ڀولڙي جي مرڻ تي ڳوٺاڻن مٿا ڪوڙائي ڇڏيا

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2015۔

  1. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    ڀوپال: ڀارت جي مرڪزي رياست مڌيه پرديش جي ڪچي واري علائقي دڪاچيه ۾ تقريبن ٻه سئو ڳوٺانن مقامي مندر ۾ رهندڙ هڪ ڀولڙي جي موت جي غم ۾ پنهنجا مٿا ڪوڙائي ڇڏيا آهن، برطانوي خابرو اداري مطابق ڀولڙي جو موت تلاءُ ۾ ٻڏي وڃڻ سبب ٿي جڏهن هو ڪجهه کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ان خوف ۾ ته ڀولڙي جي موت انهن لاءِ بدقسمتي کڻي اچي سگهي ٿي، ڳوٺاڻن هندو رسمن مطابق ڀولڙي جي لاش کي ساڙي ڇڏيو، ان موقعي تي 700 ٻين ماڻهن به پنهنجا مٿا ڪوڙايا، هندو رسم ۽ رواج مطابق ڀولڙن کي مقدس سمجهيو ويندو آهي ۽ ڀارت ۾ هنومان لاءِ مندر ٺاهيا ويندا آهن، هنومان کي عام طور تي انساني جسم سان ڏيکاريو ويندو آهي جنهن تي ڀولڙي جو چهرو ۽ پڇ لڳل هوندو آهي هنومان جي مڃيندڙن جو يقين آهي ته انهي جي عبادت سان ڪنهن به خوف ۽ خطري کان محفوظ رهجي سگهي ٿو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو