوماڻهن کان افضل آهي، جنهن پنهنجا فرائض ادا ڪيا اهو سڀ کان وڏو عابد آهي، جيڪو الله جي حرام ڪيل شين کان رڪجي ويو اهو سڀ کان وڏو پرهيزگار آهي، جنهن خدا جي ڏنل رزق تي قناعت ڪئي اهو سڀ کان وڏو قانع آهي.

    · يا علي عليه السلام! ٽن قسمن جي ماڻهن جي هم نشيني دل کي مرده بڻائي ڇڏيندي آهي ذليل ماڻهن جي هم نشيني، دولت مندن جي هم نشيني ، عورتن جي هم نشيني ،

    · ياعلي عليه السلام ٽي شيون حافظه کي قوي ۽ مرض کي دفع ڪنديون آهن ڪندر (هڪ ٻوٽي جو نالو آهي) مسواڪ، ۽ تلاوت قران مجيد،

    · يا علي عليه السلام ٽي شيون وسواس جو باعث آهن، مٽي کائڻ، ڏندن سان ننهن ڪٽڻ، ڏاڙهي جو چٻاڙڻ،

    · يا علي عليه السلام! ٽي شيون هلاڪت جو سبب آهن، حسد، حرص، تڪبر،

    · يا علي عليه السلام! ٽي ڪم دل کي سخت ڪري ڇڏيندا آهن، راڳ ۽ موسيقي تي ڪن ڏيڻ، شڪار ڪرڻ، ۽ بادشاهه (۽ وڏيرن) جي درٻار ۾ اچڻ وڃڻ

    · يا علي عليه السلام! زندگي جو لطف ٽن شين ۾ آهي، ڪشادهه گهر ۾ خوبصورت گهر واري ۾ ننڍي پيٽ جو گهوڙو (ڇو جو اهو تيز رفتار وارو هوندو آهي.)

    ڪتاب هديته الشيعه صفه 140 تا آخر

    اللهم صَلّ عليٰ مُحَمد وّ آل مُحمد
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا حوصله افزائي ڪرڻ جي مهرباني.
    اوهان جي دعا رهي ته انشاء الله هن سلسلي کي جاري رکنداسين.
     
  3. سونا فقير

    سونا فقير
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2016
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    36
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    تمام بهترين سلسلو آهي، خدا اوهان کي وڌيڪ توفيق عطا فرماء
     
  4. آزاد لاکو

    آزاد لاکو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 جولائي 2015
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماشاالله زبردست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو